• ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس جو لاڳاپو
ٻئي طرف لوڪ ڏاهپ وري سماج جي گڏيل مشاهدن ، تجربن ۽ نتيجن مان ڦٽي نڪري ٿي . اهو عام ماڻهن جو صدين جو توريل تڪيل تجربو آهي . ان ڪري لوڪ ڏاهپ کي سائنس جي بنيادن مان هڪ بنياد چئي سگهجي ٿو. ڪوبه هڪ جهڙو عمل ، بار بار ساڳيا نتيجا ڏي ته اهو سائنس جو حصو بڻجي ويندو آهي. انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ به هزارين سالن کان ساڳيا نتيجا ڏيندي سائنس جو بنيادي دستاويز بڻجي ويا آهن . جنهن کي رد ڪري نه ٿو سگهجي . ٿر جيئن ته سنڌ جو اهڙو حصو آهي . جتي دنيا جي جديد سائنسي ترقي جو اڃان تائين ڪو پاڇو نه پيو آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ هزارين سالن کان ماڻهن جي دردن جو درمان ڪندي اچي . ساڳيا نتيجا ڏيندي پئي اچي . هي اهڙي لوڪ ڏاهپ آهي جنهن نتيجا ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ماڻهن سان دوکو نه ڪيو آهي. هزارين سالن کان ٿري سماج انهي لوڪ ڏاهپ جي سائنس جي سهاري پنهنجي پوري سگهه سان جيئندو اچي. ٿر ۾ جيئن ته زندگي جي جياپي جو سمورو دارومدار برسات جي وسڻ تي آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ برسات وسڻ يا نه وسڻ جون پيشنگويون اڳواٽ ڪيل آهن . جيئن ماڻهو ايندڙ حالتن جي اچڻ کان اڳواٽ خبردار هجن ، ۽ پنهنجي گهربل تياري اڳواٽ ڪري سگهن . ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ هڪ سال اڳواٽ ئي ماڻهن کي ايندڙ حالتن کان آگاهه ڪيو ويو آهي . جيئن ماڻهو ايندڙ حالتن جي مقابلي لاءِ موثر رٿابندي ڪري سگهن . ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو سمورو دارومدار لڳاتار مشاهدي ۽ تجربي تي آهي . ٿري لوڪ ڏاهپ آسمان ، زمين ، نکٽن ، سج ، چنڊ ، ستارن ، جانورن ، وڻن ، پکين ، جيتن ، هوائن ، گرمي ، سردي ، ڌاتن ، ۽ کاڌخوراڪ جي شين جوگهرائي سان مشاهدو ڪري ، بار بار تجربن جي روشني ۾ نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش آهي . ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي سائنس نتيجا ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ٿر جي ماڻهن سان ويساهه گهاتي نه ڪئي آهي . اهوئي سبب آهي جو ٿري سماج پنهنجي لوڪ ڏاهپ کي سچائي سان سانڍيندو رهيو آهي . ٿري سماج پنهنجي انهي لوڪ ڏاهپ تي ڪنهن به عقيدي جي برتري قبول نه ٿو ڪري . برسات جي وسڻ يا نه وسڻ ، ڏڪار جي اچڻ يا سڪار جي اچڻ بابت هو پنهنجي لوڪ ڏاهپ جي تجربن واري بنيادي سائنس کي سچو مڃيندي، پنهنجي اڳواٽ تياري ڪندي نطر اچي ٿو. اهوئي سندس زندگي جي بقاءَ جي جنگ کٽڻ جوراز آهي . شايد دنيا جي گولي تي ٿري سماج ئي اهڙي لوڪ ڏاهپ جي سهاري نه صرف ساهه کڻي پيو ، پر پنهنجي مڪمل سگهه سان پنهنجا سمورا سماجي قدر بچائيندي زنده ۽ سلامت آهي . ٿر جي انهي لوڪ ڏاهپ جي جديد سائنس جي روشني ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي . جيئن اسين جديد سائنس جي اصل محرڪات ۽ بنيادي ڳالهين کي سمجهي سگهون .
هن ڪتاب جي تحقيق دوران ٿر جي عام ماڻهن ۽ سگهڙن سان ڪچهرين ڪرڻ وقت ڏڪار۽ سڪار جي اڳواٽ پيشنگوئي جا 90 اهڃاڻ مليا . جيڪي ظاهر ۾ ته ڏاڍا عجيب غريب لڳا ، پر ٿر جي ماڻهن جي انهن اهڃاڻن تي ويساه کي ڏسندي اهو ضروري سمجهيو ويو ته ، انهن اڳڪٿين ۽ اهڃاڻن کي جديد سائنس جي ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي اصل حقيقتن کان آگاهي حاصل ڪجي . ان لاءِ انهن اهڃاڻن جي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت پٽاندر ، انهن اهڃاڻن سان لاڳاپيل موضوعن جي سائنسي ماهرن سان رابطو ڪري هڪ تحقيقي ڪاميٽي ٺاهي ويئي . جنهن ڪاميٽي ۾ جديد سائنس جي مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ سائنسدانن کي شامل ڪيو ويو . جنهن ڪاميٽي مسلسل گڏيل ويهڪ ڪري ، هرهڪ اهڃاڻ بابت سائنس جي روشني ۾ بحث ڪري گڏيل نتيجا اخذ ڪيا . اهڙي ريت ٿر مان مليل ڏڪار ۽ سڪار جي لوڪ ڏاهپ مان مليل اهڃاڻن جي جديد سائنس جي اصولن موجب ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ڪئي ويئي . ان بعد سائنسدانن جي تجويز ڪيل انٽرنيٽ جي مختلف سائيٽن جو پڻ مطالعو ڪيو ويو . انهي مطالعي دوران به سينيئر سائنسدانن سان وقت به وقت رابطو قائم رهيو . ائين هر لحاظ کان لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن بابت تحقيقات مڪمل ڪئي ويئي . جيئن پڙهندڙ کي هن ڏس ۾ ممڪن حد تائين ڄاڻ ملي سگهي . تحقيقات بعد اهو ڏسي حيرت ٿي ته سواءِ ڪجهه اهڃاڻن جي باقي سڀ لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ جديد سائنس جي روشني ۾ سچا ثابت ٿيا . انهي مان انهي ڳالهه جو به ثبوت مليو ته ، سنڌ جتي انساني سماجي ترقي ۾ موهن جي دڙي جهڙي تهذيب جي وارث آهي . اتي انسانذات جي ڪيل سائنسي ترقي ۾ ڦيٿي جي ايجاد کان سواءِ به سائنس جي هر شعبي ۾ اڳتي هئي . سنڌ جي لوڪ سائنس جا بنياد ايترا ته مضبوط هئا جو موجوده دور جي سائنسي ترقي به سنڌ جي لوڪ ڏاهپ واري تجربن واري سائنس کي اورانگهي نه سگهي آهي . جيڪا ڳالهه اسان سڀني لاءِ قابل فخر آهي . هاڻي اچو ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن کي سائنس جي روشني ۾ پڙهون . پر انهي کان اڳ ۾ ڪجهه ڳالهين جي وضاحت ضروري آهي .