لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• جانور

(1) اٺ : اٺ جيڪڏهن اوڀر طرف منهن ڪري ويهن ، بيهن ، اوڳر وٽين ۽ منجهند تائين جھنگ ۾ چرڻ به نه وڃن ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، اٺ پالتو جانورن ۾ قديم زماني کان هيلتائين ڪمائتو جانور رهندو پئي آيو آهي. علائقائي . موسمي ۽ آبهوا جي لحاظ کان هن جا به ڪجهه ڌار ڌار قسم آهن . ٿڌن علائقن ۾ رهندڙ اٺن جا ٻه ٿوها به ٿيندا آهن . ٿر ۾ به ٻن قسمن جا اٺ موجود آهن . هڪڙو قسم لاڏائو ۽ بارگير اٺن جو آهي جنهن کي ڍاٽيءَ اٺ سڏين ٿا ، ٻيو قسم وري سواري وارن تيز رفتار اٺن جو آهي ، جن کي مهري اٺ چوندا آهن. اٺ جيئن ته کاڌو ۽ پاڻي پنهنجي جسم ۾ جمع ڪري رکندو آهي . انهي ڪري هي ڪجهه ڏينهن بغير پاڻي ۽ کاڌي جي به زندهه رهي ڪم به ڪري سگهندو آهي . انهي ڪري ٿر ۾ هن جانور جو وڏو قدر آهي . اٺ پنهنجي انهي خوبي سبب قديم زماني کان هيسيتائين ريگستاني علائقن جي ماڻهن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو . هن کي خشڪي جو ٻيڙو پڻ سڏيو وڃي ٿو.
اٺ بنيادي طور هڪ ميداني ۽ ريگستاني جانور آهي . هن جا پير تراکڙا آهن ، انهي ڪري جابلو علائقن ۾ هي ڪارگر ناهي ،
اٺ هڪ کليل حواسن وارو جانور آهي . هي هڪ ئي وقت پنهنجا سڀ حواس استعمال ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اٺ جسماني طور هڪ منفرد جانور آهي . جهڙي ريت هي پنهنجي جسم ۾ جياپي لاءِ خوراڪ جمع ڪري رکي ٿو ، تهڙي ريت هن جي جسم جو درجه حرارت به بدلجندو رهي ٿو. سائنسي تحقيق موجب پاڪستان ۾ اٺن جي جسم جو درجه حرارت صبح جو 6 وڳي 94 کان 98.6 درجا فيرنهائيٽ هوندو آهي ته ، وري شام جو 6 وڳي سندس جسم جو درجه حرارت 99 کان 101.7 درجا فيرنهائيٽ تائين هوندو آهي . جيڪا ڳالهه پڻ حيرت ۾ وجهندڙ آهي . انهي ڪري اٺ هر قسم جي موسمي حالتن ۾ جيئڻ جي سگهه رکندڙ جانور آهي.اٺ جا جنسي هارمون سردي جي مند ۾ وڌيڪ حرڪت ۾ اچي ويندا آهن . انهي ڪري سنڌ جا اٺ سياري جي موسم ۾ جنسي هارمون TESTOSTERONE جي حرڪت تيز ٿيڻ سبب مست به ٿي پوندا آهن . انهي مستي جي وقت هو انتهائي خطرناڪ بڻجي ويندا آهن . ساڳي موسم ۾ وري مادي اٺڻ جنهن کي ڏاچي سڏيو ويندو آهي . تنهن جا به جنسي هارمون متحرڪ ٿيندا آهن . انهي ڪري سياري ۾ اٺن جي لڳ ڪرڻ جي موسم به هوندي آهي .
چوماسي جي موسم ۾ جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي ، آڙنگ ۽ گرمي سبب اوزون جي گئسن جي بوءَ ماحول ۾ پکڙي ويندي آهي ، انهي وقت اٺ به انهي ماحول جي تبديلي جي بنياد تي برسات جي اڳواٽ اچڻ کان باخبر ٿي ويندا آهن . هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ۽ گرمي جي شدت سبب اٺ وڌيڪ بي حال ٿي ويندا آهن . آڙنگ جي گرمي سبب هو اڀرندي کان لڳندڙ هلڪي ٿڌڙي هير جي ڪري اوڀر طرف منهن ڪري ويهندا آهن . جنهن سان کين سڪون ملندو آهي . صبح جي وقت سندن جسم جو درجه حرارت ماحول ۾ موجود گرمي برداشت ڪرڻ جهڙو نه هوندو آهي ، انهي ڪري هو منجهند تائين جسماني درجه حرارت جي وڌڻ بعد اٿڻ ۽ جهنگ ۾ چرڻ جهڙا ٿيندا آهن . انهي ڪري اهڙي موسم ۾ هو صبح جي وقت سست هوندا آهن . سندن اهڙي حالت صرف آڙنگ جي گرمي وقت ٿيندي آهي . اٺن جي اهڙي غير معمولي حالت کي ٿر جا ماڻهو پنهنجي تجربي ۽ اڳئين مشاهدي سان ڀيٽيندي مينهن جي اچڻ جي اڳڪٿي ڪندا آهن . جنهن جو اظهار لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ ۾ به ڪيل آهي . جديد سائنس موجب اٺ بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪرڻ بعد لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي به جديد سائنس جي روشني ۾ درست قرار ڏجي ٿو.
( 2 ) اٺ: اٺ جو هڏو ساڙڻ سان انهي مان نڪتل ڌپ جي ڪري پيئڻ بلا پري ڀڄيو وڃي . اٺ جي هڏي ساڙڻ سان نڪتل دونهين سبب فصلن مان بيماريون ختم ٿيو وڃن . فصلن ۾ ڦوٽهڙو ۽ گل ٻاٽيءَ به جام ٿئي. اٺ جو هڏو ساڙڻ سان برسات به وسي ٿي .
ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، دونهين ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي . ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ هڪ زهريلي ۽ ساهوارن لاءِ هاڃيڪار گئس آهي . دونهين سبب فصلن کي لڳل جيت مري ويندا آهن . جنهن سبب فصلن ۾ واڌ شروع ٿيندي آهي ، انهي ڪري فصلن کي گندرف ، لوبان ۽ گگر جو دونهون به ڏنو ويندو آهي . اٺ جو هڏو ٿلهو ، مضبوط ۽ وزني هوندو آهي . انهي ڪري هو وڌيڪ دير تائين سڙندو ۽ دونهون ڏيندو رهندو آهي . اٺ جي هڏي سان گڏ هڏي ۾ رهجي ويل ڪئلشم ، فاسفورس . چرٻي ۽ مک جي رهجي ويل ذرڙن جي سڙڻ سان هڪ بوءَ به نڪرندي آهي . جنهن سبب پيئڻ بلا کان سواءِ فصلن کي لڳل جيت به ڀڄي ويندا آهن . اهڙي ريت فصل نقصان پهچائيندڙ جيتن کان آجو ٿي ويندو آهي . جنهن ڪري فصل ۾ ڦوٽهڙي سبب واڌارو ٿيندو آهي ۽ فصل وڌيڪ پيداوار پڻ ڏيندو آهي . انهي ڪري اٺ جي هڏي جي دونهين ڏيڻ سان فصلن جي ڀلي ٿيڻ ۽ پيئڻ بلا جي ڀڄي وڃڻ واري ڳالهه جديد سائنس جي روشني ۾ درست آهي. باقي اٺ جي هڏي ساڙڻ سان برسات جي اچڻ واري ڳالهه بي بنياد ۽ غير حقيقي آهي . جنهن ڳالهه کي جديد سائنس جي روشني ۾ رد ڪجي ٿو .
( 3) ڍڳي: هي ٿر جو اهم مال آهي. ڍڳي جيڪڏهن اوڀر طرف منهن ڪري ويهي ، وري جلد اٿي پيشاب ڪري ٿورو اوڀر طرف هلي وري واپس اچي پيشاب کي سونگهي وري اوڀر طرف هلي ، ڪن لوڏي ڦڙڪائي ته اهو به برسات جو اهڃاڻ آهي.
( 4) ڍڳيون: ڍڳيون اوڀر طرف چرڻ ۽ پهرڻ جو رخ ڪن ، ويهن ته اوڀر طرف منهن ڪري ويهن ، ته اهو برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي .
(5) ڍڳيون؛ ڍڳيون رات جو اوچتو ٽاه کائي ڊوڙي گهر وٿاڻ تي اچن ۽ اوڀر طرف منهن ڪن ته اهو به برسات اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي ڍڳي متعلق هنن ٽنهي اهڃاڻن بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڍڳيون يا ڍڳا انتهائي ڪارگر پالتو مال ۾ شمار ٿين ٿا . قديم زراعت کان وٺي جديد سماجي ضرورتن جي پورائي تائين هنن جو نهايت سٺو ڪردار رهيو آهي . ڍڳين ۽ ڍڳن کي ملائي ان کي ڳائو مال چيو ويندو آهي . ٿر جي ماڻهن جي جياپي ۾ پڻ ڳائي مال جو اهم حصو آهي . ان لاءِ ٿر جا ماڻهو ڍڳين کي ساهه وانگر سانڍيندا آهن . ڍڳي هڪ کليل حواسن وارو جانور آهي . هي ڌڻن جي شڪل ۾ رهندڙ جانورن جي شڪاري دور واري قديم جبلت جي بنياد تي گڏيل مزاحمتي سگهه پڻ رکندڙ آهي . اهوئي سبب آهي ، جو ٿر ۾ ڍڳين جا ڌڻ رات ڏينهن جهنگ ۾ پهريل نظر ايندا آهن . هي صرف ڏُهائِي جي وقت يا پاڻي پيئڻ جي وقت پابندي سان مقرر وقت تي گهر يا کوهن تي ايندا آهن . ان بعد وري جهنگ ۾ پهري ويندا آهن . جهنگ ۾ جيڪڏهن ڪو ساڻن خلاف معمول ڇيڙ ڇاڙ ڪندو آهي ، ته هو سڀ گڏجي مزاحمت ڪنديون آهن . اهوئي سبب آهي جو ڪو اوڦٽو ڌاريون ماڻهو يا ڪو چور سندن ڇيڙ ڇاڙ ڪندو آهي ته ، هي سڀ گڏجي انهي ماڻهو تي حملو ڪنديون آهن .جنهن ڪري ڪو به چور کين زوري ڪاهي نه سگهندو آهي . انهي ڪري ٿر جا ڀاڳيا ڍڳين جي جهنگ ۾ پهرائڻ کان پوءِ بي کٽڪا ٿي ويندا آهن . ڍڳي جي جسم جي درجه حرارت جو درجو 100 کان 102 درجا فيرنهائيٽ تائين رهندو آهي . انهي ڪري هي ٿر جي گرمي واري ماحول ۾ به جيئڻ جي سگهه رکي ٿي . ڍڳي ڊپ جي ماحول ۾ پنهنجي دفاعي جبلت موجب ٽاهه کائيندي آهي ، انهي وقت هو مزاحمت لاءِ به تيار ٿي ويندي آهي . هي گهڻي ڍئو ،خوشي ۽ جنسي هارمونن جي وڌڻ سبب به اوچتو ٽاهه کائي زمين تي پير هڻي ڪڏڪارا به ڪندي آهي . ڍڳي مشڪل ، خوشي يا ڌڻ کان وڇڙڻ جي وقت پنهنجي وٿاڻ ڏانهن ڊوڙي واپس ايندي آهي . يعني پنهنجي ڌڻين جي گهر ڏانهن موٽندي آهي . انهي مان انهي ڳالهه جو به ثبوت ملي ٿو ، سندس حافظو به تيز آهي . ڍڳي جي حافظي جو ثبوت انهي ڳالهه مان به ملي ٿو ته ، جڏهن ڪو ماڻهو هن کي تنگ ڪري بگاڙيندو آهي ته پوءِ هو انهي ماڻهو سان وير به رکندي آهي ، جڏهن به اهو ماڻهو ڏسندي ته بگڙي وڙهڻ ايندي . ڍڳي پنهنجي ڌنار يا چارڻ پيارڻ واري ماڻهو سان به پيار ڪندي آهي . جڏهن به انهي ماڻهو کي ڏسندي ته رنڀندي آهي . ڍڳي جي کل به ڏاڍي حساس آهي . خاص ڪري ڍڳي جا ڪن ۽ نڪ ته تمام گهڻو حساس هوندا آهن . هو پنهنجي ڪنن تي لڳندڙ هوا جي ڇهاءَ تي ڪن به ڦڙڪائيندي آهي . ڍڳي پنهنجي ڪنن تي ڌنار جو هٿ ڦيرڻ به برداشت نه ڪندي آهي.
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخار وڌي ويندا آهن . آڙنگ جي گرمي اوزون جي گئسن جي بوءَ ماحول ۾ پکڙندي آهي ، ته انهي وقت هو ٻين جانورن جيان مينهن جي اچڻ کان به اڳواٽ باخبر ٿي ويندي آهي . آڙنگ جي وقت جڏهن ماحول ۾ گرمي جو درجه حرارت وڌي ويندو آهي . ته انهي گرمي ۾ هي پريشان ٿي چرڻ جي بجاءَ ڇانو ۾ ويهڻ کي پڻ پسند ڪندي آهي . پر گرمي سبب هو بي چيني مان ويهندي ۽ اٿندي رهندي آهي . انهي وقت هو پوسل واري جڳهه جي تلاش ۾ پيشاب واري پسيل جاءِ کي به سونگهيندي آهي ۽ وري بيچيني ۾ پري ٿيندي آهي . آڙنگ جي وقت اوڀر جي طرف کان بلڪل هلڪي ، سنهي ۽ ٿڌي هوا جا جهوٽا به پيا لڳندا رهندا آهن . جنهن سبب ڍڳي اوڀر طرف منهن ڪري ويهندي ، اٿندي ، ۽ هلندي آهي . انهي وقت هو منهن مٿي ڪري هوا جو رخ به پئي جانچيندي رهندي آهي . گهميل هوا جي ڇهاءَ تي ڪن به پئي ڦڙڪائيندي آهي . جڏهن برسات جو مانڊاڻ ٺهڻ سبب ڪارو ڪارونڀار وسڻ جا ويس ڪري ورندو آهي ، ته هي پنهنجي ڊپ واري حيواني جبلت سبب ڊوڙندي گهرن ڏانهن رواني ٿيندي آهي.
لوڪ ڏاهپ جا مٿيان ٽيئي اهڃاڻ برسات جي آڙنگ ٺهڻ بعد ڍڳين جي جنهن چرپر جي نشاندهي ڪن ٿا . سي ڍڳي جي سائنسي مطالعي موجب درست ڏسڻ ۾ اچن ٿا . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي مٿين ٽنهي اهڃاڻن کي سائنس جي روشني ۾ ڍڳي جي فطري چرپر ۽ مينهن جي اچڻ سان لاڳاپيندي درست قرار ڏجي ٿو.
( 6) ڍڳيون: ڍڳيون جيڪڏهن هڪٻئي کي چٽين ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڍڳي پنهنجي فطرت موجب ڌڻن جي شڪل ۾ رهندڙ جانور آهي . هن ۾ شڪاري دور جي دفاعي جبلت طور هڪٻئي جي مشڪل ۾ مدد وارو جبلتي عنصر پڻ موجود هوندو آهي .
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهٽتائي موجود هوندي آهي ، انهي وقت ٿر ۾ سخت گرم هوائون ۽ ساڙيندڙ لڪن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي . انهن لڪن جي گرم هوا ۾ آبي بخارن جي عدم موجودگي سبب مٽي پڻ آڏامندي آهي. جنهن سبب ڍڳين جي نرم کل خشڪ ٿي ويندي آهي ، چمڙي خشڪ ٿيڻ جي حالت ۾ ڍڳيون پنهنجو پاڻ کي يا هڪٻئي کي چٽيندي نظر اينديون آهن . جيڪو عمل هو دفاعي جبلت طور هڪٻئي جي مشڪل ۾ مدد ڪرڻ واري جبلتي عنصر تحت ڪنديون آهن . جنهن سان سندن چمڙي جي خشڪ ٿيڻ واري تڪليف پڻ گهٽجي ويندي آهي . چوماسي جي مند ۾ جنهن سال هوا ۾ آبي بخارن جي کوٽ هوندي آهي . انهي سال گرم هوائن لڳڻ سبب برساتن وسڻ جا امڪان پڻ گهٽجي ويندا آهن . ٿر ۾ برساتن جي نه وسڻ سان ڏڪار اچي ويندو آهي . انهي ڪري جڏهن گرم ۽ خشڪ هوا لڳڻ وقت ڍڳيون پنهنجي چمڙي جي خشڪي دور ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کي چٽينديون آهن ته ، ان کي ڏسي ٿر جا ماڻهو سمجهندا آهن ته هن سال هوا ۾ آبي بخارن جي کوٽ سبب برساتن وسڻ جي اميد گهٽ آهي . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏڪار جي اهڃاڻن ۾ هن اهڃاڻ کي به شامل ڪيو ويو آهي . جديد سائنس جي روشني ۾ سائنسي سببن کي نظر ۾ رکندي هن اهڃاڻ جي سچائي جو ثبوت ملي ٿو . جنهن ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ درست مڃي سگهجي ٿو .
(7) ڍڳيون ؛ ڍڳين جي پٺن ۽ ڪونهٽن تي مر ٿئئ ته اهو به مينهن اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڍڳيون پنهنجي فطرت موجب پاڻمرادو پاڻي ۾ وهنجڻ پسند نه ڪنديون آهن . ٿر ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب ڀاڳيا پڻ ڍڳين کي نه وهنجاريندا آهن .
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ٿي ويندي آهي . آڙنگ جي گرمي ۾ ڍڳين جي جسم مان پگهر پڻ نڪرندو آهي ، مٿان هوا جي آبي بخارن جي لڳڻ سان ڍڳين جي کل نرم ۽ آلي ٿي ويندي آهي . انهي ڪري اٿڻ يا ويهڻ وقت سندن ٽنگن تي ، ۽ هوا جي لڳڻ سبب ڪنڌ ۽ ڪونهٽن تي مٽي جي اڏامندڙ دز سبب گر چڙهندي رهندي آهي . جنهن لڳل گر کي ڏسي ٿر جا ڀاڳيا هوا ۾ وڌيل گهم ، گرمي ۽ اڏامندڙ مٽي جي دز سبب ڍڳين جي ڪنڌ ، ڪونهٽن ۽ ٽنگن تي مر ڏسي مينهن پوڻ جو اندازو لڳائيندا آهن . جنهن ڳالهه جا سائنسي سبب پڻ موجود آهن . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ جديد سائنس جي روشني ۾ درست مڃي سگهجي ٿو.
(8) ٻڪريون: ٻڪريون جيڪڏهن اوچتو ٽاه کائي اٿن ۽ اوڀرطرف منهن ڪري ڏسن ۽ پنهنجي ويهڪ ڏينهن هجي يا رات اوڀر طرف وڌائي ڪن ۽ ويهنديون اٿنديون اوڀر طرف وڌن ته اهو به مينهن وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.،
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٻڪري هڪ نهايت ڪمائتو پالتو جانور آهي . ٿر جي ماڻهن لاءِ ٻڪريون اوچتي مشڪل وقت بئنڪ جي چيڪ جيتري اهميت رکن ٿيون ، جنهن کي جنهن مهل چاهيو ڪيش ڪرائي وٺو. انهي لاءِ ٿر جا ماڻهو ٻڪريون ڌارڻ کي اهميت ڏيندا آهن . ٻڪري جو شمارڌڻن جي شڪل ۾ رهندڙ جانورن ۾ ٿئي ٿو. ٻڪري سبزي خورهڪ اهڙو جانور آهي . جيڪو هرسائي شئي کايو وڃي ، ايتري قدر جو اڪ جهڙي زهريلي ٻوٽي جا پن به شوق سان کائي ۽ هضم ڪري ويندي آهي . هن جي جسم جو درجه حرارت 101.7 کان 105.3 درجه فيرنهائيٽ آهي . انهي ڪري ٿر جهڙي ريگستاني علائقي ۾ به هي جيئڻ جي سگهه رکي ٿي . ٻڪري هڪ کليل حواسن وارو جانور آهي . هن ۾ هڪ ئي وقت ۾ سڀني حواسن کي استمال ڪرڻ جي صلاحيت پڻ آهي. هي طبيعت جي لحاظ کان گهٽ آرام ڪندڙ ۽ سرگرم جانور آهي .شڪاري دور جي حيواني جبلت طور هن ۾ خطري کي محسوس ڪندي اوچتو ٽاهه کائڻ واري جبلت پڻ موجود آهي. ڌڻ ۾ هلڻ وقت هنن ۾ نر ٻڪر يا ڪنهن پوڙهي ٻڪري جي پويان هلڻ جي به عادت هوندي آهي.
چوماسي جي موسم ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ، هوا جي دٻاءَ گهٽ ٿيڻ وقت ٿيندڙ آڙنگ جي نتيجي ۾ جڏهن اوزون جي گئسن جي بوءَ فضا ۾ پکڙندي آهي ته ، ٻين جانورن جيان هن کي به سندس تيز حواسن سبب برسات جي اچڻ جي خبر پئجي ويندي آهي.اهڙي وقت جيڪي هوائون لڳنديون آهن ، انهن ۾ اولهه جي هوا گرم ۽ اوڀر جي هوا ٿڌڙي هير جيان لڳندي آهي . جنهن سبب هي اڪثر اوڀر جي ٿڌڙي هوا کي پسند ڪري انهي طرف پنهنجي ، چرڻ ، هلڻ ۽ ويهڻ جو رخ ڪنديون آهن . جنهن سان کين فرحت ايندي آهي . جڏهن مينهن جو مانڊاڻ ٺهڻ شروع ڪندو آهي. انهي وقت ماحول ۾ تيز ۽ٿڌي هوا به لڳندي آهي ، جنهن سبب آسمان ۾ گڏ ٿيل ڪڪر وڌيڪ گهرا ٿي ويندا آهن . انهي وقت ماحول جي تبديلي ڪري هي پنهنجي حيواني جبلت موجب ٽاهه کائي تيزي سان گهرن ڏانهن روانيون ٿينديون آهن . ٻڪرين جي انهي غير معمولي حرڪتن سبب ٿر جا ماڻهو مينهن جي اچڻ جي پڪ سمجهندا آهن ، انهي ڪري ٻڪرين جي اهڙي چرپر کي مينهن اچڻ ۽ سڪار جي اهڃاڻ طور لوڪ ڏاهپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهي سموري بحث کانپوءِ هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته ، لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ ٿر جي ماڻهن جي گهري مشاهدي مان گذري لوڪ ڏاهپ ۾ شامل ٿيو آهي . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي کي تسليم ڪرڻو پوي ٿو.
(9) ٻڪريون: ٻڪريون جيڪڏهن اولهه طرف منهن ڪري اڀرندي کي پٺيريون ٿي ويهن ته اهي ڏڪار جا اهڃاڻ آهن .
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، ٻڪرين ۾ سندن جسماني درجه حرارت موجب ، انسان کان وڌيڪ گرمي برداشت ڪرڻ جي سگهه موجود آهي ، پر ٿر ۾ واري جي تپڻ سان گرمي جي شدت برداشت کان مٿي ٿيو وڃي . انهي ڪري جڏهن چوماسي جي مند دوران هوا ۾ آبي بخار گهٽ موجود هوندا آهن . ته انهي سال گرمي جي شدت وڌي ويندي آهي . اهڙي وقت ۾ ڏکڻ ۽ اولهه جون هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن . جيڪي صبح ۽ شام جي وقت ٿڌيون محسوس ٿينديون آهن ، انهي ڪري ٻڪريون انهن وقتن تي اولهه طرف منهن ڪري هلنديون ، چرنديون ۽ ويهنديون آهن . پر منجهند جي وقت ۾ اهي اهڙي قسم جي گرم هوا جي گرمي کان بچڻ لاءِ ڇانوَ وارن هنڌن تي به اولهه طرف منهن ڪري ويهنديون آهن . ڇاڪاڻ ته اهڙي آبي بخارن کان خالي خشڪ هوائن واري موسم دوران ٿر ۾ اوڀر طرف جي هوا نه لڳندي آهي . انهي ڪري ٻڪريون اوڀر طرف منهن ڪري نه ويهنديون آهن . هوا ۾ آبي بخارن جي عدم موجودگي سبب مينهن جو مانڊاڻ به نه ٺهندو آهي . ۽ مينهن نه وسڻ ڪري ٿر ۾ ڏڪار ٿي ويندو آهي . ٿر جا ماڻهو انهي ڳالهه کي ٻڪرين جي اولهه طرف منهن ڪري ويهڻ واري ڳالهه سان ڳنڍيندي ڏڪار جي اڳواٽ پيشنگوئي ڪندا آهن . جيڪا ڳالهه سائنسي سببن جي روشني ۾ درست آهي.
(10) رڍون: رڍون جيڪڏهن اوڀر طرف کان لڳندڙ هوا کي پٺيريون ٿي ويهن، ته اهو برسات اچڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، رڍ هڪ سست طبيعت ۽ ڊڄڻو پالتو جانور آهي. رڍن ۾ سونگهڻ ، چکڻ ۽ ڇهڻ جا حواس وڌيڪ تيز هوندا آهن. هنن جو گهڻو توجهه صرف پنهنجي چرڻ طرف هوندو آهي . هي اڻهوند واري جاءِ تي به ٻوٽن جون پاڙون به ڳولي کائي وينديون آهن . انهي ڪري هنن کي چرڻ لاءِ گهڻي ڊڪ ڊوڙ به نه ڪرڻي پوندي آهي .رڍ جو جسماني درجه حرارت 101 کان 103.8 درجا فيرنهائيٽ هوندو آهي . انهي ڪري ٿر جي گرمي به برداشت ڪرڻ جي منجهس سگهه موجود هوندي آهي. البت سندس جسم جي گرم ان سبب ٿر جي موتمار گرمي ۾ هن جي قوت برداشت به ڪڏهن ڪڏهن جواب ڏيئي ويندي آهي . انهي وقت رڍن جي چرٻي به ڳرڻ شروع ٿي ويندي آهي ، جنهن سبب هي اڀريون به ٿي وينديون آهن ، بعضي گهڻي گرمي ۾ مري به وينديون آهن .
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ٿي ويندي آهي ، آڙنگ جي گهٽ ٻوسٽ سبب اوزون جي گئسن جي بوءَ جڏهن ماحول ۾ پکڙندي آهي ، جنهن کي محسوس ڪندي رڍن کي به مينهن جي اچڻ جي اڳواٽ پروڙ پئجي ويندي آهي . اهڙي ماحول جي شديد گرمي ۾ رڍن جي ان به آبي بخارن سبب وڌيڪ گرم ٿي ويندي آهي ، انهي ڪري رڍون انهي آڙنگ جي وقت لڳندڙ هلڪي اوڀر جي هوا کي پٺيريون ٿي ويهنديون آهن . جيئن سندن ان جي گرمي جي شدت گهٽجي . ائين ڪرڻ سان کين آرام به ملي ويندو آهي . انهي ڪري رڍون آڙنگ جي شديد گرمي ۽ آبي بخارن سبب ان جي وڌيل گرمي به گهٽائينديون آهن . اهو سڀ عمل هو پنهنجي دفاعي حيواني جبلت جي نتيجي ۾ ڪنديون آهن.
چوماسي جي مند ۾ مينهن کان اڳ پيدا ٿيل ماحول ۽ رڍن جي دفاعي حيواني جبلت طور پنهنجي ان جي گرمي جي شدت گهٽائڻ لاءِ هوا کي پٺيرو ٿي ويهڻ ۽ ان کان پوءِ مينهن جي مانڊاڻ ٺهڻ بعد برسات جو وسڻ ، سڀ هڪٻئي سان لاڳاپيل عمل آهن . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي به ڪنهن حد تائين درست مڃي سگهجي ٿو .
(11) گڏه: گڏهه جيڪڏهن واري ۾ ليٽي۽ ڌوڙ اُڏائي ته اهو به برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، گڏهه هڪ سخت جان ۽ ڪمائتو جانور آهي . ٿر جتي ريگستاني علائقي هئڻ ڪري سوارين جي اڻاٺ آهي اتي هي ويجهي پنڌ جي بار برداري لاءِ ۽ ماڻهن لاءِ سستي ۽ هرجڳهه تي پهچڻ واري سواري پڻ آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو گڏهه شوق سان ڌاريندا آهن. گڏهه بنيادي طور طبيعت جي لحاظ کان آرام پسند جانور آهي . هي کائڻ کان پوءِ آرام ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهي. هن جانور کي ننڊ ڪرڻ جي عادت پڻ آهي. انهي ڪري ڪم تي جوٽڻ وقت هن کي سجاڳ ڪرڻو پوندو آهي . ڪم جي شروعات وقت هي گوهي پڻ ڪندو آهي . انهي ڪري سندس مالڪ کي کيس رستي تي چاڙهڻ لاءِ هڪلڻو پوي ٿو. ڪم جي شروعات ٿيڻ کان پوءِ هي ڏاڍو سخت جان ۽ نه ٿڪندڙ جانور آهي . البت کيس ڪم جي دوران به ننڊ اچي ويندي آهي ، جنهن لاءِ سوار کي هروقت کيس هڪلڻ لاءِ هوشيار رهڻو پوندو آهي. گڏهه پاڻي کان ڊڄندو آهي ، انهي ڪري پاڻي جي اندر وڏي مشڪل سان لهندو آهي . انهي ڪري مٽي ۾ وهنجڻ ۽ مٽيءَ ليٽاڙيون پائي ڌوڙ اڏائڻ سندس عادت ۾ شامل آهي. جيڪو اصل ۾ سندس وهنجڻ جو عمل هوندو آهي . هي اڪثر ڪم تان لهندي پگهر سڪائڻ ۽ کاڌي کائڻ بعد ، ۽ جنسي عمل بعد مٽي ۾ ليٽندو آهي . جيڪا ڳالهه سندس معمول جي عادتن ۾ شمار ٿيندي آهي. گڏهه ۾ جنسي هارمون پڻ وڌيڪ هوندا آهن ، انهي ڪري نر ۽ مادي گڏهه هڪ جاءِ تي آرام سان نه رهي سگهندا آهن . جنسي هارمونن جي شدت وقت ٻه نر به پاڻ ۾ وڙهندا آهن.
چوماسي جي موسم ۾ جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي ، ۽ آڙنگ جي گرمي سبب اوزون جي گئسن جي بوءَ پڻ وڌندي آهي ، انهي وقت گڏهه پڻ انهي تبديلي کي محسوس ڪندا آهن . چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي. ته ان جو اثر گڏهه جي چمڙي تي پڻ پوندو آهي ، جنهنڪري گڏهه وهنجڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي ، معمول کان وڌيڪ ڀيرا مٽي ۾ليٽندا آهن ۽ ڌوڙ اڏائيندا آهن. هوا ۾ آبي بخارن جي مقدار وڌڻ سبب هوا جو دٻاءَ گهٽ ٿيڻ وقت مينهن جو مانڊاڻ ٺهندو آهي ۽ مينهن وسڻ سبب ٿر ۾ سڪارٿي ويندو آهي . انهي ڪري گڏهن جي انهي غيرمعمولي چرپر کي ٿر جا ماڻهو برسات جي اچڻ سان لاڳاپيندي مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪندا آهن. جديد سائنس جي روشني ۾گڏهه جي طبيعت ۽ عادتن کي ۽ برسات کان اڳ جي ماحول کي نظر ۾ رکندي ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق پڻ ٿئي ٿي.
(12) سانڊو: سانڊو پنهنجا ٺاهيل ٻر ڍڪي وڻن تي رهڻ شروع ڪري، ته اهو به مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سانڊي جا به مختلف علائقائي ، موسمي ، ۽ مختلف آبهوائن ۾ رهندڙ ڪجهه ڌار ڌار قسم آهن . ٿر جي علائقي ۾ رهندڙ سانڊو ، خشڪ ۽ ريگستاني علائقن ۾ رهندڙ سانڊو آهي ، ريگستاني سانڊو زمين ۾ ٻرن اندر رهندو آهي. قدرتي طور سانڊي جي چمڙي انتهائي حساس هوندي آهي ، جنهن ذريعي هو آسپاس جي ماحول ۽ ان ۾موجود خطرن کان آگاهه رهندو آهي ، هو بروقت چمڙي ۾ هڪ مخصوص ڪيميائي عمل ذريعي پنهنجو رنگ ۾ تبديل ڪري سگهندو آهي. اهو عمل هو خطري وقت دفاعي حالت ۾ ڪندو آهي . دفاعي لحاظ کان هي زمين تي ريڙهيون پائي هلندڙ جانورن ۾ وڌيڪ حساس آهي . ڇو ته هن ۾ وڙهڻ يا جسماني طرح وڙهي پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ آهي . ان ڪري هي دفاع طور ڪيميائي عمل ذريعي کل جو رنگ بدلائي دشمنن کان محفوظ رهي سگهي ٿو. سانڊي ۾سونگهڻ جو حواس به وڌيڪ هوندو آهي . ان کان علاوه هو پنهنجي ڪنڌ واري حصي تي موجوده ڪنڊن ذريعي به هوائن جا رخ معلوم ڪري سگهندو آهي .
چوماسي جي مند ۾ جڏهن فضا۾ اوزون جي تهه مان اٿيل گئسن جي بوءَ پوري ماحول ۾ پکڙبي آهي . جنهن جو وڌيڪ اثر زمين تي ٿيندو آهي . جنهن کي محسوس ڪندي هن کي برسات جي اچڻ جي اڳواٽ خبر پوندي آهي. انهي حالت کي محسوس ڪندي هي دفاعي طور پنهنجي ٻرن جا منهن بند ڪري ، مٿانهين جاين ۽ وڻن تي هليو ويندو آهي . جتي هو عارضي رهائش اختيار ڪندو آهي . ٿر ۾ سانڊو صرف برسات جي خطري کي محسوس ڪندي وڻن تي رهائش اختيار ڪندو آهي . نه ته عام حالتن ۾ هو وڻن تي گهٽ رهندو آهي . سندس مستقل پناهه گاهون صرف زمين ۾ کوٽيل سندس ٻر ئي هوندا آهن. انهي ڪري ٿر جا ماڻهو جڏهن سانڊن کي وڻن تي رهائش اختيار ڪندي ڏسندا آهن ، تڏهن هنن کي خبر پوندي آهي ته مينهن اچڻ وارو آهي. انهي ڪري ئي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ عام ٿيو . جديد سائنس جي روشني ۾ ، برسات کان اڳ ۾ سانڊن جي حفاظتي ضرورتن کي محسوس ڪندي وڻن تي رهڻ واري عمل کي لاڳاپيندي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست قرار ڏيئي سگهجي ٿو .
(13) نانگ،بلائون: جيڪڏهن نانگ بلائون ، ٻرن مان نڪري، وڻن تي ويهن . خاص ڪري لنڊي بلا (ٻانڊوري)به وڻن تي چڙهي ۽ اتي رهي، ته اهو برسات جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، نانگن ، بلائن جا به ڪيترائي قسم آهن . جن مان ٿر ۾ صرف جابلو ۽ ريگستاني نانگ رهن ٿا . اهي نانگ بلائون ڏينهن جي گرمي وقت پنهنجي زميني ٻرن ۾ رهندا آهن ، ۽ رات جو نڪري ٻاهر واري تي گهمندا ڦرندا ۽ شڪار ڪندا آهن . ٿر جي بلائن ۾ لنڊيءَ بلا ، جنهن کي ٿر جا ماڻهو ٻانڊوريءَ بلا به سڏيندا آهن . سا گرمي جي ڏينهن ۾ پنهنجي ٻر ۾ هوندي آهي ، ۽ رات جو ٻاهر ٿڌي واري تي ويهي آسيس به وٺندي آهي ۽ ڪوئن جو شڪار به ڪندي آهي.
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هڪ طرف برسات جي آڙنگ سبب گرمي وڌي ويندي آهي ۽ زمين به تپي گرم ٿي ويندي آهي . ٻي طرف انهي آڙنگ جي وقت فضا جي اوزون جي تهه مان نڪرندڙ گئسن جي بوءَ به پکڙندي آهي ، ته انهي بوءَ کي محسوس ڪندي ، زمين تي رهندڙ نانگن بلائن کي به مينهن جي اچڻ جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هو پنهنجي زميني ٻرن مان نڪري حفاظتي ضرورتن کي محسوس ڪندي ، مٿانهين جاين ۽ وڻن تي چڙهي ۽ اتي عارضي رهائش اختيار ڪندا آهن . لنڊي بلا جيڪا هميشه زمين تي رهندي آهي . عام حالتن ۾ هو وڻن تي نه چڙهندي آهي . سا به وڻن تي چڙهي ٽارين تي پنهنجي رهائش اختيار ڪندي آهي .
برسات جي وسڻ کان اڳ ۾ نانگن ۽ بلائن جي مٿي وڻن تي رهائش اختيار ڪندي ڏسي ، ٿر جا ماڻهو مينهن جي اچڻ کان اڳواٽ باخبر ٿي ويندا آهن . جنهن بنياد تي ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ هن اهڃاڻ جو اضافو ٿيو . نانگن ، ۽ بلائن جي وڻن تي رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ ترت مينهن جي وسڻ واري عمل کي ڏسندي ، جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي جي شاهدي ملي ٿي . جنهن بنياد تي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست قرار ڏجي ٿو .
(14) نانگ : جيڪڏهن هاري ٻني۾ڪم ڪندي ،پنهنجي ساڄي پاسي نانگ ڏسي، ته اهو ٻني تي مينهن وسڻ جو ۽ ٻني ڀلي ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سڌو سنئون ڪو سا.ئنسي جواز موجود ناهي . هن اهڃاڻ جو تعلق سڌو سنئون انساني نفسياتي عقيدت سان آهي . ساڄي پاسي نانگ کي ڏسڻ بابت ٻني تي مينهن وسڻ واري ڳالهه سائنسي لحاظ کان بي بنياد آهي . اها صرف انساني خيالن ۽ عقيدت جي بنياد تي چيل ڳالهه آهي .
باقي نانگ جي موجودگي ۾ ٻني جو ڀلو ٿيڻ ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيڻ واري ڳالهه جوسبب موجود آهي.
نانگن ۽ بلائن جي موجودگي ۾ ٻني وڌيڪ پيداوار ڏيئي سگهي ٿي . ان جو سبب هي آهي ته ، ٿر جي علائقي ۾ تمام گهڻا ڪوئا موجود هوندا آهن . جيڪي وسڪاري ٿيڻ بعد ٿيندڙ فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندا آهن . نانگ جيئن ته ڪوئا کائيندا آهن ، انهي ڪري ٻنيءَ ۾ نانگن ۽ بلائن جي موجودگي سبب ٻني ڏانهن ايندڙ ڪوئا نانگن ۽ بلائن جو کاڄ بڻجيو وڃن . انهي ڪري ٻني ڪوئن جي نقصان کان بچيو وڃي . جنهن سبب ڪوئن جي نقصان کان بچڻ ڪري ٻني جي پيداوار به وڌيڪ لهي سگهي ٿي . انهي لحاظ کان نانگن ۽بلائن جي موجودگي ٻني جي وڌيڪ پيداوار ڏيڻ جي ضمانت هوندي آهي . اهو ئي سبب آهي جو ٿري سماج ۾ هروڀرو نانگ مارڻ کي ڏوهه سمجهيو ويندو آهي ۽ ٿري سماج ۾ نانگ سان عقيدت وارا رجحان به موجود آهن . جنهن ڪري ئي ٿر جا ماڻهو نانگ کي فقير سمجهندا آهن . هو نانگن کي مارڻ بجاءِ خود پنهنجو رستو تبديل ڪري ويندا آهن . ڇو ته نانگ سندن فصلن جا محافظ هوندا آهن . انهي ڪري جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻني ۾ ڪم ڪندي ڪو نانگ ڏسندو آهي ته ، هو انهي کي پنهنجي سڀاڳ جي نشاني سمجهندو آهي . انهي عقيدت جي بنياد تي ئي هي اهڃاڻ ٿر ۾ اعتبار جي لائق تسليم ڪيو ويندوآهي .
(15) نور: هاري ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ نور هلندي ڦرندي ڏٺو ، ته ٻني ۾ مينهن نه وسندو، جيڪڏهن مينهن وٺو ته به اها ٻني گهٽ پيداوار ڏيندي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته . سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي سچائي جو ڪو به سبب موجود ناهي . انهي ڪري سائنس جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پنهن جي سچائي بابت ڪو به سڌو سنئون جواز نه ٿو رکي .
باقي نور جي ٻني ۾ موجودگي سان ٻني جي گهٽ پيداوار لهڻ جو اڻ سڌو سبب موجود آهي. ڇاڪاڻ ته نور نانگن ۽ بلائن جو دشمن آهي. هو نانگن ۽ بلائن کي ماري ڇڏيندو آهي. انهي ڪري ٻني ۾ نانگن جي مرڻ سان ڪوئن جي نقصان ۾ اضافو ٿيڻ ڪري ٻني ۾ پوکيل فصل جي پيداوار گهٽ لهندي . ڇوته فصل کي ڪوئا کائي ويندا . انهي ڪري ئي ٻني ۾ ڪنهن نور جي موجودگي کي ٻني ۾ ڪم ڪندڙ ٿر جو هاري سٺو نه سمجهندو آهي ، ۽ ٿري سماج ۾ نور جي ٻني ۾ موجودگي کي نڀاڳ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي . انهي بنياد تي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي اعتبار لائق سمجهيو ويندو آهي.
(16) چندن ڳوه: چندن ڳوهه تي اڪثر کنوڻ ڪرندي آهي . ان ڪري چندن ڳوهون جنهن به علائقي ۾ وڌيڪ هونديون ، اتي برسات ۾ کنوڻيون ڪرنديون رهنديون جنهنڪري انهي علائقي ۾ سدائين ڏڪار رهندو.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، کنوڻ جي زمين تي ڪرڻ جو عمل ڪڪرن ۾ موجود برقي لهرن جي واڌو ڪاٽو چارجن جي ڪري ٿيندو آهي . انهي عمل ٿِيڻ پٺيان چندن ڳوهن تي کنوڻين جي ڪرڻ واري ڳالهه ڳنڍڻ بلڪل غير سائنسي ۽ بي بنياد آهي . جنهن ڳالهه جو سائنسي حقيقتن سان ذري جيترو به تعلق ناهي . انهي ڪري هي ڳالهه بلڪل من گهڙت ۽ بي بنياد آهي .
اصل ۾ ٿرجا ڪي ماڻهوچندن ڳوهه جو شڪار ڪندا آهن . جيئن ته ٿر جو سماج فطرت دوست سماج آهي .جتي ڪنهن به ساهه واري کي مارڻ گناهه سمجهيو ويندو آهي. ٿر جي ڪافي علائقن ۾ راڄوڻي طرح وڻ وڍڻ ۽ هر قسم جو شڪار ڪرڻ تي پابندي وڌل آهي ، انهي ڪري ٿر ۾ چندن ڳوهه جي شڪارين طرفان هي من گهڙت ڳالهه هلائي پنهنجي شڪار جي شوق جي پورائي لاءِ راهه هموار ڪئي ويئي آهي . ته جيئن ماڻهو سندن چندن ڳوهه جي شڪار ڪرڻ واري عمل کي برو نه سمجهن. پر چندن ڳوهه جي شڪار ڪرڻ وقت سندن مدد ڪرڻ سان گڏ سندن انهي شڪار ڪرڻ واري عمل کي سٺو به سمجهن. انهي ڪري هن اهڃاڻ کي ٿر جي لوڪ ڏاهپ سان ڳنڍڻ پويان پڻ انهن ئي مفاد پرست شڪارين جو هٿ آهي . انهي ڪري هن اهڃاڻ جو ٿر جي لوڪ ڏاهپ سان ڪو به تعلق ناهي هي اهڃاڻ بلڪل من گهڙت بي بنياد ۽ ڪوڙو آهي .
(17) گدڙ: گدڙ جيڪڏهن ڏينهن جو اوناڙيون ڪري ، ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، گدڙ هڪ نهايت چالاڪ ، پر ڊڄڻو جانور آهي . انهي ڪري هي ڏينهن جو گهڻو ڪري لڪل رهندو آهي . گدڙ هڪ کليل حواسن وارو جانور آهي . هن ۾ هڪئي وقت پنهنجا سڀ حواس استعمال ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هي گهڻو ڪري زمين تي رهندڙ پکين ۽ ننڍن جانورن جو شڪار ڪندو آهي . سندس رهائش گهاٽن جهنگن ، جابلو غارن ۽ زمين ۾ کوٽيل کڏن جنهن کي عام ٻولي ۾“ گُر ” سڏيو ويندو آهي . ۾ هوندي آهي . هن ۾ تڪليف وقت اوناڙيون ڪرڻ جي پڻ عادت هوندي آهي . گهڻو ڪري گرمي جي مند ۾ مڇرن جي چڪ لڳڻ وقت يا سياري ۾ گهڻو سيءَ لڳڻ وقت هي رات جو اوناڙيون ڪندو رهندو آهي . هي پورو ڏينهن گم يا ڪٿي آرام ۾ هوندو آهي . ڏينهن جي وقت هي تمام گهڻو سست به هوندو آهي . پر رات جي وقت هي شڪار لاءِ نڪرندو آهي .
چوماسي جي مند ۾ جيڪڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي کوٽ هوندي آهي، ته گرم هوا لڳڻ سبب هن جي چمڙي ۾ خشڪي ٿي ويندي آهي . ماحول جي گرم لڪن ۾ هي اڃ لڳڻ ۽ جلد پاڻي نه ملڻ سبب مرڻ به لڳندو آهي . اهو وقت گدڙن لاءِ نهايت تڪليف وارو هوندو آهي . انهي ڪري هو پنهنجي حيواني جبلت سبب ڏينهن جو به اوناڙيون ڪندا آهن . گدڙن جي ڏينهن جو اوناڙ ڪرڻ جو سبب ، هوا ۾ آبي بخارن جي ٿورائي سبب ، پيدا ٿيل سندن چمڙي جي خشڪي جي تڪليف هوندو آهي. جڏهن چوماسي جي مند ۾ آبي بخارن جي ٿورائي هوندي آهي تڏهن ٿر ۾ برسات پوڻ جا امڪان به گهٽجي ويندا آهن . انهي ڪري گدڙن جي ڏينهن جو اوناڙ ڪرڻ کي اڻ سڌي طرح ڏڪار سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو . انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ درست مڃي سگهجي ٿو.
(18) ڪتو : ڪتا جيڪڏهن اڌ رات جو اوناڙيون ڪن ، ته اهو سخت ڏڪار، زلزلي يا ڪنهن قدرتي آفت جو اهڃاڻ آهي .
ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته . ڪتو هڪ هوشيار ۽ کليل حواسن وارو جانور آهي .انهي ڪري هي انتهائي خبردار ۽ جلد ردعمل ظاهر ڪندڙ جانور پڻ آهي . هي تمام گهڻو بهادر ۽ خونخوار جانور آهي . هن ۾ حملي ڪرڻ جي سگهه به وڌيڪ آهي . تاريخ جي آڳاٽي دور کان هي انسانن کي ويجهو رهندي . انساني سماج ۾ رهڻ ڪري سندس وحشت به گهٽجي ويئي آهي . هن وقت هن جو شمار انسان سان وفادار جانورن ۾ ٿئي ٿو. کليل حواسن جي خصلت سبب انسان ڪتن کان جاسوسي ۽ خبررساني جا ڪم به وٺڻ لڳو آهي . جنهن ڪري هن وقت هن جي انساني.سماج ۾ هڪ وڏي اهميت آهي . ٿر ۾ جيئن ته چراگاهي سماج آهي ، انهي ڪري ٿر ۾ مال جي سنڀال ۽ گهرن جي چوڪيداري جو ڪم ڪتن کان ئي ورتو ويندو آهي . انهي ڪري ٿر جي مالوند مارو ماڻهن وٽ ڪتي جو وڏو قدر آهي . ڪتي جو جسماني درجه حرارت 100.5 کان 102 درجا فيرنهائيٽ تائين آهي . انهي ڪري هي ٿر جي شديد گرمي به برداشت ڪيو وڃي .ڪتو پنهنجي تيز حواسن سبب آسپاس جي ماحول کان باخبر رهڻ کان علاوه ايندڙ خطرن کي به اڳواٽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي پنهنجي حيواني جبلت تحت خطري کي محسوس ڪندي ، اڪيلائي کي محسوس ڪندي ، يا تڪليف جي وقت اوناڙيون ڪندو آهي .
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار گهٽجي ويندو آهي ته ، تيز ۽ گرم هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن . چوماسي ۾ اهڙي تيز هوا ڏڪار جو اهڃاڻ هوندي آهي . جيئن سنڌي ۾ هڪ چوڻي عام اهي ته :
مُـند کري ته ، جــهَڪ ڪــري ،
زمــين کــري ته ، اَڪ ڪــري ،
مــرد کـــري ته ، بَــڪ ڪـري .
اهڙي آبي بخارن کان خالي تيز هوا ۾ ڪتن جي چمڙي خشڪ ٿي ويندي آهي ، جنهن ڪري کين تڪليف ٿيندي آهي . اهڙي تيز هوا جي شور ۾ ڪتن جا حواس به گهٽ ڪم ڪندا آهن . ۽ جنهن سان انهن ۾ اڪيلائي جو احساس پيدا ٿيندو آهي ۽ اعصابي تبديلي سبب منجهن خطري جو احساس پڻ پيدا ٿي ويندو آهي . انهن سڀني ڳالهين سبب هو پنهنجي حيواني جبلت سبب زور سان اوناڙيون ڪندا آهن . جيڪا ڳالهه منجهن فطري طور موجود آهي .
انهي لحاظ کان چوماسي جي مند ۾ تيز هوا جو لڳڻ ، مند کرڻ جو ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ هوندو آهي . انهي خطري کي محسوس ڪندي ڪتن جون اوناڙيون ڪرڻ کي لاڳاپيندي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي ڏڪار جو اهڃاڻ سمجهڻ هڪ سائنسي حقيقت آهي . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي درست چئي سگهجي ٿو .
(19) ڏيڏر: ڏيڏر برسات وسڻ بعد ته هزارن جي تعداد ۾ زمين مان نڪري ٻوليندا آهن . پر جيڪڏهن برسات کان اڳ ۾ ڪٿي ڪٿي ڏيڏر ڏينهن جو هلڪي مٺي ٻولي ڪن ته اهو به مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڏيڏر هن زمين تي موجود انهن ساهوارن مان هڪ آهي . جيڪي خشڪي ۽ پاڻي ۾ هڪ ئي وقت جيئڻ جي صلاحيت رکن ٿا . ڏيڏر جي نسلي واڌ ويجهه پاڻي ۾ ٿئي ٿي ، پر هي خشڪ ريگستانن ۾ به ڏٺو ويو آهي . ٿر جيئن ته انهن ريگستانن مان هڪ آهي ، جتي چوماسي جي مند جي وسڪاري جو پاڻي تلائن ، ٽوڀن ۽ تراين ۾ ڪجهه مهينا موجود رهي ٿو. انهي ڪري ٿر جو علائقو سندن نسلي واڌ ويجهه لاءِ موزون آهي . انهي ڪري وسڪاري جي مند ۾ هزارين ڏيڏر ٻاهر نڪري ٻولڻ شروع ڪندا آهن. تلائن ، ٽوڀن ۽ تراين جو پاڻي جڏهن سڪي ويندو آهي ، ته هي انهن تلائن جي تر ۾ ڦاٽل زمين ، ڦوڙن ، سيرن ۽ ڏرڙن ۾ اندر پوسل وارين جڳهين تي وڃي رهڻ شروع ڪندا آهن ، ڏيڏرن جي خوراڪ جيئن ته آلي مٽي ۽ پاڻي جا سنها جيت هوندا آهن . انهي ڪري هي سوڪهڙي وارو وقت انهن ٻرن جي مٽيءَ تي گذران ڪندي گذاريندا ۽ زنده رهندا آهن. ڏيڏرن جي چمڙي انتهائي نرم ۽ حساس هوندي آهي . هن چمڙي ۾ پاڻياٺ جمع ڪرڻ جي صلاحيت موجود هوندي آهي ، جنهن سبب ڏيڏرن جي چمڙي سدائين آلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي . انهي پاڻي جمع ڪرڻ سبب پاڻي ۾ موجود ڏيڏر ٿلها ڏسڻ ۾ ايندا آهن ، پوءِ جيئن جيئن سندن چمڙي جو پاڻي خشڪ ٿيندو ويندو آهي ، تيئن ڏيڏر به جسماني لحاظ کان سنها ٿيندا ويندا آهن. کوهن جا ڏيڏر پنهنجي جسم جي کل ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندي گهٽ پاڻي جمع ڪندا آهن ، انهي ڪري گهٽ ٿلها نظر ايندا آهن. ڏيڏر ڦڦڙن مان ساهه کڻندا آهن . انهي ڪري هي هوا لاءِ پنهنجي ٻرن جا منهن به کليل رکندا آهن . پر ساهه کڻڻ ۾ هي آڪسيجن جو گهٽ استعمال ڪن ٿا. انهي ڪري ٿوري هوا ۾ به زنده رهي سگهن ٿا . ڏيڏر نانگن ، بلائن ، گوشت خور پکين ، ۽ ڪجهه جانورن جي به پسنديده خوراڪ آهن . انهي ڪري هنن جو وڏو تعداد شڪاري جانورن ۽ پکين جو کاڄ ٿيو وڃي. ڏيڏرن ۾ جنسي هارمونن جو تعداد سندن جسماني بناوت جي لحاظ کان وڌيڪ هوندو آهي . انهي ڪري سندن نسلي واڌ ويجهه جو عمل به ٻين سڀني جانورن کان وڌيڪ هوندو آهي . اهوئي سبب آهي جو هي لکين سالن کان هن ڌرتي تي پنهنجو وجود سلامت رکيو اچن.
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي ، تڏهن هي پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري ايندا آهن . آڙنگ سبب فضا ۾ پکڙيل اوزون جي گئسن جي بوءَ کي محسوس ڪندي هنن کي برسات جي اچڻ جي اڳواٽ خبر به پوندي آهي . انهي وقت سندن جنسي هارمون وڌيڪ تيزي سان گردش ڪندا آهن ۽ هي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ ڏينهن جو به برسات جو ٺهيل مانڊاڻ ڏسي هلڪيون ٻوليون ڪندا آهن. ان بعد مينهن جو ٺهيل مانڊاڻ جڏهن وسڻ شروع ڪندو آهي ته ڏيڏر سڀ کان پهريائين پنهنجي کل ۾ پاڻي جمع ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ مڪمل سگهه وٺي زور سان ٻولڻ شروع ڪندا آهن. چوماسي جي مند ۾ مينهن جي آمد جي احساس سان جڏهن ڏيڏر ڏينهن جو پنهنجي ڪمزوري سبب هلڪي ٻولي ڪندا آهن ته ، ٿر جا ماڻهو سندن انهي ٻولي کي مينهن جي آمد جو اعلان سمجهي ٻڌي خوش ٿيندا آهن . انهي ڪري ئي لوڪ ڏاهپ جي برسات جي اڳڪٿين ۾ ڏيڏرن جي ڏينهن واري غيرمعمولي ٻولڻ کي به شامل ڪيو ويو آهي . جيڪواهڃاڻ سائنس جي روشني ۾ به سڇو ثابت ٿئي ٿو . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي به درست تسليم ڪجي ٿو .