• وڻ ۽ ٻوٽا
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڄار جو وڻ گهميل ۽ خشڪ علائقن ۾ ٿيندو آهي . هن وڻ جا پڻ علائقائي ۽ موسمي لحاظ کان ڪجهه ڌار ڌار قسم به آهن . ٿر ۾ ڄار جو قسم ريگستاني آهي . ڄار جو وڻ موسمي اثرن کي برداشت ڪندڙ وڻ آهي . انهي ڪري ٿر جهڙي ريگستان ۾ به هي سدائين سائو رهندو آهي . ڄار جو وڻ ، زمين ، هوا ، گهم وغيره مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪندو رهندو آهي. ٿر ۾ ڄار جو وڻ اپريل کان مئي مهيني تائين پيرونءَ جهليندو آهي . مارچ کان ڄارين ۾ ٻور جنهن کي مڪ سڏيو ويندو آهي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي . مارچ کان ٿر ۾ ڏکڻ جي هوا لڳڻ شروع ٿيندي آهي ، جنهن ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي . ٿر جي ڄار جيئن ته ريگستاني وڻ اهي ، انهي ڪري ريگستاني ٻين ٻوٽن جيان هي پڻ پاڻي جي ضرورت هوا جي گهم مان پوري ڪندي آهي . انهي ڪري ڄار جي جنهن پاسي مارچ جون هوائون وڌيڪ لڳنديون انهي پاسي هو وڌيڪ ٻور جهليندي آهي. انهي نتيجي ۾ انهي پاسي پيرون پڻ وڌيڪ ٿيندا آهن . جنهن سال مارچ کان ئي هوا ۾ گهم جو مقدار وڌڻ شروع ٿيندو آهي . انهي سال اها وڌندڙ گهم اڳتي هلي مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ به مدد ڪندي آهي. برساتون به انهي سال وڌيڪ وسنديون آهن . پر جنهن سال مارچ اپريل ۾ هوا ۾ گهم گهٽ مقدار ۾ هوندي انهي سال مينهن پڻ گهٽ وسڻ جو امڪان پيدا ٿي ويندو آهي. انهي سال گهم گهٽ ملڻ ڪري گهربل پاڻي جي ضرورت جي پورائي نه هئڻ ڪري ۽ تيز هوائن لڳڻ ڪري ڄارين جو ٻور وڌيڪ ڇڻندو آهي ۽ انهي سال پيرونءَ پڻ گهٽ پيدا ٿيندا آهن .
ڄار جي انهي مشاهدي ۽ مطالعي مان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي . انهي ڪري جديد سائنس پڻ ، موسمي سببن جي روشني ۾ هن اهڃاڻ جي صحيح هئڻ جي تصديق ڪري ٿي .
(2) ڪنڊيءَ جو وڻ : ڪنڊيءَ به ٿر جو اهم وڻ آهي . جنهن سال ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ سڱر گهٽ ٿين ، ۽ پن ڇاڻي ته اهو برسات جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن ڪنڊيءَ سڱر وڌيڪ جهلي ۽ وڌيڪ سائي ٿي پن گئونچ ڪڍي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڪنڊي جو وڻ پڻ ريگستاني ۽ گهٽ پاڻي وارن علائقن جو وڻ آهي. ٻين وڻن جي ڀيٽ ۾ هي گهٽ پاڻي کڻندڙ ۽ گهٽ وڌندڙ وڻ آهي ، هي وڻ پنهنجي ضرورت موجب پاڻي پنهنجن اونهين پاڙن ذريعي زمين مان حاصل ڪندو آهي انهي ڪري هي تمام دير سان وڌي وڻ جي شڪل وٺندو آهي. سندس عمر پڻ ٻين وڻن کان وڌيڪ هوندي آهي. هي وڻ هوا مان پاڻي حاصل نه ڪندو آهي ، انهي ڪري منجهس گهم گهٽ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي ، انهي ڪري گهم جي وڌي وڃڻ ڪري سندس پن گهم جي اثر ڪري ڇڻڻ شروع ڪندا آهن . ٻئي طرف گهم سبب ڪنڊي جي پنن کي لونئين نالي هڪ جيت پڻ کائڻ شروع ڪندو آهي . هن جي سڱر جهلڻ جي مند پڻ اپريل کان مئي تائين هوندي آهي . انهي ڪري جنهن سال مارچ مهيني ۾گهم وڌيڪ ٿيندي آهي . انهي سال ڪنڊي جي وڻ ۾ سڱر پڻ گهٽ ٿيندا آهن . ڇو ته گهميل هوا ۾ ڪنڊي ۾ ڦل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت پڻ گهٽجي ويندي آهي. مارچ جي گهم سبب چوماسي ۾ برساتن جو مانڊاڻ ٺهي ايندو آهي. جيڪو ٿر ۾ برساتن وسڻ جو سبب بڻبو آهي. پر جنهن سال مارچ ۾ هوا ۾ گهٽ گهم موجود هوندي آهي انهي سال ڪنڊين جا پن پڻ گهٽ ڇڻندا آهن ۽ سڱر پڻ وڌيڪ پيدا ٿيندا آهن . گهم جي گهٽ هئڻ سبب ڪنڊيءَ جو وڻ سرسبز ۽ شاداب رهندو آهي . پر انهي سال هوا ۾ گهم جي گهٽ مقدار هئڻ سبب برسات نه وسندي آهي يا گهٽ وسندي آهي.
ڪنڊيءَ جي وڻ بابت انهي سائنسي ڄاڻ جي روشني ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي.
(3) ٻائوريءَ جو وڻ : هي وڻ به ٿر جو اهم وڻ آهي . هن وڻ جي پنن کي لونئين نالي هڪ جيت کائڻ شروع ڪري ، پن ڇڻن ، ۽ انهي ٻاوريءَ جي وڻ ۾ اڇو کئونر داڻا داڻا ٿي نڪري ، ته اهي به برسات وسڻ جا اهڃاڻ آهن.
ٿر جي لوڪ ڏهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٻاوريءَ جو وڻ به ريگستاني ۽ خشڪ علائقن جو وڻ آهي . هي وڻ به پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين مان پنهنجي پاڻي جي ضرورت پوري ڪندو آهي. چوماسي جي موسم ويجهي اچڻ ڪري جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڏي ويندو آهي . ته ٿر جي علائقي ۾ گهميل هوا سبب لونئين نالي پن ڪتريندڙ جيت پيدا ٿيندو آهي ، جيڪو هن وڻ جا پن ڪتري کائيندو آهي . ۽ هي وڻ پڻ گهڻي گهميل هوا برداشت نه ڪري سگهندو آهي . انهي رد عمل طور هن وڻ مان اڇو کئونر پڻ نڪرندو آهي . انهي سبب هي وڻ وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندو آهي. سندس سمورا پن ڇڻي ويندا آهن . انهي وقت هي وڻ سڪل وڻن جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي .
جيئن ته جنهن سال هوا ۾ گهم وڌيڪ هوندي آهي انهي سال برسات پڻ گهڻي وسندي آهي . پوءِ هي برسات جو جذب ٿيل پاڻي زمين مان حاصل ڪري ٻيهر ڦوٽهڙو ڪندو آهي. برسات وسڻ بعد هن وڻ جي ساوڪ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي .
هوا ۾ گهم جي مقدار وڌي وڃڻ ، لونئين جيت جو ٻاوري جي پنن کي کائڻ، ۽ گھڻي گهم سبب انهي سال ٿر ۾ برسات وسڻ ، لاڳاپيل عمل آهن . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سائنسي سچائي کي رد نه ٿو ڪري سگهجي .
(4) ٻير جو وڻ : هي وڻ به ٿر ۾ عام آهي . ٻير جي پنن کي جيت کائن ۽ پن ڇڻن ته اهو مينهن وسڻ جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن ٻير جا پن گهٽ ڇڻن ۽ ٻير وڌيڪ سائي ٿي گونچ ڪڍي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٻير هڪ ميويدار وڻ آهي . هن وڻ جا به علائقن ، موسمن ، ۽ زميني حالتن موجب ڪجهه قسم آهن . ٿر ۾ ريگستاني قسمن جي ٻيرن جا ٻه قسم ٿيندا آهن . جن مان هڪ ڄاڱريءَ يا ڇاپرو ٻير ۽ ٻي وڏي جنهن کي سنڌي ٻير چوندا آهن . هي وڻ پڻ ٻين ڪيترن ئي ريگستاني وڻن جيان ڊگهين پاڙن وارو وڻ آهي. هي پڻ پنهنجي ضرورت جو پاڻي زمين مان حاصل ڪندو آهي . هوا ۾ وڌندڙ گهم سان هن وڻ جاپن ڇڻڻ شروع ڪندا آهن .
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي تڏهن هن وڻ جي پنن کي پڻ لونئين نالي جيت کائڻ شروع ڪندو آهي . ۽ هن وڻ جا پن نرم هوندا آهن ، انهي ڪري هن وڻ جي پنن تي ٻين به ڪيترن ئي جيتن جو حملو ٿيندو آهي . انهي ڪري ڪتريل حالت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن . جنهن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهبو آهي ته هن سال مينهن وسندو ۽ ٿيندو به ائين ئي آهي . ڇو ته هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي مينهن وسائڻ جو سبب بڻبي آهي .پر جنهن سال چوماسي جي مند ۾ هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار گهٽ هوندو آهي . انهي سال ٻير جا پن گهٽ ڇڻندا آهن ۽ لونئين نالي جيت به گهٽ لڳندو آهي ، چوماسي جي مند ۾ ٻير جو وڻ پنهنجي ڦوٽهڙي جي موسم تي وري نوان گئونچ ڪڍي بغير برسات جي به سائو ٿي ويندو آهي.
ٻير جي وڻ جي انهن موسمي تبديلين کي نظر ۾ رکندي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي . انهي لاءِ هن اهڃاڻ کي جديد سائنس جي روشني ۾ درست مڃي سگهجي ٿو .
(5) نم جو وڻ : نم جي وڻ جا پن جيڪڏهن رنگ تبديل ڪري گهرا ساوا ٿين ، ۽ پسيل يا ڀنل محسوس ٿين، ته اهو مينهن اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نم جو وڻ هڪ گهاٽي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ آهي ، هن جو شمار انهن تمام ٿورن وڻن ۾ ٿئي ٿو ، جيڪي آڪسيجن وڌيڪ خارج ڪن ٿا ، ان ڪري هن کي ماحول دوست وڻ به قرار ڏنو ويو آهي. نم هڪ پن ڇاڻيندڙ وڻ آهي . هن کي انساني آبادين ۾ تمام گهڻي چاهه سان پوکيو ويندو آهي ، ٿر جي اسلام ڪوٽ ، مٺي ،ننگر پارڪر ۽ ٻين ڪجهه شهرن ۾ هٿرادو طور پوکيو ويو آهي. هن وڻ جا به دنيا جي مختلف علائقن جي موسم، آبهوا ، ۽ زميني حساب سان مختلف قسم موجود آهن .
نم جو وڻ پڻ زمين مان پاڻي حاصل ڪري پنن جي ذريعي خارج ڪري ٿو. برسات جي موسم ۾ جڏهن هوا ۾ گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي . تڏهن نم جي پنن مان پاڻي ٻاهر خارج ڪرڻ وارو نظام ٻاهرين هوا جي گهم ۽ آبي بخارن جي دٻاءَ سبب متاثر ٿيندو آهي . انهي ڪري پنن مان گهربل پاڻي جا بخار ٻاهر خارج نه ٿي سگهندا آهن. انهي سبب نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گهرو ٿي ويندو آهي. اهو عمل آبي بخارن جي هوا ۾ وڌي وڃڻ سبب برسات وسڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾ ٿيندو آهي. پنن جي رڪيل پاڻياٺ پنن مان ٻاهر خارج نه ٿيڻ سبب پنن ۾ رهجي ويندي آهي . جنهن ڪري هڪ طرف نم جي پنن جو رنگ وڌيڪ گهرو سائو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ٻئي طرف نم جا پن ڳرا ٿي ويندا آهن ۽ پن ڀنل پڻ محسوس ٿيندا آهن .
نم جي وڻ بابت سائنس جي روشني ۾ انهي مطالعي بعد ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي.
( 6) نم جو وڻ : جنهن سال نم جي وڻ ۾ نموريون وڌيڪ ٿين ، ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي . جيڪڏهن نم جي وڻ ۾ نموريون گهٽ ٿين ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، نم جو وڻ جيئن ته هڪ نهايت حساس ۽ نازڪ قسم جو وڻ آهي . هي زمين مان پنهنجي پاڙن ذريعي پاڻي حاصل ڪندو آهي ، هي وڻ زمين ، علائقي جي آبهوا ۽ پاڻي جي گهٽ وڌائي سبب دنيا جي اڪثر علائقن ۾ مختلف وقتن تي پنهنجو ڦل جنهن کي نموريون چيو ويندو آهي ، ڏيندو آهي . پر ٿر ۾ هي وڻ اپريل کان جولاءِ تائين نموريون ڏيندو آهي . اپريل ۾جڏهن چوماسي کان اڳ فضا ۾گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي . تڏهن هڪ طرف زمين ۾ پوسل جو مقدار وڌي ويندو آهي ته ٻئي طرف ٻاهرين گهم جي اثرن سبب نم جو وڻ گهٽ آبي بخار هوا ۾ خارج ڪندو آهي . جنهن سبب منجهس ساوڪ ۽ ڦل ڏيڻ جي قوت وڌي ويندي آهي ۽ هي وڻ وڌيڪ ٻور ۽ نموريون جهليندو آهي. جيڪو اصل ۾ هوا ۾ گهم جي وڌي وڃڻ جي نتيجي ۾ ٿيندو آهي. جنهن سال هوا ۾ گهم جو مقدار وڌيل هوندو آهي انهي سال چوماسي جي مند ۾ برسات به وڌيڪ وسڻ جا امڪان موجود هوندا آهن . پر جنهن سال هوا ۾ گهم جو مقدار گهٽ هوندو آهي . انهي سال ٿر جي زمين ۾ پوسل به گهٽجي ويندي آهي ۽ ماحول ۾ گهم جي نه هئڻ سبب نم جو وڻ پنن ذريعي هوا ۾ آبي بخار به خارج ڪندو آهي . جنهن ڪري منجهس ڦل پيدا ڪرڻ جي قوت گهٽجي ويندي آهي . انهي ڪري انهي سال نم جي وڻن ۾ نمورين جي پيداوار به گهٽجي ويندي آهي. جيڪو اپريل کان جولاءِ تائين هوا ۾ گهم جي گهٽ هئڻ جي نتيجي ٿيندو آهي . ۽ جنهن سال هوا ۾ گهم ۽ آبي بخارن جو مقدار گهٽ هوندو آهي انهي سال مينهن به گهٽ وسندو آهي . جنهن سبب ٿر ۾ ڏڪار اچي ويندو آهي.
نم جي وڻ جي سائنس جي روشني ۾ ڪيل هن مطالعي مان لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ٿئي ٿي .
(7) گگرال جو وڻ : گگرال جي وڻ جي ڪاٺين تي، جيڪڏهن ڳاڙهي رنگ جا ڦليا يا داڻا داڻا ٿين ته اهو به مينهن وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته، گگرال جو وڻ ريگستاني ۽ خشڪ جابلو ريتيلن علائقن جو وڻ آهي. هن وڻ مان گگر نالي هڪ قيمتي کئونر جهڙو مادو ملي ٿو، جيڪو دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو . انهي ڪري هن وڻ مان حاصل ٿيندر گگر نهايت قيمتي هوندو آهي. هن وڻ جي سموري واڌ ويجهه جو سرشتو هن جي ڪاٺي ۽ خاص ڪري کل ۾ هوندو آهي . چو ماسي کان اڳ ۾ مئي ، جون ، جي سخت لڪن جي موسم جنهن کي عام ٻولي ۾ چاليهي جي موسم سڏيو ويندو آهي.جنهن ۾ هن جا حساس ۽ نرم نازڪ پن ڇڻي ويندا آهن. جنهن سبب هي چوماسي جي مند ۾ مينهن وسڻ کان اڳ ۾ سڪل ڏسڻ ۾ ايندو آهي . پنن جي سڪڻ سبب هن جي زندگي جي سموري سرشتي جو دارومدار ڪاٺي ۽ سندس کل جي ريشن يعني تندن واري نظام تي هوندو آهي .
هي وڻ پڻ ٻين ريگستاني ٻوٽن جيان پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين جي پوسل مان پنهنجي پاڻي جي ضرورتن جو پورائو ڪندو آهي.
چوماسي جي موسم ۾ جڏهن هوا م گهم جو مقدار وڌي ويندو آهي ، تڏهن هن وڻ جي زندگي جي سرشتي جي ذميواري جو ڪردار ادا ڪندڙ کل ۾ موسمي گهم جي وڌيڪ مقدار سبب دفاعي رد عمل ٿيندو آهي ، جنهن ڪري هن وڻ جي کل تي ڳاڙهي رنگ جا ڦليا مٿي اڀري ظاهر ٿيندا آهن . جيڪو چوماسي جي موسم ۾ هوا ۾ وڌيل گهم ۽ آبي بخارن جي گهڻائي جو رد عمل هوندو آهي . جڏهن هوا ۾گهم جو وڌيڪ مقدار هوندو تڏهن ئي چوماسي جون برساتون وڌيڪ وسنديون .
گگرال جي وڻ جي انهي سموري سائنسي مطالعي بعد انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ سائنسي حقيقتون رکي ٿو انهي ڪري هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي .
(8) ڪونڀٽ جو وڻ: ڪونڀٽ جي وڻ جا پن کاڌل ڏسڻ ۾ اچن ، ۽ ڪونڀٽ جو وڻ پري کان سڪل نظر اچي ، ته اهو به برسات وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ڪونڀٽ جو وڻ پڻ صحرائي ۽ خشڪ ريتيلن علائقن جو وڻ آهي . هي وڻ پڻ پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين مان پاڻي حاصل ڪندو آهي . هن وڻ جو شمار پڻ پن ڇاڻيندڙ وڻن ۾ ٿئي ٿو .
چوماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي وڃي ٿو ، تڏهن هن وڻ جي پنن کي پڻ لونئين نالي جيت ۽ ٻيا جيت کائڻ شروع ڪن ٿا . جنهن ڪري هن وڻ جا پن هڪ طرف گرم ۽ گهميل هوا ۾ ڇڻن ٿا ته ٻئي طرف جيتن جي حملي سبب هن جا پن ڇڻيو ختم ٿيو وڃن ، انهي ڪري پري کان سڪل ڏسڻ ۾ ايندو آهي . پر جنهن سال هوا ۾ گهم جو مقدار گهٽ هوندو آهي. انهي سال هن وڻ جي پنن تي جيتن جو حملو پڻ گهٽ ٿيندو آهي . انهي حالت ۾ هن جا پن صرف گرم لڪن ۽ جهولن وقت ڇڻندا آهن. انهي ڪري جنهن سال ڪونڀٽ جي وڻ جا پن وڌيڪ ڇڻندا آهن ۽ سندس پن جيتن جي کائڻ سبب ڪتريل نظر ايندا اهن ، انهي سال هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي سبب برسات پڻ وسڻ جا امڪان موجود هوندا آهن . انهي ڪري ماڻهو ڪونڀٽ جي وڻ جا پن ڪتريل ڏسي چوندا آهن “ ڪونڀٽ پن ڪتريو ، مينهن آيو ڪي آيو ”
انهن سببن ڪري ڪونڀٽ جي وڻ جي پنن ڪترجڻ کي مينهن جي وسڻ جي امڪانن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. انهي ڪري جديد سائنس جي نظر ۾ ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي پڻ تصديق ڪري سگهجي ٿي..
(9) اڪ : اڪ جا ٻوٽا جنهن علائقي ۾ گهڻي تعداد ۾ هوندا اتي مينهن نه وسندو آهي .ٿر جي ٻوٽن ۾ اڪ واحد ٻوٽو آهي ، جنهن تي برسات جي کنوڻ به نه ڪرندي آهي. انهي ڪري ٿر جا ماڻهوپنهنجي گهرن کي کنوڻ جي نقصان کان بچائڻ لاءِ اڪ جون تازيون ٽاريون وڍي ڇتين ۽ دروازن تي رکندا آهن.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، اڪ جو ٻوٽو پن ڇاڻيندڙ ٻوٽن ۾ هڪ الڳ قسم جو ٻوٽو آهي . هي گرمي ۽ چوماسي جي مند ۾ سرسبز ۽ شاداب رهندو آهي . پر سياري جي سردي ۾ هن جا پڻ ڇڻي ويندا آهن . اڪ به ميداني ۽ ريگستاني علائقن جو ٻوٽو آهي . ان ڪري ٿر ۾ هي ٻنين ۽ ڏهرن جي ڪنارن تي عام جام ڏسڻ ۾ ايندو. هي ٻوٽو زهريلو آهي ، پر هن وڻ جي پنن کي ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن . انڪري هي ٿر جي ٻڪرين جي چاري جو به ذريعو آهي . جنهن ڪري ٿر جا ماڻهو هن ٻوٽي جو وڏو قدر ڪندا آهن . ريگستاني ٻوٽن جيان اڪ به پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين جي پوسل مان خوراڪ حاصل ڪندو آهي . هي ٻوٽو پنن جي ذريعي به هوا مان پاڻي ذخيرو ڪندو آهي. اڪ جي پنن تي هڪ ڪيميائي مادي جو تهه موجود هوندو آهي . جيڪو سڻڀ کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي قدرتي صلاحيت رکي ٿو . هي وڻ زمين مان وڌيڪ زهريلا معدني جزا پنهنجي خوراڪ ۾ استعمال ڪندو آهي . انهن زهريلن جزن سبب هن ٻوٽي ۾ پاڙ کان پنن تائين سندس رس ۾ زهريلا جزا ڪاربان ، ڪيلو ٽروپن، ڪيلو ٽاڪسن ، اسڪارڊن ، نائٽروجن ، سلفر ۽ ڪيلشم ڪمپا.ئونڊ جا سڀ جزا، ڪاربو هائيڊس الڪلائيڊ ۽ ٻيا ڪجهه جزا موجود هوندا آهن . انهن زهريلن جزن جي شامل ٿيڻ سان هن جو رس ٻين ٻوٽن جي رس کان وڌيڪ گهاٽو ۽ اڇو کير جهڙو ٿي ويندو آهي .انهي جزن جي ڪري هن جو رس بجلي جي اڻ پسرائيندڙ مادن سان ڀرجي ويندو آهي .
اهوئي سبب آهي جو بجلي جي اڻ پسرائيندڙ جزن جي موجودگي جي ڪري هن ٻوٽي تي کنوڻ نه ڪرندي آهي . ان لاءِ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۾ اڪ جي ٻوٽي تي بجلي نه ڪرڻ واري ڳالهه بلڪل سچي ۽ سائنسي سبب رکندڙ آهي . باقي اڪ جي ٻوٽن واري علائقي تي مينهن نه وسڻ واري ڳالهه جا ڪي به سائنسي سبب موجود ناهن ، انهي ڪري اها ڳالهه ڪوڙي ۽ بي بنياد سمجهڻ گهرجي . هي وڻ اڪثر بنجر ۽ غير آباد ٻنين ۾ وڌيڪ اڀري ايندو آهي . انهي ڪري ٿر جا ماڻهو جڏهن انهن غير آباد ٻنين ۾ اڪ جا ٻوٽا ڏسندا آهن ، ته شايد سندن ذهن ۾ اهو وهم پيدا ٿي ويو هجي ته اڪن واري زمين غير آباد رهندي آهي . ان ڪري هن وهم کي به هن اهڃاڻ ۾ شامل ڪيو ويو هجي .. پر انهي ڳالهه جا ڪي به سائنسي دليل موجود نه آهن .
(10) سيڻ جو ٻوٽو:هي ٻوٽو ٿر ۾ اڪثر جاين تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي .هي ٻوٽو جيڪڏهن برسات وسڻ کان اڳ ۾ سنگ ڪڍي ته ، اهو برسات ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي.
ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، سيڻ جو ٻوٽو پڻ ريگستاني علائقن جو ٻوٽو آهي. هي ٻوٽو پڻ پنهنجي ڊگهين پاڙن ذريعي زمين جي پوسل مان پنهنجي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪندو آهي. هي ٻوٽو ٿر جي تراين وارين جاين تي ٿيندو آهي . پوسل واري زمين ۾ ڦٽي ٽاريون ڪڍي زمين تي گول ڇٽ هڻي پکڙندو آهي . هي ٻوٽو جولاءِ جي پڇاڙي کان آگسٽ تائين پنهنجا سنگ ڪڍندو آهي. جيڪا هن ٻوٽي جي سنگن ڪڍڻ جي موسم هوندي آهي . هن ٻوٽي جي سنگن واريون ٽاريون مٿي اڀيون هونديون آهن باقي ٻوٽو زمين تي پکڙيل ڇٽ جي شڪل ۾ پکڙيل هوندو آهي .هوا ۾ گهم جي وڌي وڃڻ ڪري زمين جي پوسل ۾ اضافو ٿي ويندو آهي . جنهن ڪري پاڻي جي گهربل ضرورتن جي پورائي سبب هن ٻوٽي جي سنگ ڪڍڻ واري عمل ۾ تيزي اچي ويندي آهي ۽هي ٻوٽو وڌيڪ ڦوٽهڙو ڪندو آهي ، ان ڪري هن جي ڦوٽهڙي جي سبب سندس سنگ ڪڍڻ واري مدت ۾ پڻ تبديلي اچي ويندي آهي ۽ سندس سنگ ڪڍڻ جو عمل به آڳاٽو ٿي ويندو آهي . انهي ڪري ماڻهن کي مينهن وسڻ کان اڳ ۾ جولاءِ جي پهرئين هفتي کان ئي هي ٻوٽو سنگ ڪڍندي نظر ايندو آهي . جنهن ڪري ماڻهو هن ٻوٽي کي آڳاٽا سنگ ڪڍندي ڏسي اهو اندازو لڳائيندا آهن ته ، هن سال مينهن وسڻ جو امڪان آهي ، ۽ هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي سبب جڏهن جولاءِ جي پڇاڙي کان مينهن وسڻ جي شروعات ٿي ويندي آهي ، ته ماڻهن جو امڪان حقيقت جو روپ وٺندو آهي . جنهن سبب ئي ماڻهن جي سالن جي اهڙي مشاهدي سان ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن پيشنگوئي جو جنم ٿيو .
پر جنهن سال هوا ۾ گهم گهٽ هوندي آهي ۽ مينهن به نه وسندو آهي ، انهي سال هي ٻوٽو پنهنجي مقرر مدت ۾ سنگ ڪڍندو آهي .انهن سڀني ڳالهين کي جديد سائنس جي اصولن سان ڀيٽڻ بعد ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ٿئي ٿي .
(11) ٽوهه جي ول: ٽوهه جي ول بنا برسات جي ڦٽي ۽ تندون ڪڍي ته ، اهو برسات نه وسڻ جو ۽ ڏڪار جواهڃاڻ آهي.
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت ، جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٽوهه جي ول ريگستاني علائقن ۾ ڦٽندڙ هڪ ول آهي . هي ول پڻ ٻين ريگستاني ٻوٽن جيان پنهنجي پاڙن جي ذريعي زمين جي پوسل مان پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي . ٽوه جي ول پنهنجي پنن جي ذريعي پاڻي جو ذخيرو ڪري ٿي. ان جي ذريعي روشني جي ترڪيب جو عمل به ٿئي ٿو. جنهن سبب ٽوهه جي پاڙن ۾ پاڻي جو سندس جياپي جيترو ذخيرو موجود رهي ٿو . انهي ڪري ٽوهه جي پاڙ سائي رهندي آهي. چو ماسي جي مند ۾ جڏهن هوا ۾ ٿورا به آبي بخار گڏ ٿيندا آهن . ته انهي موسم ۾ پنهنجي روشني جي ترڪيبي عمل سان هن ۾ پن نڪرڻ ۽ ڦوٽهڙي جو عمل شروع ٿي ويندو آهي . جنهن ڪري هي سڀني ريگستاني ولين کان اڳ ۾ سائي ٿي پوندي آهي ۽ پنهنجي وڌڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيندي آهي .
پر ٻئي طرف فضا ۾ آبي بخار برساتن وسڻ جيترا نه گڏ ٿيڻ جي صورت ۾ مينهن نه وسندو آهي . جنهن سبب ٿر جا ماڻهو ٽوهه جي ولين کي برساتن کان سواءِ وڌندو ڏسي اهو اندازو لڳائيندا آهن ته هن سال مينهن نه وسندو . سندن انهي اندازي جو سائنس سان ڪو به تعلق ناهي ، ڇو ته ٽوهه جي ول جي واڌ ويجهه جو تعلق سندس پنهنجي علحده ترڪيبي عمل جو نتيجو هوندي آهي . هوا ۾ ٿورا به آبي بخار موجود هوندا ته اهي هن ول جي اسرڻ ۾ مددگار ٿيندا ۽ هي ول پنهنجي مخصوص ترڪيبي عمل سان وڌندي ۽ ويجهندي آهي . پر برسات وسڻ جي مانڊاڻ ٺهڻ لاءِ فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ۾ گڏ ٿيڻ ضروري هوندو آهي، فضا ۾ جيڪڏهن ٿورا آبي بخار گڏ ٿيل هوندا ته مينهن وسڻ جو مانڊاڻ نه ٺهندو . انهي ڪري ٽوهه جي ول جي سائي ٿيڻ لاءِ گهربل آبي بخارن ۽ مينهن جي وسڻ لاءِ آبي بخارن جي وچ ۾ مقدار جو فرق آهي . جنهن ڪري ٽوهه جي ول جي سائي ٿيڻ کي مينهن سان لاڳاپيل سمجهڻ سائنسي حقيقت ناهي . انهي ڪري جديد سائنس لوڪ ڏاهپ جي هن نتيجي کي درست نه ٿي سمجهي .
(12) سڻ جو ٻوٽو: هي ٻوٽو ٿر۾ ٿيندڙ عام ٻوٽو آهي. هي ٻوٽو بنا برسات پوڻ جي ڪچا گئونچ ڪڍي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. پر جيڪڏهن برسات کان اڳ ۾ گئونچ نه ڪڍي ۽ سڪل نظر اچي ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي .
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سڻ جو ٻوٽو وارياسن علائقن ،ريتيلي جابلو ماٿرين ۽ واري گاڏڙ مٽي جي ميداني علائقن جو ٻوٽو آهي . هي ٻوٽو به پنهنجي پاڙ ذريعي زمين جي پوسل مان پاڻي جي ضرورت پوري ڪندو آهي . هن ٻوٽي ۾ ننڍڙا ۽ ٿوري مقدار ۾نه هئڻ جيترا پن ٿيندا آهن . انهي ڪري هي ٻوٽو به پنهن جي پاڙن ۾ پاڻي ذخيرو ڪندوآهي ، ان ڪري سياري جي مند ۾ ۽ ان کان پوءِ جولاءِ جي پڇاڙي تائين هي سڪل ڏسڻ ۾ ايندو آهي . پر سندس پاڙ سائي رهندي آهي . هن ٻوٽي جو ڪاٺيون به ڀڃڻ وقت اندران سايون ڏسڻ ۾ اينديون آهن . صرف ظاهري طرح سڪل نظر ايندو آهي. وري جڏهن چوماسي جي مند ۾ هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار ڪجهه قدر وڌندو آهي ته ، هي گهم ۾زمين جي پوسل جي وڌڻ سبب پنهنجي واڌ جو عمل شروع ڪندو آهي . هي پنهنجون ڪاٺيون سايون ڪري مختصرننڍڙا پن ڪڍي ڦوٽهڙو ڪري پنهنجي ٽارين مان نوان گونچ ڪڍندو آهي. اهڙي ريت هي ٻوٽو پنهنجي واڌ ويجهه جو عمل شروع ڪندو رهندو آهي، سندس اهو عمل جولاءِ جي پڇاڙي کان شروع ٿي ويندو آهي. پر جڏهن هوا ۾ آبي بخار وڌيڪ هوندا آهن . گرمي ۽ آڙنگ ٿيندو آهي ، مينهن جو مانڊاڻ ۽ جهڙ ٺهڻ شروع ٿيندو آهي ته ، هي حساس ٻوٽو انهي وڌيڪ گهم ، گهٽ ٻوسٽ ۽ آڙنگ جي گرمي سبب ، وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي . هي ٻوٽو پنهنجي دفاعي حالت ۾ اچي ويندو آهي ، ائين جيئن هي ٻوٽو سياري جي سردي ۾ دفاعي حالت ۾ اچي سوڪهڙي جو شڪار ٿيندو آهي. اهڙي ريت هي ٻوٽو جيڪو اڳ ۾ سوڪهڙي جو شڪار هوندو آهي مٿان گرمي جي شدت اچڻ سبب دفاعي حالت ۾ اچي . پنهنجي حاصل ڪيل طاقت اتي دفاع ۾ پاڻ کي بچائيندي خرچ ڪندو آهي . ان ڪري هو جولاءِ جي پڇاڙي ۾ ڦوٽهڙو نه ڪري سگهندو آهي . پوءِ برسات وسڻ بعد جڏهن کيس زمين جي پوسل مان ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ملند و آهي ته هي وڌيڪ طاقت ملڻ بعد آگسٽ ۾ ڦوٽهڙو ڪندو آهي . سندس انهي برساتي ڦوٽهڙي ۾ گونچن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي ، سندس واڌ جي رفتار به تيز هوندي آهي . ائين هي ٻوٽو پنهنجي پاڇاٽي ڦوٽهڙي جي کوٽ پوري ڪري وٺندو آهي .
سڻ جي ٻوٽي جي انهي سائنس جي روشني ۾ ڪيل مطالعي بعدانهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته ، ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ نتيجن جي لحاظ کان درست آهي .
(13) موراڙيءَ جو ٻوٽو: هي ٻوٽو جيڪڏهن سياري جي پڇاڙي ۾ پچي گهڻو ٻج ڪري ۽ ٻج جو رنگ ڳاڙهو هجي ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي .
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، موراڙي جو ٻوٽوٿر جي ڪجهه علائقن ۾ ٿيندو آهي . هي ٻوٽو سرد علائقن ۾ پڻ ٿيندو آهي .پر ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙن علائقن ۾ گرمي جي مند ۾ گرمي به ٿئي. ٿر ۾ جيئن ته گرمي جي مند ۾ گرمي به وڌيڪ ٿيندي آهي ۽ سياري جي مند ۾ سيءَ به وڌيڪ ٿيندو آهي ، انهي لحاظ کان ٿر جو علائقو هن ٻوٽي جي واڌ ويجهه لاءِ موزون آهي. هن ٻوٽي جا ٻج سيپٽمبر مهيني کان ڦٽڻ شروع ڪندا آهن . سياري جي سيءَ ۾ هي ٻوٽو تيار ٿي ويندوآهي . هن ٻوٽي ۾ هي به خاصيت هوندي آهي ، ته جيڪڏهن هن ٻوٽي کي وڍيو ويو ته پوءِ هن ٻوٽي جي پکڙيل پاڙن مان ڪيترائي ٻيا ٻوٽا ڦٽي نڪرندا آهن . اهڙي خاصيت ٿر جي وڻن ۾ صرف روهيڙي جي وڻ ۾ آهي . هن ٻوٽي ۾ زهريلا ڪنڊا ٿيندا آهن . جنهن ڪري ماڻهو هن ٻوٽي کان پري رهندا آهن . هن ٻوٽي کي ٻارڻ يا ٻئي گهر جي استعمال ۾ به نه آڻيندا آهن . سياڻن ماڻهن هن ٻوٽي کان ماڻهن کي پري رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڊپ ڏياريندڙ ڳالهيون گهڙي ورتيون آهن . مثال طور ٿر جي ماڻهن جي دل ۾ ڊپ ويهاريو ويو آهي ، ته جيڪو به موراڙي جي ٻوٽي جون ڪاٺيون گهر ۾ ٻارڻ طور استعمال ڪندو ، ان جو مال مري ويندو . جيڪا ڳالهه سائنسي حقيقت ناهي . هي ٻوٽو ٻڪريون شوق سان کائينديون آهن . ڊسمبر کان جنوري تائين هي ٻوٽو ڇڳا ڪڍندو آهي جيڪي پچڻ شروع ڪندا آهن . سياري جي ختم ٿيڻ سان هن ول جي موسم به ختم ٿي ويندي آهي . جيئن ته موراڙي جي ول ۾ سردي برداشت ڪرڻ جي سگهه وڌيڪ هوندي آهي ، انهي ڪري جنهن سال سياري ۾ سردي وڌيڪ هوندي آهي . انهي سال هن ۾ وڌيڪ ڦوٽهڙي جو عمل ٿيندو آهي. جنهن سبب هن ول ۾ ڇڳا به وڌيڪ ٿيندا آهن . نتيجي ۾ تمام گهڻو ٻج حاصل ٿيندو آهي. اهڙن ٻجن جو رنگ به ڳاڙهو ٿيندو آهي. پر جنهن سال سيءَ گهٽ ٿيندو اهي ، انهي سال سال موراڙي جي ٻوٽي ۾ ڦوٽهڙو به گهٽ ٿيندو آهي ۽ سنگ به گهٽ نڪرندا آهن . ٻج جو رنگ به ڪارو ٿي ويندو آهي.
برساتن وسڻ جي قاعدن ۾ پڻ انهي ڳالهه جا ثبوت مليا آهن ته جنهن سال سياري ۾ سيءَ تمام گهڻا ٿيندا آهن . انهي سال گرمي جي موسم ۾ هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ انهي سال برساتون به وڌيڪ وسنديون آهن . ٿر جي ماڻهن جي مشاهدي ۾ پڻ انهي ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي . انهي مشاهدي جي بنياد تي ئي ٿر جا ماڻهو سياري ۾ گهڻي سيءَ جي نتيجي ۾ ٿيل موراڙي جي ٻج جي گهڻائي سان ڳنڍيندي مينهن جي وسڻ جي اڳڪٿي ڪندا آهن . جيئن هن اهڃاڻ ۾پڻ ائين ٻڌايل آهي. انهي ڪري ٿرجي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي پڻ سچو سمجهي سگهجي ٿو .