لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• ٿري ماڻهن جي سڪار ۾، ڏڪار جي مقابلي جي تياري

جڏهن ڪڪر ڪونجن وانگي قطارون ڪري ، اچي ٿرجي اڃايل ڀٽن جي چپن کي چمندا آهن . ته هو مهڪي ۽ ٻهڪيءَ پونديون آهن. ۽ ساوا ، پيلا ، رنگ رنگيلا ، دوشاله اوڍي، ڪنهن نوورنيءَ ڪنوار جيان سينگارجي ، هٿن ۾ گلن جا هار کڻي سندن آجيان ڪنديون آهن . ته سمورو ماحول خوشبوءَ جي هُڳاءَ سان واسجي ويندو آهي . جڏهن ڪارونجهر جي ڪور تي ويٺل مور ٽهوڪا ڪري سرمنڊل جا گيت آلاپيندا ، هيٺ لهندا پنهنجا پر کنڍيڙيندا مستي ۾وجداني رقص ڪندا ڪومايل دلين کي آٿت ڏيندا آهن ، ۽ جڏهن ڏور ڪنهن وڻ جي ٽار تي ويٺل ڪا ڪويل ڪوڪندي آهي، تڏهن ٿر جي مارو ماڻهن جي چپن جون رسي ويل مرڪون ساڻن سرچاءَ ڪنديون آهن ۽ پوءِسڪار جي آمد جو اعلان ٿيندو آهي .
ٿر جي ماڻهن کي جيئن ته پنهنجي لوڪ ڏاهپ وسيلي اڳواٽ برسات جي موسم اچڻ جي خبر هوندي آهي . ان ڪري هو اڳواٽ پنهنجون ٻنيون جهنگ وڍي صاف ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن ئي وسڪارو شروع ٿيندو آهي ، تيئن هو پنهنجي ٻنين ۾ ڍڳن ، اٺن ، گڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي ته ماڻهو پاڻ به جوٽجي هر کيڙيندا آهن . ٻج ڇٽيندا آهن . ٿر جا اڪثر فصل ناڙي ذريعي پوکيا ويندا آهن . آسپاس جيئن ته برسات تي گاهه ڦٽي ويندا آهن . پر ٿر جو مال جيڪو سڪل گاهه تي هريل هوندو آهي . تنهن کي برسات جي سائي ڪچي گاه کائڻ سان پيٽ جون بيماريون ٿينديون آهن . انڪري برسات تي ڦٽل ڪچڙي سائي گاه کارائڻ کان پرهيز ڪيو ويندو آهي .کين گاه سڪائي کارائڻو پوندو آهي، جيستائين برسات تي ڦٽل سائو گاهه پڪو نه ٿئي. انڪري اهو عرصوکين مال جي چاري جو الڪو هوندو آهي . پر عورتون اهو ڪم سنڀالي وٺنديون آهن ۽ ڌنارن جي مدد ڪنديون آهن .ٻئي طرف هو پنهنجو گهڻو وقت ٻني جي سار سنڀال ۽ ٻني جي گُڏ ( ليڏاڻ ) ڪڍڻ ۾ گذاريندا آهن . جڏهن فصلن جا سنگ هوا ۾ جهومندا آهن ته پکين جا ولر اچي ڪڙڪندا آهن ، جهار هڪلڻ جو ڪم شروع ٿي ويندو آهي . پوءِ ٻنين ۾ مٿانهين جاءِ تي پيها ٺهي ويندا آهن . گهٻڻ ( کانڀاڻي ) ۾ مٽيءَ جا ڳوڙها وجهي پيا چئوطرف اڇلائيندا ، ٽاٽ ، سان ٺڪاءَ ڪڍي پيا پکيءَ اڏاريندا ، ڪي لوهي ڏٻا پيا ڪٽيندا ، دٻي ۾ پٿر وجهي پيا کڙڪائيندا ۽ پکين کي پيا هڪليندا ، هر طرف هو هو ، جون هڪلون هونديون . جيڪڏهن پکين سان گڏ ڪو ڪنهنجي مال جو ولر به اچي ڪڙڪيو ته پوءِ ، ڀونڀٽيءَ کي ڦيرائي پيا اهڙا خوفناڪ آواز ڪڍندا جوپکين سان گڏ مال به ڀڄي پري ٿيندو. ( ڀونڀٽيءَ َ هڪ بانس يا ڄار جي سنهي پٽيءَ جيڪا ٽي انچ ويڪري ۽هڪ فوٽ ڊگهي هوندي آهي. جي هڪ ڇيڙي تي سوراخ ڪڍي ان ۾ مضبوط ڏور ٻڌي ، ان ڏور جو ٻيو ڇيڙو هڪ سڌي ءَ سنهي ۽ ڏيڍ فوٽ ڊگهي ڪاٺيءَ جي منڍ ۾ ٻڌي پوءِ انهي ڪاٺي کي ڦيرائيندا آهن. ته ان سنهي پٽيءَ جي ڦرڻ سان خوفناڪ آواز نڪري ٿو )جهار هڪليندڙ هارين ۾ ڪجهه پوڙها ۽ ڪمزور ماڻهو به هوندا آهن . جيڪي وڌيڪ ڀڄ ڊڪ، نه ڪري سگهندا آهن . سي وري پنهنجي ٻني تان جهار هڪلڻ لاءِ رکي رکي پيا ڀئونڪڻ جنهن کي ڪي رانڀاڙيءَ به چون وڄائيندا آهن . جنهن مان ته وري اهڙو خوفناڪ آواز بکايل شينهن جي گجگوڙ جهڙو نڪرندو آهي ، جو سمورا پکي ، جانور انهي ٻني کان ڀڄي پري ٿيندا . ( ڀئونڪڻ يا رانڀاڙيءَ هڪ تمام سادي ، ۽ استعمال ڪرڻ ۾ آسان شئي آهي . ڪو ننڍو سمجهه ڀريو ٻار، ڪا عورت ، ڪو پيرسن ماڻهو به ان کي بنا تڪليف جي وڄائي سگهي ٿو. ڪنهن ٿلهي ڪپڙي، پلاسٽڪ جو ٽڪر ، يا چمڙي جو ٽڪر، کڻي ان جي وچ ۾ سوراخ ڪڍي پوءِ ان مان مور جي کنڀ جو منڍ وارو ٿورو حصو آرپار مٽائي ڪنهن ڌاڳي سان مور جي کنڀ جي ، ڪپڙي ، پلاسٽڪ يا چمڙي مان پار منڍ کي ويڙهي اهڙي ڳوڙهي ٺاهيندا آهن ، جيئن اهو مور جي کنڀ وارو حصو ڇڪ تي ڪپڙي مان نه نڪري . ان کان پوءِ ڪنهن ٺڪر جي ماٽي جي منهن تي اهو تيار ڪيل ، ڪپڙي ، پلاسٽڪ يا چمڙي جو ٽڪرواهڙي ريت رکندا آهن ، جو کنڀ جي ٻڌل منڍ وارو حصو ماٽيءَ جي اندرئين پاسي ٿئي ، ۽ کنڀ ٻڌل سوراخ کي ماٽي جي منهن جي بلڪل وچ تي رکي کنڀ وارو حصو ٻاهر ڪري ، دهل وانگر ڇڪي ٻڌندا آهن . بس ڀئونڪڻ يا رانڀاڙيءَ تيار ٿي ويئي . پوءِ ان کي کڻي ٻني جي وچ۾ ڪنهن آرام ده جڳه تي رکندا ، جيئن ان کي وڄائڻ وارو ماڻهو آرام سان ويهي سگهي . هاڻي وڄائڻ وارو ماڻهو پنهنجي وڄائڻ واري هڪ هٿ جون آڱريون پاڻي مان پسائي مور جو کنڀ چپٽيءَ ۾ جهلي مٿي آرام سان هلائيندو ته خوفناڪ آواز نڪرڻ شروع ٿي ويندا. ) اهڙي ريت جهار هڪلڻ جي موسم پئي هلندي آهي ، فصل پيا پچندا آهن . پيهن تي جهار هڪلڻ وارن هارين جي هو هو هونگار سان گڏ ڪو ڪافيون پيو ڳائيندو ڪوگيت پيو جهونگاريندو ته ڪو هڪلون پيو ڪندو . ته ڪو وري ڀونڀاٽيءَ ۽ ڀئونڪڻ سان پيو خوفناڪ آواز ڪڍندو . ته ڪجهه ڏور ڪنهن ڌنار جون مال کي هونگارون هونديون ۽ مال جي چڙن جا مختلف آوازهوندا . آوازن جو اهڙو سنگم به عجيب غريب ماحول پيدا ڪري ڇڏيندو آهي .ڄڻ سموري ڪائنات جا سڀئي آواز گڏجي سرمنڊل جي ساز تي ڪو خوشي ۽ غم جي گڏيل ڪيفيتن جي ترجماني ڪندڙ راڳ ڳائي رهيا هجن .
جڏهن فصل پچي تيار ٿيندا آهن ، ته لابارن جي موسم اچي ويندي آهي . پوءِ ته فصل اڳ ۽ پوءِ پيا پچندا آهن . ان لاءِ اڳين فصلن کي ميڙڻ لاءِ هارين جي آبٿن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي . هاري هڪٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ بنا پڇي ميدان ۾ اچي ويندا آهن . پوءِ ته انهن آبٿن دوران هارين جي گڏيل گيت همرچي جو هرطرف هونگارو پيو هلندو . ڪم به پيو ٿيندو ۽ دلين جا غبار به پيا لهندا . عورتون وري گڏجي ٻنين جي آسپاس وارو گاهه پيو وڍينديون ۽ گڏ ڪنديون آهن . اهي وري ڪئين ڪوڏاڻا گيت ڳائي پيون روح کي ريجهائينديون آهن . انهن آبٿن واري زماني ۾ جيئن ته اناج جي کوٽ هوندي آهي ، پر مال ۾ کير جام ٿي ويندو آهي . انهي ڪري آبٿ وارن کي کارائڻ لاءِ ٻاجهر جي رٻ رڌي ان ۾ ڳڙ ملائي پوءِ هرهڪ کي ڏنل رٻ ۾ گيهه جون وٽيون هاري پيا ڏيندا آهن . گيهه کائڻ جون شرطون لڳنديون آهن . چرچا ڀوڳ پيا ٿيندا آهن . ائين ٽهڪن ۾ وري جڏهن مورن جا ٽهوڪا رکي رکي پيا شامل ٿيندا آهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ، ڄڻ ٿر جو رستو ڀلجي ويل مرڪن موٽ کاڌي هجي .
فصل لابارو ٿي جڏهن کرن ۾ پهچندا آهن ته ، پوءِ ان کي صاف ڪرڻ جو دور شروع ٿي ويندو آهي . ڏينهن جو هلرون پيون هلنديون ، ڪو هلر پيو ڳاهيندو ، ڪو ان پيو وائريندو ڪوپڳرپيو اٿلائيندو، ڪو ڏنڊن سان پيو سٽ ڪٽ ڪندو ، پوروڏينهن انهي ڪم ۾ ڪجهه عورتون به شامل هونديون آهن. رات جو انهن کرن تي وري هارين جون ڪچهريون مچي وينديون آهن . ڪو بئنسري پيو وڄائيندو ، ته ڪو الغوزي جا لهرا هوا ۾ ڇيڙي ڄڻ سڄي ڏينهن جا ٿڪ لاهڻ لاءِ گرمي جي اُٻس کي جسم مان ڪڍڻ لاءِ مورڇل پيو هڻي . ڪو چنگ وڄائي پيو چاهتن جي چڻنگ دکائيندوآهي .ڪڏهن ڪڏهن وري ڪوچارڻ ، ڪو ڀان ، ڪو سگهڙ ، ڪو نڙ بيت وارو يا مڱڻهار فقير آيو ته ڄڻ سندن دنيا جا سڀ رنگ موٽي آيا .پوءِ سڀ گڏجي کري جي وچ تي ڪچهري مچائيندا وڃي ڀنڀرڪو ٿيندو. اناج صاف ٿيو ته بٽئي شروع ٿيندي . ٿر ۾ بٽئي دوران ڪانٽي تي تور نه ٿيندي آهي . ماپ جا پراڻا ماپا ، چوٿايون ، پاٽيون ، ٽويا ، ڪاسا ، استعمال ٿين. ملائي سڀ حساب خرارن ۾ ڳڻيندا آهن . ٿر ۾ انهن ماپن جي حساب سان هڪٻئي کان اڌارو ان کڻندا. ڪو به ڪنهن کي ڪابه شئي گهرڻ تي دل کولي اڌاري ڏيندو آهي . انهي وقت چوندا ته “ ادا ! اڃان لهي اڀري پيو . اُڌاري جي ماءُ ڪانه مُئي آهي .” بٽئي ڪرڻ وقت پير فقير کي خيرات به ڏبي ، ٻارڙن کي به ٻُڪ (خرچي لاءِ ان ) طور ڪجهه ڏبو. ڪنڀار ، لوهار ، کي به آهت ڏبي. پهرين بٽئي ڪندڙ هاري ڪجهه ان آڻڻ کانسواءِ خالي هٿين واپس گهر ايندا آهن ، پوءِ انهن کي هرڪو کنيل اوڌر جو ان سندن بٽئي ٿيڻ تي واپس ڪندو رهندو آهي . ٿر ۾ هڪ گڏيل طور تي رواج آهي ته گهر آندل ان جا ٽي حصا ڪبا آهن . هڪ حصو کائڻ لاءِ ۽ ٻج لاءِ رکبو. ٻيو حصو وڪرو ڪري قرض لاهبا يا روڪ رقم وٺي گهر جا ڪپڙا لٽا يا ڪو مال وٺبو. باقي ٽيون حصو مورن ۽ ٻين پکين لاءِ ۽ خيرات لاءِ گهر ۾ ڌار رکي ڇڏبو آهي . ائين هلندي بٽائين جو دور به ختم ٿيندو آهي . انهي لاباري کان وٺي بٽئي تائين واري دور دوران هڪ پاسي چڀڙن ، متيرن ، گوار ڇانهين جا ٻج گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي سڪائي رکڻ جو ڪم به پيو هلندو آهي . ته ٻئي پاسي گاهن کي وڍي سڪائي گڏا ٻڌي رکڻ جو ڪم به هلندڙ هوندو آهي . جيڪو ڪم گهڻي ڀاڱي عورتون ڪنديون رهنديون آهن .
ان کان پوءِ کاڌي جي گڏ ڪيل شين کي حفاظت سان رکڻ جو ڪم شروع ٿيندو آهي . مرد ڪنهن مٿانهين جاءِ تي کپ وڍي وڇائي ان جي مٿان گاهه جو ٻڌل ڳٺڙيون يا گڏا هڪٻئي مٿان سٿيندا رکندا ويندا . ائين جڏهن سڀ گاه گڏ ٿي ويندو ته ، پوءِ پاسن کان ٻه فوٽ پري کپ ، سڻ ، وغيره سان مضبوط پتر ٻڌي مٿان کان کپ سڻ وڇائي چئونري وانگر کپ کي نوڙين سان ٻڌي ڇت مضبوط ڪندا آهن . پوءِ مال وغيره کان بچاءَ لاءِ ڪنڊن وارن وڻن جون ٽاريون چئوطرف ڦيرائي بي اونا ٿيندا آهن . گاهه جي ٿوري گڏ ڪيل ڍڳ کي سٿو ، ان کان وڏي کي دن ۽ سڀ کان وڏي ڍڳ جنهن ۾ سئوبيل گاڏين جيترو يا ان کان وڌيڪ گاهه رکيل هوندو آهي . انکي ڪالر،دن يا ڪالري سڏيندا آهن .
ٻئي طرف گهرن ۾اڪثر عورتون کاڌ خوراڪ سڪائي محفوظ ڪرڻ ۾ رڌل هونديون آهن . جيڪي شيون کين ڏڪار جي وقت ڪم اينديون آهن . عورتن جو اهو ڪم برسات کان اڳ يا پوءِ هلندڙ هوندو آهي. هو هر شئي کي محفوظ ڪرڻ جون ماهر هونديون آهن.
پيرونءَ چونڊڻ :
مئي ، جون ۾ ٿر جي ڄارين ۾ پيرونءَ ٿيندا آهن . ڪچن پيرن کي مَاڇڪ ۽ پڪن کي پيرونءَ چوندا آهن . صبح ٿيڻ سان ئي عورتون ۽ ٻار، ٽٻڪ ، ٽٻڪڙا ، ۽ ٿانوَ ، کڻي ڀر وارين ڪڏهن پري وارين ڄارين تي چڙهن ، پوءِ ته پيرون چونڊڻ ۾ به شرط لڳندا ،ته ڪير ٿو گهڻا چونڊي ، وقت بوقت هڪٻئي کان پيو پڇنديون ته تو ڪيترا پيرونءَ چونڊيا ، پوءِ ڪا چوندي ته ادي منهنجو ٿانو تريليو(تر تائين ) ٿيو آهي ، ته ڪا چوندي ته آڌيليو( اڌ ) ٿيو آهي ته ڪا ڀريليو ( منهن تائين ) چوندي ته ڪا چوندي ته آئون کٽي ويس منهنجو ٿانو چوٽيليو( چوٽيءَ تائين ) ٿي ويو. ائين ٽاڪ منجهند جو واپس ورنديون آهن . پيرونءَ ٿر جا ڄڻ ته انگور هجن . ٿر جا ماڻهو پيروئن جا ٻه ڦڪا هڻي، پاڻي پيءَ ويلو ٽاري به ڇڏيندا آهن .
پيرون سڪائي رکڻ جو طريقو :
باقي بچيل پيروئن کي ڪپڙو وڇائي ان تي سڪائڻ لاءِ اس تي رکيو ڇڏين .انهن کي وقت به وقت ڪاٺي سان پيون اٿلائينديون آهن . پر هٿ نه لڳائينديون آهن ، ڇو ته هٿ لڳائڻ سان پيرونءَ خراب ٿي ويندا آهن . مڪمل طور سڪڻ کانپوءِ انهن کي ڪپڙي جي ڳوٿرين يا ڪنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ رکيو ڇڏين . ڏڪار وقت اهي پيرونءَ به سندن ويلو ٽارڻ جوسبب بنجن ٿا . انهي کي ڪوڪڙ چوندا آهن.
پيرن جو ڳڙ:
تازن پيرن کي ماٽي ۾ وجهي پوءِ جهيرڻي يا منڌيءَ سان ولوڙي پاڻي ڪري پوءِ انکي ڇاڻي ٻج ڌار ڪري ، باقي رس کي ڪاڙهي خشڪ ٿيڻ بعد ڪڍي ٿانوَ ۾ رکيو ڇڏين . ضرورت وقت ان کي چمچي سان ڪڍي کائين
ڪرڙ جي پسيءَ :
ٿر ۾ ڪن جاين تي ڪرڙ جو وڻ به ٿئي ٿو ، هن وڻ جي گلن کي پُسي چوندا آهن . پُسيءَ جيستائين ڪچي ۽ هيڊي سائي رنگ جي هوندي آهي ، تيستائين ان کي اٻاري ٻوڙ ٺاهي کائيندا آهن . هي ٻوڙ ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي .
ڪرڙ جا ڏونرا :
ڪرڙ جي وڻ ۾ ڏيلها يا ڏونرا نالي سان گول ڦل ٿيندو آهي . هي ڦل ڪچو پٽي ان کي اٻاري ٻوڙ ٺاهي کائيندا آهن . يا ڪچن ڏئونرن کي پاڻي جي ڀريل مٽن ۾ وجهي اس تي رکي ڇڏيندا آهن ، ٻن هفتن بعد انهن کي پاڻي مان ڪڍندا ته سندن ڪڙاڻ ختم ٿيل هوندي ، انهن کي تيليا چئبو آهي، جيڪو پورو سال پيو کين ڳُنڌڻ طور ڪم ايندو آهي .
ڪرڙ جا پڪا :
ڪرڙ جو ڦل پچي جڏهن ڳاڙهو ٿيندو آهي ته اهو ڏاڍو مٺو ٿيندو آهي . جنهن کي ماڻهو ۽ پکي شوق سان کائيندا آهن. هن کي پڪا چوندا آهن . ڪجهه ماڻهو پڪن کي جهيرڻو هڻي ، ٻج ڇاڻي رس ۾ ٻاجهر يا ڪڻڪ جو ڏارو وجهي تاهري ڀت به رڌي کائيندا آهن . جيڪو ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي .
ڪنڊي جون سڱريون :
ڪنڊيءَ جو وڻ ٿر ۾ عام آهي . هن جا گل جن کي مڃر چئبو آهي ، سا اٺن جي پسنديده خوراڪ آهي . ڪنڊيءَ جي ڪچين سڱرين کي اٻاري ٻوڙ به رڌيندا آهن . هنن ڪچين سڱرين کي ڇانوَ ۾ سڪائي ، پوءِ ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ يا ڪپڙي جي ڳوٿري ۾ وجهي رکي ڇڏيندا آهن . هي رکيل سڪل سڱريون کين ڏڪار جي حالتن ۾ ڀاڄي جو ڪم ڏينديون آهن .
ڪنڊي جا سڱر:
ڪنڊيءَ جا سڱر جڏهن پچي ويندا آهن ، ته اهي مال جي بهترين خوراڪ آهن . هنن سڱرن کي سڪائي ٿانون يا ڳوٿرين ۾ رکي ڇڏيندا آهن. جن کي ٿر جا ماڻهو کوکا سڏين ٿا. اهي کوکا ڏڪار جي وقت وڏي ڪم جي شئي ٿيو پون ٿا. هنن کوکن کي پيهي اٽو ٺاهي ٻئي اٽي سان ملائي ماني پچائي کائيندا آهن.
گوار جون ڦريون :
گوار جو فصل ٿر جو عام ۽ وڏو فصل آهي . گوار جي ڪچين ڦرين کي اٻاري ٻوڙ رڌيندا آهن. گوار جي ڪچين ڦرين کي ٿورڙو اٻاري يعني آڏاري يا بنا آڏارڻ جي به سڪائي ڇڏيندا آهن . پوءِ اهي سڪل ڦريون مٽيءَ جي ٿانون ۾ محفوظ ڪري رکيو ڇڏين. ڏڪار ۾ انهن ڦرين جي ٻوڙ رڌڻ کانسواءِ گيهه ۾ تري چپس به ٺاهيندا آهن . جيڪي ڏاڍا لذيذ ٿيندا آهن . ٿر ۾ گوار جو ٻج وڪري بعد ڪجهه گهر ۾ رکيو ڇڏين . گوار جي ٻج جو ڏارو مال جي بهترين خوراڪ آهي . گوار جي ڪٽيءَ به مال جي چاري ۾ استعمال ٿيندي آهي . گوار جي پنن ۽ ڪٽيءَ کي پيهين پائوڊر ڪري به کارائيندا آهن . جنهن کي ڪي ماڻهو چنو به چوندا آهن .
چڀڙ :
چڀڙ ٿر ۾ عام جام ٿين ٿا . هي مينهن وسڻ بعد خاص ڪري گوار ۽ ٻاجهر جي فصلن ۾ قدرتي طور اڀريو اچن . ڪٿي ڪٿي باقائده پوکيا به وڃن ٿا . هن جا ڪجهه قسم به ٿين ٿا . ننڍڙن کي چڀڙ ۽ وڏن کي متيرا به چوندا آهن. هي پچي وڃڻ کانپوءِ کٽي مٺي سواد وارا کائڻ ۾ مزيدار ٿيندا آهن . ڪچا چڀڙ کارا ٿين ، جيڪي صرف مال جي چاري ۾ ڪم اچن ٿا . چڀڙن جو ٻوڙ ڏاڍو لذيذ ٿيندو آهي . هنن مان خاص طور تي ننڍن چڀڙن کي وڍي لوڻ لڳائي سڪائي به ڇڏيندا آهن . جن کي خشڪ ٿيڻ بعد ٺڪر جي ٿانوَن ۾ محفوظ ڪري رکندا آهن . جيڪي ڏڪار جي وقت ٻوڙ جي ڪم اچن . چڀڙن جا چپس به ڏاڍا وڻندڙ ۽ ذائقيدار ٿيندا آهن . جن کي ٿري ماڻهو ڪوڪلا چوندا آهن .
ڇانهين جا ٻج :
ڇانهين (هنداڻا ) به ٿر جو عام فصل آهي . ٿر جا ماڻهو ڇانهون کائڻ بعد ان جا ٻج ضايع ٿيڻ نه ڏيندا آهن . هو انهن کي به لوڻ هڻي سڪائي رکندا آهن . جيڪي ڏڪار وقت ڀڃي کائيندا آهن . انهن جو ذائقو به سٺو آهي . ڇانهين ۽ ڇانهين جي ٻج جي وڪري مان به کين سٺي آمدني ٿيو پوي .
گدريون :
هي به ٿر جو عام فصل آهي ،جنهن مان ناڻوملي ٿو . ٿر جا ماڻهو گدرين جو ٻج به لوڻ هڻي سڪايو رکن . جيڪو ڏڪار جي وقت سندن سهارو ٿيو پوي .
ٽوهه جو ٻج :
برسات بعد ٽوهه جون وليون به هر جاءِ تي قدرتي طور ڦٽيو پون . جيڪي هر جاءِ بي انداز نظر اينديون . ٽوهه جون وليون ۽ ٽوه مال جو چارو آهن . ٿر جا ماڻهو ڏڪار جي تياري جي سلسلي ۾ ٽوهه کي شامل ڪندا آهن . ٽوهه ڏسڻ ۾ ته خوبصورت پر ذائقي ۾سخت ڪڙو آهي . ٿر جا ماڻهو ٽوهه کي پٽي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڏا کڏا کوٽي انهن ۾ ٽوهه وجهي مٿان واريءَ سان ڍڪيو ڇڏين . ڏڪار جي موسم اچڻ سان ، انهن کڏن ۾ پوريل ٽوهن کي ڪڍي ٻاهر کپ وڇائي سڪائي ڇڏيندا آهن. سڪڻ بعد انهن کي سٽي ڪٽي ٻج ڪڍي گهر کڻي ايندا آهن . پوءِ جڏهن گهر ۾ رکيل اناج جي کوٽ محسوس ڪندا آهن ، تڏهن انهي ٽوهه جي ٻج کي تئي يا دانگيءَ تي ڀڃي جنڊ ۾ پيهي اٽو ٺاهي ، ٻئي اٽي سان ملائي ماني ٺاهي کائيندا آهن . ائين ٽوه جو ٻج به ڏڪار ۾ سندن سهارو بڻجيو پوي .
لسي :
سانوڻ جي مند ۾ مال ۾کير تمام گهڻو ٿيندو آهي . جنهن ڪري گهرن ۾ لسي کائڻ پيئڻ کان گهڻي ٿي ويندي آهي . ٿر جا ماڻهو هن لسيءَ کي ڏڌ يا جهڻ به چوندا آهن . ٿر جون عورتون بچيل گهاٽي لسيءَ کي ڪاڙهي ڦيڏر ڦيڏر ڪري ان کي سنهي ڪپڙي مان ڇاڻي پوءِ انهي ڦيڏر کي سڪائي ٺڪر جي ماٽيءَ ۾ رکنديون آهن . ڏڪار جي وقت انهي مان ڪجهه کڻي پاڻي ملائي جهيرڻو هڻي لسي ٺاهينديون آهن . جيڪا ڏڪار ۾ هنن لاءِ وڏي نعمت ٿيو پوي .
ڀرٽ :
هي وسڪاري تي ٿر ۾ ڀٽن ، ڏهرن ۽ ٻنين۾ هڪ قسم جو گاه ٿيندو آهي .جنهن کي مال شوق سان چَرندو آهي . سگهڙ عورتون هن کي ڪٽي ٻج ڪڍي ان کي سيڪي ڪنڊا ساڙي ڳڀ ڪڍي ان کي اٽي ۾ ملائي ماني به پچائينديون آهن . ڪي محنتي عورتون ڀرٽن جي اٽي ۾ کونر ملائي گيهه ۾ پچائي حلوو به ٺاهينديون آهن . جو نهايت لذيذ هئڻ سان گڏ طاقت ڏيندڙ هوندو آهي . ٿر جا ماڻهو هن حلوي کي “ کوڏ ” سڏيندا آهن. جو پنهنجي پيارن دوستن کي تحفي ۾ به ڏيندا آهن . هي حلوو ٿر جي خاص سوکڙي آهي .
گيهه :
مکڻ کي ٽاڻي ان مان گيهه ٺاهيو ويندو آهي . ٿر جون عورتون مکڻ ٽاڙڻ مهل ان ۾ چانورن يا ٻاجهر جو ڏارو وجهي ڇڏينديون آهن . گيهه پچڻ بعد ان کي ڇاڻي صاف ڪري الڳ ڪنديون آهن، جنهن کي ٿر جا ماڻهو وسنان سڏيندا آهن . هي به طاقتور غذا طور استعمال ڪيو وڃي ٿو . ٿر جا ماڻهو تازي وسنان کي اڪ جي پنن تي رکي به کائيندا آهن ، سندن چوڻ آهي ته اڪ جي پنن تي رکي وسنان کائڻ جي خاص لذت آهي .
اناج :
بٽئي ٿيڻ بعد جڏهن اناج گهر ۾ پهچي ٿو ته ، ٿر جون عورتون انهي ان کي اس تي سڪائي ، نم جا پن ملائي . لڏ ۽ مٽيءَ مان ٺهيل گندين يا مٽيءَ جي ڪوٺلن ۾ ان کي رکي مٿان مٽيءَ جو راڳو ڏيو ڇڏين . ائين اهو ان مڪمل طور محفوظ ٿيو وڃي .
داليون :
ٿر ۾ ڪورڙ يعني موٺ ، چڻا ، مڱ ۽ چئونرا به ٿين ٿا . ٿرجون عورتون انهن کي به سڪائي ٿانون ۾ وجهي منهن کي مٽيءَ سان لنبي بند ڪري رکيو ڇڏين . وقت تي انهي مان ڪجهه ڪڍي جنڊ تي ڏري دال طور استعمال ڪن ٿيون .
ٿر جون سگهڙ عورتون جنهن ڏاهپ سان هر شئي کي سانڍي رکڻ جي جيڪا مهارت رکن ٿيون . انهي جو هن جديد دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي . هي ڏاهپ صرف ٿر جي ئي ميراث آهي ، جنهن سان ٿر جا ماڻهو ڏڪار جهڙي ديوَ جو مقابلو ڪن ٿا. هي لوڪ ڏاهپ ئي کين زندگي جي جياپي لاءِ ڪم اچي ٿي ، ۽ هو ڏڪار جي اذيتن جو مقابلو ڪري پار پون ٿا. زندگي جي جياپي جي جنگ کٽڻ ڪيتري نه مشڪل آهي . اهڙي جنگ کٽڻ وارا ماڻهو ئي زندگي جي اهميت کي سمجهن ٿا.
اهڙي ريت ٿر جا ماڻهو پنهنجي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن جي روشني ۾ ايندڙ هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل بنجي ويندا آهن . سندن لوڪ ڏاهپ جي روشني ۾ ڪيل اڳواٽ تياري جي نتيجي ۾ ئي هو نه صرف زنده آهن ، پر پنهنجي سمورن سماجي قدرن جي سگهه سان جاڳندا به رهن پيا . ٿر جا ماڻهو صدين کان ڏڪارن جو مقابلو ڪندا آيا آهن . انهي ڪري هو سڪار جي سمر کي آئنده لاءِ سنڀالي رکن ٿا . سندن اها اڳ ڳڻتي ئي کين ڏڪار سان ويڙهه ۾ سوڀارو ڪري ٿي . جيڪو ئي سندن جياپي جو راز آهي .
ٿر جو سماج ، انهي سموري جياپي جي جنگ ۾ اميدن جي سهاري جيئندو رهندو آهي . لوڪ ڏاهپ جي روشني ۽ ڏسيل اهڃاڻن کي ڏسندي هن لاءِ ايندڙ هر سج اميدن جا جهول ڀري کڻي ايندو آهي . هر مايوسي جي پويان ڪئين اميدون جيئڻ جي سگهه ۾ اتساهه ڀرينديون آهن . ائين مايوسين ۽ اميدن جي لڪ لڪوٽي راند ۾ هميشه اميدون ئي سوڀاريون ٿينديون آهن . هتي اميدون زندگي جي پويان سهارو ڏيندي ۽ پيڇو ڪندي هلنديون رهنديون آهن . اميدن جي سهاري ۽ ٽيڪ سان صدين کان زندگي موت جهڙي مايوسيءَ کي شڪست ڏيندي ، ۽ ٿري سماج کي اتساهه جي دولت سان مالا مال رکندي پئي اچي . ٿر کي ڏسندي مايوسين سان ويڙهه ۾ اميدن جي اتساهه، انساني همت ۽ جياپي جي سگهه ۾ ويساهه پختو ٿي وڃي ٿو.