لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• آسمان ، سج ، چنڊ ۽ تارا

( 1 ) چئوماسي جي مند ۾ آسمان جيڪڏهن اڇاڻ مائل ۽ مٿي اوچائي تي نظر اچي ته اهو برسات نه وسڻ ۽ ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
هن اهڃاڻ جي باري ۾ سائنس جي ماهرن جورايو آهي ته ،آسمان جا رنگ فضا ۾ موجود هوا ، پاڻي ،مختلف گئسن ،مٽي ۽ روشني جي مقدار جي حساب سان ڏسڻ ۾ ايندا آهن .انهن رنگن مان ئي فضا ۾ موجود هوا ، پاڻي، گئسن ، مٽي جي دز ۽ روشني جي مقدار جو اندازو ڪري سگهبو آهي . روشني هوا ۽ مٽي جي سنهڙي دز مان ته سڌو گذري ويندي آهي ، پر پاڻي مان گذرندي روشني جا رنگ تبديل ٿيندا رهندا آهن . فضا ۾ جيڪڏهن آبي بخار گهٽ هوندا ، هوا ۾ دز جو مقدار وڌيڪ هوندو ته آسمان جو رنگ ڌنڌلو ٿيندي سج جي روشني جي سفيدي ۾ اڇاڻ مائل ٿي ويندو آهي۽ زمين کان پري اوچائي تي نظر ايندو آهي . آسمان جي اڇاڻ مائل رنگ ۽ پري ڏسڻ ۾ اچڻ جو سبب فضا ۾ آبي بخارن جي گهٽتائي آهي. هاڻي جيڪڏهن چوماسي جي مند ۾ فضا ۾ آبي بخارن جو ذخيرو گهٽ هوندو ته پوءِ مينهن وسڻ لاءِ ڪڪرن جي ٺهڻ جا امڪان گهٽجي ويندا . جي ڪڪر ئي نه ٺهندا ته پوءِ مينهن جو مانڊاڻ ڪٿان ۽ ڪيئن ٺهندو . جي مينهن وسڻ جا امڪان ختم ٿي ويا ته پوءِ سڌي ڳالهه آهي ته ڏڪار ٿيندو . انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي .
( 2 ) چئوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن آسمان جو رنگ گهرو نيرو ۽ هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ته اهو برسات وسڻ ۽ سڪار جو اهڃاڻ آهي .
هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته ، آسمان جا رنگ فضا ۾ هوا ، آبي بخارن ، گئسن ۽ مٽي جي دز جي موجود مقدار موجب تبديل ٿيندا رهندا آهن . جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو مقدار وڌي ويندو آهي، تڏهن سج جي روشني انهن آبي بخارن مان گذرندي مختلف رنگن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي . روشني جي رنگن جي ميلاپ جو آخري حد نظرنقطوگهرو نيرو هوندو آهي . انهي ڪري آسمان جو گهرو نيرو رنگ فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي جي شاهدي ڏيئي ٿو . جيئن ته آبي بخارن جي موجودگي زمين کي ويجهي هوندي آهي . انهي ڪري آسمان به زمين کي ويجهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي . انهي حساب سان جيڪڏهن فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي آهي ته پوءِ چوماسي جي موسم ۾ ٿورو هوا جو دٻاءَ به مينهن جو مانڊاڻ ٺاهڻ ۾ دير نه ڪندو . فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي سبب ئي مينهن جو سمورو مانڊاڻ ٺهندو آهي . انهي حساب سان ٿر جي قديم موسمي ماهرن جي تجربي مان نڪتل لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي تي ڪو به شڪ نه ٿو ڪري سگهجي.
( 3 ) آسمان ۾ هڪ تارن جو جهڳٽو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ، جنهن کي ڪتيون سڏيو ويندو آهي ، ۽ هڪ ٽن تارن جي قطار جنهن کي ٽيڙو يا لوڌا سڏيو ويندو آهي . ڪتيون ڄيٺ ( مئي ) جو سڄو مهينو ۽ ويساک ( جون ) جون ڏهه تاريخون گم ٿي وينديون آهن . ويساک (جولاءِ ) جي يارهين تاريخ جي رات ڪتيون وري ظاهر ٿينديون آهن ، جڏهن ڪتيون ڪپار يعني مٿي جي مٿان آسمان جي وچ ۾ نظر اچن ۽ ٽيڙو اڀا ڏسڻ ۾ اچن ، ڪتيون ٿورو اڳتي ٿين ته ٽيڙو لڙي وڃن ۽ پوءِ ائين لهي وڃن ، ۽ انهي وقت تاڙو پکي ٻولي ڪري ته اهو سڪار ۽ مينهن وسڻ جو اعلان آهي . انهي ڪري ئي تاڙي پکي کي مينهن جو موهريءَ سڏيو وڃي ٿو. پر جي ائين نه ٿئي ته ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جڏهن جديد سائنس جي شعبي علم فلڪيات ( اسٽرانامي ) جي روشني ۾ ڏسبو ته آسمان ۾ موجود ڪتيون ۽ ٽيڙوءَ يا لوڌا هڪٻئي پويان گردش ڪندڙ تارن جا ميڙ آهن . جيڪي ڪائنات ۾ موجود ٻين تارن جيان پنهنجي حساب سان گردش ڪندا رهن ٿا . گردش جي انهي ڦيري دوران هو ڄيٺ يعني مئي جو پورو مهينو ۽ ويساک يعني جون جون ڏهه تاريخون زمين کان پري هليا وڃن ٿا ، جنهن ڪري ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن .انهي ڪري اهي ڄاڻايل پورا چاليهه ڏينهن زمين کان پري گردش ڪندي وري واپس زمين کي ويجها ٿين ٿا ته ٻيهر نظر اچن ٿا . انهن چاليهن ڏينهن کي عام ماڻهو چاليهي جي موسم سڏيندا آهن . انهي چاليهي جي موسم ۾ ٿر ۾ تيز لڱ ساڙيندڙ لڪون لڳنديون آهن . ڄارين جا پيرونءَ پچندا آهن . انهي تيز هوائن ۾ گرمي سبب سامونڊي بخار به شامل ٿيندا رهندا آهن . جون وارن چاليهي جي آخري ڏهن ڏينهن ۾ڪڏهن ڪڏهن رات جو ماڪ به پوندي آهي جيڪا هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي جي موجودگي جي شاهدي ڏيئي ٿي. جڏهن ڪتيون ۽ ٽيڙوءَ گم ٿيڻ وارو عرصو يعني چاليهو پورو ڪري جڏهن ٻيهر زمين کي ويجها ٿيڻ ڪري ڏسڻ ۾ ايندا آهن . اهي پنهنجي مقرر گردش جي رفتار سان اڳيان پٺيان هلندا آهن . جڏهن ڪتيون ڪپار جي مٿان هونديون آهن ، انهي وقت ٽيڙولڙيل ڏسڻ ۾ ايندا آهن . جڏهن ڪتيون لڙنديون آهن انهي وقت ٽيڙولهي ويندا آهن اهو ڀنڀرڪي ۽ ماڪ وسڻ جو وقت هوندو آهي ، انهي وقت ماڪ تڏهن وسندي آهي جڏهن گذريل چاليهي سبب سمنڊ مان اٿيل آبي بخار هوا ۾ موجود هوندا آهن . پکين ۾ تاڙو يا ڪويل هڪ اهڙو پکي آهي ، جيڪو هوا جي گهم کي وڌيڪ محسوس ڪري ٿو . گهم کي محسوس ڪندي مينهن جي مانڊاڻ کي ويجهو سمجهندي تنواريندو آهي . تاڙو پکي ( ٻاٻيهو ) هڪ لڪ ۽ گرمي برداشت نه ڪندڙ پکي آهي . ٿر ۾ لڳندڙ گرم لڪن سبب هي پکي بي حال ٿي مرڻ به لڳندو آهي . جنهن بابت شاهه صاحب جو هي بيت به شاهدي ڏي ٿو .
منجهان منهنجي روح ، جي وڃي ساجن وسري ،
مـــر لــڳـي لــوءَ، ٿـر ٻـاٻــيــهـو ٿـي مـران. (شاهه)

پکين ۾ تاڙو (ٻاٻيهو ) چاليهي جي لڪن ( لوءَ ) کان پوءِ گرمي سبب وڌيڪ تنگ ٿيندو آهي . پنهنجي جيوت جي عام دفاعي جبلت موجب ، جڏهن رات جو ٿڌاڻ محسوس ڪندو آهي ، ته منجهس خوشي جو عنصر پيدا ٿيڻ فطرتي ڳالهه آهي . جنهن ڪري هو چاليهي کان پوءِ ٻولڻ شروع ڪندو آهي . جنهن کي عام ماڻهو مينهن وسڻ جو اعلان سمجهندا آهن . ڇو ته مينهن جو ٺهيل مانڊاڻ ان کان پوءِ جلد وسڻ جا ويس ڪندو آهي . انهي ڪري عام لوڪ ڏاهپ جي انهن اهڃاڻن کي مينهن وسڻ جا اهڃاڻ شمار ڪندي آهي . انهي سموري بحث کان پوءِ سائنسي ۽ علم فلڪيات جي سببن ۽ انهن جي نتيجن جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جو ثبوت ملي وڃي ٿو .
( 4 ) سانجهي تارو آسمان ۾ اولهه طرف سج لهڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي . برسات جي موسم يعني جولاءِ جي مهيني ۾ جيڪڏهن ڏسڻ ۾ اچي ته برسات وسندي پر جيڪڏهن اهو تارو گم هجي ته گهٽ مينهن وسندو ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ آهن .
فلڪيات جي علم ماهرن جي چوڻ موجب ، سانجهي تارو سال ۾ پنهنجي گردش موجب ٻه دفعا زمين کان پري ٿي ويندو آهي . انڪري ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي . جنهن ڪري ماڻهو چوندا آهن ته سانجهي تارو گم ٿي ويو آهي . سانجهي تارو اڪثر ڪري اونهاري جي موسم ۾جولاءِ جي 10 تاريخ کان پوءِ ڌرتي کان پري هليو ويندو آهي ۽ وري آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ سياري جي موسم ۾ وري آڪٽوبرجي پهرئين هفتي ۾ڌرتي کان پري ٿي ويندو آهي ۽ وري نومبر جي 10 تاريخ کان پوءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي .
جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ برسات وٺي ته اها چوماسي جي شروعاتي برسات هوندي . جنهن کان پوءِ چوماسي جون برساتون وسنديون رهنديون ۽ سڪار آڻڻ جو سبب بڻبيون . ڇوته ٿر ۾ وسندڙ اهڙيون برساتون ٿر ۾ پوکجندڙ فصلن جي پوکيءَجي موسم واريون هونديون آهن . فصل ۽ گاهه مندائتا ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن برساتون سانجهي تاري جي گم هئڻ واري عرصي ۾ يعني آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ وٺيون ته پوءِ اهڙيون برساتون ٿر جي فصلن جي پوکيءَ جي حساب سان پاڇاٽيون هونديون انهي ڪري گهٽ ۽ بي مندائتا فصل ٿيندا ، جيڪي گهربل پيداوار نه ڏيئي سگهندا . جنهن ڪري اهڙين برساتن کي ڏڪار ۾ شمار ڪيو ويندو آهي .
انهي لحاظ کان ٿري لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ علم فلڪيات ( اسٽرانامي ) ، موسميات ، جي ماهرن جي نظر ۾ سائنسي سببن موجب ئي نتيجا ڏيندڙ آهي. انهي ڪري هن اهڃاڻ کي به سائنسي نقطه نظر کان درست سمجهي سگهجي ٿو. باقي سانجهي تارو پنهنجي گردش جي حساب سان ڏسڻ ۾ ايندو آهي ، انهي جو برسات جي وسڻ سان ڪو تعلق ڪونهي ، هي صرف مندائتي ۽ غير مندائتي برسات وسڻ جو نتيجو آهي . باقي برسات وسڻ يا نه وسڻ جو سانجهي تاري جي گردش سان ڪو به تعلق ڪونهي . سانجهي تارو جڏهن اڀرندو آهي ته سمجهيو ويندو آهي ته مال هن سال خوش رهندو ٻيءَ صورت ۾ مال لاءِ ڏکيا ڏينهن تصور ڪيا ويندا.
( 5) زمين ۽ آسمان گرم ٿي وڃن ، گهٽ ۽ ٻوسٽ ٿي وڃي ، ته ان کي زمين ۽ آسمان جو ميلاپ چون ٿا . اهو مينهن وسڻ ۽ سڪار ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي . پر جيڪڏهن زمين ۽ آسمان ۾ ٿڌاڻ هجي ، چئوماسي جي موسم ۾ به ٿڌيون هوائون لڳن ته اهي برسات نه وسڻ ۽ ڏڪار جا اهڃاڻ آهن .
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، برسات جي وسڻ يا ٺهڻ لاٰءِ گرمي ، فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي ، هوائن جو گهٽ دٻاءَ هئڻ نهايت ضروري آهن. جڏهن زمين ۽ آسمان ۾ گرمي ٿئي ٿي ، ته اهو ماحول هوا جو خال پيدا ڪري ٿو. جنهن کي موسميات جي ٻولي ۾ هوا جو گهٽ دٻاءَ چيو ويندو آهي . هوا جو گهٽ دٻاءَ ڪڪرن کي گڏ ڪرڻ ۽ گهاٽو ڪرڻ ۽ وسڻ جي لائق بڻائي ٿو . پوءِ هوا جي ٿڌاڻ ڪڪرن جي آبي بخارن کي پاڻي جي ڦڙين ۾ تبديل ڪري وسائي ٿي . اهو سڄو عمل برسات وسڻ لاءِ نهايت ضروري آهي .
پر جيڪڏهن زمين ۽ آسمان ۾ ٿڌاڻ هوندي ته هوا به هلڪي لڳندي ۽ هوا جو گهٽ دٻاءَ به نه ٺهي سگهندو . جنهن ڪري نه ڪڪر گڏ ٿي سگهندا ، نه ئي ڪو مينهن جو مانڊاڻ ٺهي سگهندو. اهڙي حالت ۾ برسات جو ڪو به امڪان نه هوندو آهي . ٿر ۾ ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ به مينهن وسندو آهي ، جنهن کي ٿر ۾ “ مانگهه جو روهاڙ” به چوندا آهن . اها برسات ٿر ۽ آسپاس جي ماحول جي ٺهيل برسات نه هوندي آهي . سياري ۾ وسندڙ اهڙيون برساتون اترين ملڪن مان آيل برساتون هونديون آهن. جن جو ٿر جي چوماسي سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي . اهڙيون سياري ۾ وسندڙ برساتون ٿر جي ماحول لاءِ فائديمند نه هونديون آهن . ٿر ۾ وسندڙ اهڙين برساتن سان واري ٺرڻ سبب سيءَ ۾ سخت اضافو ٿيندو آهي ، جنهن سبب ماڻهو ۽ چوپايو مال بيمار ٿي پوندو آهي. اهڙيون برساتون ٿر جي وڻن ۽ گاهن کي به ساڙي ڇڏينديون آهن جنهن سان ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿي پونديون آهن.
انهي سموري سائنس جي روشني ۾ ڪيل بحث کان پوءِ ، انهي ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته ، لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ سائنسي اصولن موجب درست آهي .
( 6 ) سنبت وڪرمي سال جي آکاڙ ( جولاءِ ) مهيني جي 15 تاريخ چنڊ جيڪڏهن اوڀر طرف ڪاري ڪڪر منجهان اڀري ۽ لهڻ وقت الهندي پاسي تيز هيڊاڻ ڪري ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي . جيڪڏهن اڇي رنگ جي ڪڪر منجهان اڀري ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ . پر جيڪڏهن ڪنهن به ڪڪرمنجهان نه اڀري ته اهو قحط ڏڪار جو اهڃاڻ آهي. ساڳي رات چنڊ جيڪڏهن هلندي رات جي پهرئين پهر ۾ ڪنهن ڪڪر مان گذري ته برسات آڳاٽيءَ ۽ جي پوئين پهر ۾ ڪنهن ڪڪر مان گذري ته اهو برسات پاڇاٽيءَ وسڻ جو اهڃاڻ آهي .
هن اهڃاڻ جي سچائي بابت ، سائنسي ماهرن ۽ موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، ٿر جي چوماسي جي موسم جي لحاظ کان جولاءِ جو مهينو ٿر ۾ پڪي برساتي موسم آهي. ٿر۾ اوڀر جون هوا ئون برسات جو ماحول ٺاهين ٿيون. انهي ڪري اوڀر طرف ڪارا ڪڪر جلد برسات اچڻ جي شاهدي ڏين ٿا ، پر اڇا ڪڪر خالي ڪڪر هئڻ جي نشاني آهن ، ڇوته ڪارا ڪڪر ئي گهاٽا ۽ وسڻ لاءِ تيار ڪڪر هوندا آهن.
چنڊ جي روشني جڏهن آبي بخارن مان گذرندي آهي تڏهن ڌنڌلي ٿي پنهنجو رنگ هيڊو ڪندي آهي. چوماسي جي مند ۾ جڏهن آسمان ۾ هوائون ، اوزون جي تهه مان ڇڏيل گئسون ، ۽ آبي بخار وڌي ويندا آهن تڏهن روشني هيداڻ مائل ٿي ويندي آهي. انهي ڪري چوماسي جي مند ۾ شفق جو هيڊاڻ مائل ٿي وڃڻ فطرتي ڳالهه آهي ،جيئن عام حالتن ۾ سج جي شفق ڳاڙهي رنگ جي هوندي آهي . پر ان جي هيڊي رنگ ۾ تبديل ٿيڻ پڻ فضا ۾ موجود مينهن جي مانڊاڻ جي شاهدي ڏي ٿي .
آبي بخار سج جي گرمي سبب ڏينهن جو ٽڙيل پکڙيل ٻاڦ جي صورت ۾ هلڪا ٿي ويندا آهن . جيڪڏهن سج لٿي مهل فضا ۾ موجود آبي بخار ڪنهن ڪاري ڪڪر جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ته اهو فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي جي شاهدي ڏئي ٿو. پر اڌ رات جو ڪڪرن جو نظر اچڻ فضا ۾ آبي بخارن جي ٿوري تعداد ۾ موجودگي جي نشاني آهن . اهڙا ڪڪر چنڊ جي پاسي مان گذرڻ ڪري وڌيڪ چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن . اهڙي صورت ۾ سندن رنگ جي ڏسڻ سان خبر پوندي آهي ته ڪڪر ڪهڙي صورت ۾ آهن ۽ هوا ۾ آبي بخارن جو مقدار ڪيترو آهي.ڇاڪاڻ ته ڪڪرن جو رنگ ، ڪڪرن ۾ موجود آبي بخارن جي نشاندهي ڪري ٿو. اڇي رنگ جا ڪڪر هلڪا ۽ ڇڊا هوندا آهن . ڀوري رنگ جا ڪڪر ٿورو گهاٽا ۽ گهٽ وزن وارا ڪڪر هوندا آهن . ڪارا ڪڪر بلڪل ڀريل ۽ وسڻ لاءِ تيار هوندا آهن . جن کي جيڪڏهن ڪٿي هوا جو گهٽ دٻاءَ ملي ويو ته هو جلدي انهي پاسي گڏ ٿي ويندا ۽ فضا ۾ هوا جي ٿڌاڻ ملڻ سان وسي پوندا آهن . اهڙي ريت وري صبح ، منجهند ، شام ، آڌي رات جي وقت گرمي جي فضا ۾ موجودگي پڻ ڪڪرن جي رنگن ، ڇڍي ۽ گهاٽي ٿيڻ جو سبب بنجي ٿي . فضا ۾ موجود سج جي گرمي ڪڪرن جي ڇڊائي ، گهاٽائي ۽ رنگن کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي . انهي ڪري رات جي مختلف وقتن ۽ ڏينهن جو ، صبح ، منجهند ۽ شام جي وقت ڪڪرن جي ڇڊائي ، گهاٽائي ۽ رنگن ۾ فرق ايندو رهي ٿو.
هن اهڃاڻ ۾ 15 آکاڙ جي تاريخ مان مراد آکاڙ ( جولاءِ ) مهيني جي وچ ڏانهن اشارو آهي، انهي ڪري 15 تاريخ جو اشارو سگهڙن طرفان ڏنل توجهه ڇڪائڻ لاءِ رکيل ڪک آهي . ان جو برسات جي وسڻ ، چنڊ جو ڪاري ڪڪر مان اڀرڻ ، چنڊ جو ڪڪرن مان گذرڻ جي ڪابه سائنسي حقيقت ناهي ، هي اهڃاڻ چوماسي جي مند ۾ ڪڪرن جي مطالعي جو گس ڏسيندڙ ڏاهپ ڀريو اهڃاڻ آهي .
انهي مٿئين سموري بحث بعد سائنسدان انهي نتيجي تي پهچن ٿا ته ، لوڪ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ پڻ ڪڪرن جي مطالعي طرف ڌيان ڇڪائيندڙ اهڃاڻ آهي . هن اهڃاڻ جي سچائي ۾ ڪو به شڪ ناهي .
( 7) سنبت وڪرمي سال جي آکاڙ ( جولاءِ ) مهيني جي سُهاين راتين ۾ آسمان ۾ ڪڪر يا ڪٿي کنوڻ جو چمڪاٽ ٿئي ته اهو به سڪار جو نشان آهي .
جيئن ته جولاءِ جو مهينو ٿر جي چوماسي جي مند جو شروعاتي مهينو آهي . هن مهيني ۾ مينهن جو وسڻ ٿر لاءِ سڪار جو سبب بڻجي ٿو ،. ان لاءِ هن مهيني ۾ ڪٿي به جيڪڏهن کنوڻ ٿئي ٿي ته اهو چوماسي جي مينهن جي وسڻ جو اعلان آهي . جولاءِ ۾ آيل برسات ٿر ۾ پوکي جي پوري مند واري برسات آهي . جنهن سبب سڀ فصل مندائتا پوکي سگهبا آهن . سڄو ٿر آباد ٿي ويندو آهي . اهڙا پوکيل فصل موسم جي لحاظ کان اپت به وڌيڪ ڏيندا آهن . ٻئي طرف مال جي چاري لاءِ اڻ ميو گاهه ڦٽي پوندوآهي ، انهي ڪري آکاڙ ( جولاءِ ) جي سهاين راتين يعني وچ ڌاري شروع ٿيل برسات هر لحاظ کان نفعي بخش هوندي آهي ، باقي شرط صرف اهو هوندو آهي ته اهڙي برسات جي پويان تيز هوائون نه لڳن ۽ اهڙي مينهن جي پويان 20 کان 25 ڏينهن جي وقفي سان گهٽ ۾ گهٽ ٽي برساتون ٻيون به وسن . اهڙا مندائتا مينهن ئي ٿر ۾ سڪار جو سبب بنجن ٿا . انهي ڪري انهن سڀني ڳالهين کي جيڪي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ ۾ ڏسيل آهن ، انهن کي جديد سائنس جي روشني ۾ ڪنهن به لحاظ کان غلط سڏي نه ٿو سگهجي ، ڇو ته هن اهڃاڻ کي سائنس جي ڪسوٽيءَ تي ڀيٽڻ کان پوءِ سائنسي ماهر هن اهڃاڻ جي سچائي جي شاهدي ڏين ٿا .

( 8 ) رات جو آسمان ۾ چنڊ کي پِڙ هجي . جنهن کي ٿر جا ماڻهو ڪونڊو به چوندا آهن ، ۽ ان ۾ تجلو به هجي ، ( جنهن کي ٿر جا ماڻهو جرهيڙيءَ به چوندا آهن.) ته اهو هڪ هفتي اندر برسات اچڻ جو اهڃاڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن پِڙ وڏو هوندو آهي ۽ ان جي وچ ۾ تارا به ڏسڻ ۾ اچن، ته جيترا به تارا پڙ جي اندر ڏسڻ ۾ ايندا ، اوترا چئوماسي جا مينهن وسندا . پر جي اهو پڙ لاڳيتو ٽي راتيون ڏسڻ ۾ اچي ته ڀرپور سڪار ٿيڻ جو اهڃاڻ آهي . جيڪڏهن چنڊ ۾ پِڙ صفا خالي ۽ ڌنڌ سان ڀريل هجي ته برسات نه وسندي ، ۽ اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت موسمياتي ۽ جديد سائنس جا ماهر چون ٿا ته، جڏهن فضا ۾ آبي بخار وڌي ويندا آهن ، ته چنڊ جي چانڊوڪي جي روشني انهن آبي بخارن مان گذري زمين تائين پهچي ٿي . روشني جي هيٺئين زميني ڦهلاءَ ۽ چنڊ جي مرڪزي روشني جي وچ۾ آبي بخارن جو مقدار چنڊ جي چوڌاري هڪجيتري گول دائري يا پڙ جيان ڏسڻ ۾ ايندو آهي . جنهن کي ٿر جا ماڻهوڪونڊو يا جرهيڙي به سڏين ٿا .
چنڊ کي پڙ هئڻ فضا۾ آبي بخارن جي مقدار جي شاهدي ٿو ڏي . چنڊ ۾ پڙ ڏسڻ سان فضا ۾ آبي بخارن جي مقدار جي خبر پوندي آهي .
برسات جي مانڊاڻ ٺهڻ لاءِ سڀ کان پهريائين اهو ضروري هوندو آهي ته فضا ۾ سٺي تعداد ۾ آبي بخارن جو مقدار موجود هجي ، پوءِ اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪٿي به هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهيو ته اهي آبي بخار هوا سان گڏجي ڪڪرن جي روپ ۾ گڏ ٿي برسات وسڻ جو سبب بنجن ٿا. انهي ڪري آسمان ۾ موجود چنڊ جو پڙ جلدي مينهن اچڻ جو نياپو ثابت ٿئي ٿو . جنهن بنياد تي تجربن جي روشني ۾ لوڪ ڏاهپ هن اهڃاڻ کي تسليم ڪرڻ گهرجي. باقي هن اهڃاڻ ۾ ٻڌايل تارن جي تعداد جو برساتن جي تعداد سان ڪو به تعلق ڪونهي. اها ڳالهه صرف لوڪ ڏاهپ جي سگهڙائپ وارن ڳالهه تي ڪک رکڻ طور ڪيل آهي. جيئن ماڻهو ڏاهپ جي هن اهڃاڻ طرف وڌيڪ توجهه ڏين . باقي وڏو پڙ هجڻ ۽ ان ۾ روشني جي چمڪ هئڻ آبي بخارن جي گهڻي مقدار ۾ هئڻ جي شاهدي آهي. اهڙي حالت ۾ وڌيڪ برسات وسڻ جا امڪان ضرور موجود هوندا آهن.
ٻئي طرف ڌنڌلو ۽ خالي پڙ فضا۾ دز ، هوائن ۾ موجود گئسن سبب پيدا ٿئي ٿو . ان ڪري اهڙي ڌنڌ سان ڀريل پڙ ۾ آبي بخارن جي موجود نه هئڻ جي شاهدي ملي ٿي . اهڙي پڙ مان برسات نه وسڻ جي شاهدي ملي ٿي ، ڇو ته جڏهن فضا ۾ آبي بخار ئي نه هوندا ته پوءِ ڪڪر ڪٿان ٺهندا ، ان ڪري لوڪ ڏاهپ جي ماهرن جو خالي ڌنڌلي پڙ کي برسات نه وسڻ جو اهڃاڻ سمجهڻ به سائنس جي روشني موجب درست آهي . موجوده جديد سائنس هن اهڃاڻ جي ٻنهي نتيجن سان اتفاق ڪندي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري ٿي .
( 9 ) آسمان ۾ چنڊ جيڪڏهن وڌيڪ چمڪندڙ هجي ۽ ان مان کير جهڙي اڇي چانڊوڪي زمين تي پکڙي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي .
لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته ، چنڊ جي روشني جو عڪس زمين تي پوڻ وقت ان جي رنگن جو سمورو دارو مدار فضا ۾ موجود آبي بخارن ، گئسن ، مٽي جي دز ۽ هوائن جي آلودگي تي هوندو آهي . جڏهن هوا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي هوندي آهي ته ، روشني جو رنگ آبي بخارن مان گذري هيڊاڻ مائل ٿي زمين تي پوندو آهي . پر جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو مقدار نه هئڻ جهڙو هوندو آهي ، فضا ۾ موجود گئسن وغيره جو مقدار يا مٽي جي دز گهٽ هوندي آهي ، ته چنڊ جي روشني صاف ٿي اڇي رنگ سان زمين تي پهچندي آهي. اهڙي حالت ۾ چنڊ جي روشني تي خشڪ علائقا چمڪي کير جهڙا اڇا نظر ايندا آهن . ٿر جيئن ته خشڪ علائقو آهي ان ڪري انهي علائقي تي پوندڙ چنڊ جي چانڊوڪي صاف کير جهڙي اڇي ڏسڻ ۾ ايندي آهي . چنڊ جي اڇي صاف ڄانڊوڪي هئڻ سان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهبو آهي ته فضا آبي بخارن کان خالي آهي .
هاڻي جڏهن فضا ۾ آبي بخار ئي نه هوندا ته پوءَ مينهن جو مانڊاڻ ڪيئن جڙي سگهندو . اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪٿي هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهيو به سهي ، ته برسات وسڻ بجاءِ مٽي جا طوفان اٿندا، پر مينهن نه وسندو.
ٿر جنهن ۾ زندگي جي جياپي جي سمورن وسيلن جو دارومدار برسات جي وسڻ تي ئي هوندو آهي ، اتي مينهن نه وسڻ سبب جياپي جي وسيلن جي کوٽ سبب ڏڪار اچي ويندو آهي.
انهن سمورين سائنسي حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري سگهجي ٿي . هن اهڃاڻ جا نتيجا ڏاهن جي مسلسل فضائي ۽ روشني جي رنگن جي مشاهدي ۽ ان جي نتيجن تي ٻڌل آهن . ان ڪري هي اهڃاڻ پڻ سائنس جو حصو آهي.
(10)چئوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن سج لهڻ واري هنڌ کان ، چنڊ اتر طرف لهي ته اهو سڪار جو اهڃاڻ آهي ، پر جيڪڏهن چنڊ سج لهڻ واري جاءِ کان ، ڏکڻ پاسي لهي ته اهو ڏڪار جو اهڃاڻ آهي.
سج جي شمسي نظام جا زمين ۽ چنڊ به گرهه آهن ، جيڪي هڪ طرف پنهنجي محور تي گردش ڪندا آهن ته ٻئي طرف سج جي چوڌاري به ڦرندا رهن ٿا. زمين ۽ چنڊ نظام شمسي جا هڪٻئي کي ويجها گره به آهن ، ان ڪري انهن گرهن جي ڪشس ثقل جو هڪٻئي تي اثر به ٿيندو رهندو آهي .
زمين جي سج کان بيهڪ هڪ پاسي لڙيل شڪل ۾ آهي ، ان ڪري زمين پنهنجي گردش دوران سج کان ويجهي ۽ پري به ٿيندي رهي ٿي ، جنهن سبب سج جي گرمي جو اثر به انهي لڙيل پاسي جي حساب سان وڌندو ۽ گهٽجندو رهي ٿو. ساڳي ريت سج زمين کان رستا بدلائيندي نظر اچي ٿو. جيڪا اصل ۾ زمين جي پنهنجي گردش آهي ۽ نظر جي دوکي سبب اهڙي گردش دوران سج لهندو ۽ اڀرندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ساڳي ريت چنڊ به ڏسڻ ۾ ايندو آهي . اهو سڀ نظام شمسي جي گردشي ڦيري سبب ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ، انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جو مينهن جي وسڻ يا نه وسڻ سان ڪو به تعلق ناهي ، ۽ هن اهڃاڻ جي نتيجن جو سائنس سان ڪو تعلق نه هئڻ ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ کي رد ڪجي ٿو.
(11) آسمان ۾ ڏينهن جو سج ۾ چوڌاري سائو ۽ هيڊو پڙ هجي ته اهو برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ آهي.
هن اهڃاڻ جي سچائي بابت سائنس جي ماهرن جو رايو آهي ته ، فضا ۾ موجود آبي بخارن گئسن، ۽ ٻي آلودگي سبب فضا مان سج جي روشني گذرڻ وقت انهي روشني جي رنگن ۾ فرق ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سج جي روشني جي مرڪز ۽ زمين تي سج جي روشني جو دائري وچ ۾ فضائي آلودگي سبب سج جي چوڌاري ڪڏهن ڪڏهن پڙ جنهن کي ٿر جا ماڻهو ڪونڊو به سڏين ٿا ، سو نظر ايندو آهي. روشني جڏهن آبي بخارن مان گذرندي آهي ته ، زمين تي ايندڙ روشني جو رنگ هيڊاڻ مائل ٿي ويندو آهي ۽ مٿي آسمان ۾ روشني حد نظر تي نيري رنگ جي ڏسڻ ۾ ايندي آهي . انهي سج جي پڙ ۾ فضا۾ آبي بخارن جي موجودگي سبب سج جي پڙ جو دائرو سائو ۽ هيڊو ڏسڻ ۾ ايندو آهي . اهڙي قسم جو سج جو پڙ فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي سبب ڏسڻ ۾ ايندو آهي . جيڪو فضا ۾ وڏي مقدار ۾ آبي بخارن جي موجود هئڻ جي شاهدي ڏيندو آهي.
فضا ۾ جيڪڏهن آبي بخار موجود آهن ته پوءِ زمين تي هوا جو دٻاءَ گهٽ ٿيڻ تي ڪڪر هڪ جاءِ تي گڏ ٿي وسڻ جا ويس ڪندا آهن ۽ جلدي مينهن جو مانڊاڻ ٺهي پوندو آهي . انهي ڪري سج ۾ هيڊي ۽ سائي رنگ جي دائري وارو پڙ جلد مينهن وسڻ جي خوشخبري ڏيئي ٿو.
انهن مٿين سڀني ڳالهين جي روشني ۾ جديد سائنس ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪري ٿي.
(12) چئوماسي جي موسم ۾ جيڪڏهن سج ۽ چنڊ جي اڀرڻ ۽ لهڻ جو هنڌ، ۽ هلڻ جو رستو ساڳيو آهي، ته اهو سڪار ۽ مينهن وسڻ جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جي راءِ آهي ته ، نظام شمسي جي گردش جي اصولن موجب سج ۽ ان جا سڀ گره پنهنجي گردش ڪندا رهن ٿا . زمين جيئن ته هڪ پاسي لڙيل آهي. ان ڪري زمين تان سج ۽ چنڊ جي اڀرڻ ۽ لهڻ جا رستا وقت بوقت بدلبا رهن ٿا . جيڪا ڳالهه اصل ۾ زمين جي پنهنجي گردش هوندي آهي ، پر نظر جي دوکي سبب ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي .
انهي ڪري جديد سائنس جا ماهر انهي ڳالهه تي متفق آهن ته ، سج ۽ چنڊ جي لهڻ ۽ اڀرڻ جي رستن تبديل ٿيڻ سان زمين تي موسمن جي تبديلي ته ضرور ثيندي آهي . پر لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ ۾ ڏسيل نتيجا غير سائنسي آهن . سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ جي هڪ رستي تي هلڻ سبب مينهن جي وسڻ واري ڳالهه سائنس جي روشني ۾ بي بنياد آهي. انهي ڪري ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ کي غيرسائنسي قرار ڏيندي رد ڪجي ٿو.
(13) چئوماسي جي مند ۾ سج جي اڀرڻ وقت هيِڊي روشني هجي ۽ لهڻ وقت به ساڳئي هيڊي رنگ جي روشني هجي ته اهو به سڪار جو اهڃاڻ آهي.
ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سج جي روشني آبي بخارن مان گذري جڏهن زمين تائين پهچندي آهي ته ان جو رنگ هيڊاڻ مائل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. روشني جو اهو نظارو سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ وقت وڌيڪ گهرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، انهي ڪري سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ وقت شفق جا رنگ فضا ۾ آبي بخارن جي موجودگي سبب هيڊاڻ مائل ڏسڻ ۾ ايندا آهن . عام حالتن ۾ سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ وقت شفق جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل هوندو آهي. ڇو ته سج جي روشني صرف آبي بخارن مان گذرڻ وقت ئي هيڊاڻ مائل ڏسڻ ۾ ايندي آهي. سج جي روشني سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ وقت آبي بخارن مان گذري زمين تائين پهچڻ سبب شفق جو رنگ هيڊو ڏسڻ ۾ ايندو اهي. انهي ڳالهه مان فضا۾ آبي بخارن جي وڌيڪ مقدار ۾ هئڻ جو ثبوت ملي ٿو. جڏهن فضا ۾ آبي بخارن جو وڏو مقدار هجي ته پوءِ هوا جو گهٽ دٻاءَ ٺهڻ سان ڪڪر هڪ جاءِ تي گڏ ٿي مينهن جو مانڊاڻ ٺاهي وسي سگهن ٿا . ٿر ۾ اهي اهڃاڻ ڏسڻ سان برسات جي وسڻ جي پڪ ٿيڻ ۽ مينهن بعد سڪار ٿيڻ جي ڳالهه ڪرڻ سائنسي حقيقتن تي ٻڌل آهي. انهي ڪري جديد سائنس جي روشني ۾ هن اهڃاڻ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي . انهي ڪري هن اهڃاڻ جي سچائي جي تصديق ڪجي ٿي.
(14) چئوماسي جي موسم ۾ صبح جو (ٻه ، ٽي ) ڪلاڪ ڪڪرن جو ڇانوَرو هجي ۽ پوءِ ڏينهن صاف ٿي وڃي يا ڪڪر به هجن ، پر شام جو تيز هوا لڳي ته اهو به ڏڪار ۽ مينهن نه وسڻ جو اهڃاڻ آهي .
هن اهڃاڻ بابت جديد سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، چو ماسي جي مند ۾ ٿر ۾ مينهن وسڻ جا ٻه امڪان موجود هوندا آهن . انهن مان هڪ امڪان اهو آهي ته جڏهن ٿر جي آسمان جي فضا ۾ آبي بخارن جي گهڻائي ٿيڻ بعد هوا جي گهٽ دٻاءَ ٺهڻ سان برساتون وسي پونديون آهن ته ٻيوامڪان هي آهي ته چوماسي جي ڏکڻ هندي سمنڊ مان اٿيل ، ڏکڻ اولهه چوماسي جي برساتن جو سلسلوجڏهن ٿر ۾ پهچندو آهي ته ٿر ۾ چوماسي جي مند جي موسمي برساتن جو سلسلو وسڻ شروع ڪندو آهي. انهي ڪري هن اهڃاڻ جو واسطو ٿر جي فضا ۾ موجود آبي بخارن واري مينهن سان آهي.
فضا ۾ جڏهن آبي بخارن جو مقدارگهٽ هوندو آهي ته ، ٿڌين هوائن لڳڻ سبب يا ماڪ وسندي آهي يا صبح جي وقت ڪڪرن جو ڇانورو ٿيندو آهي ، جيڪو سج جي گرمي وڌڻ سبب ڏينهن جو ڇڍو ٿي هلڪي ٻاڦ ۾ تبديل ٿي گم ٿي ويندو آهي.
شام جي وقت هوا جو لڳڻ ، گهٽ ٻوسٽ يا آڙنگ جو نه ٿيڻ ، آسمان جو صاف نظر اچڻ ، ۽ فضا جو ڪڪرن کان خالي هئڻ سڀ شيون انهي ڳالهه جون شاهد آهن ته ، ٿر جي آسمان ۾ آبي بخارن جي مينهن جي مانڊاڻ ٺاهڻ جيتري موجودگي ناهي . انهي ڪري لوڪ ڏاهپ جي هن اهڃاڻ جي مينهن نه اچڻ بابت پيشنگوئي سائنسي سببن موجب درست آهي . انهي ڪري جديد سائنس لوڪ ڏاهپ جي ڏسيل هن اهڃاڻ کي درست سمجهي ٿي .