• ٿر جي معاشي حالت ۽ گذر جا وسيلا
ٿر جي علائقي جي ساوڪ ۽ سڪار جو سمورو دارومدار برسات جي وسڻ تي آهي. اونهاري جي موسم ۾ سواءِ وڏن وڻن جي، باقي سڀ گاهه ۽ ننڍا ٻوٽا ، سُڪل ڏسڻ ۾ ايندا . مينهن به ڪنهن سال گهڻو وسي ڪڏهن ٿورو، ته ڪنهن سال وري صفا هڪ ڦڙيءَ به نه وسي . ٿر ۾ نڪا ندي وهي ، نه نئن، نه وري ڪو ڦاٽ وهي. نڪوئي هتي ڪو واهه، ۽ نه ئي ڪو ڪئنال وهي ٻنيون آباد ڪري ٿو. هتي ٿر ۾ جيڏانهن ڏس رڳو ڀٽن تي ڪٿي ڪي ڪونڀٽ ، ڪٿي ٻائوريءَ جا وڻ ،۽ ڪٿي وري ساڏوهين ، موراڙي جي ٻوٽن ۽ کٻڙين جا جهڳٽا ،هيٺ ڀٽن جي وچ وارن ڏهرن ۾ وري ڪٿي ڪٿي روهيڙي جو وڻ ، ڏسڻ ۾ ايندو.باقي ڪنڊيءَ ۽ ٻيرين جا وڻ عام جام ڏسڻ ۾ ايندا آهن . ڦوڳ جووڻ ۽ گگرال جيڪي اڳي ٿر ۾ وڏي تعداد ۾ موجود هوندا هئا ، سي هاڻي صرف “ وٽ ” واري علائقي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا . ڏهرن جي ڊاڳن ۾ وري کپ ، ٻوهه ۽ اڪ ڏسڻ ۾ ايندا . ٿوهرجا جهڳٽا جيڪي ڪجهه وقت اڳ ٿر جي سڃاڻپ هوندا هئا سي به ڪن موسمياتي تبديلين سبب مس مس ڪٿي نظر ايندا آهن ، جي اها حالت رهي ته پوءِ ٿر ۾ ٿوهر ، گگرال ، ڦوڳ ۽ ڪانڪهه جو نسل ئي ختم ٿي ويندو . باقي ڪجهه سالن کان ديويءَ جي وڻ ۾ وڏو واڌارو ٿيو آهي . ٿر ۾ هاڻي ته ديوين جا ننڍڙا ٻيلا ٿيڻ شروع ٿيا آهن . ديوي جي وڻ جو واڌارو ، ونگي ، سامروٽي ۽ وٽ جي علائقن ۾ وڌي ويو آهي . ديوي جي وڻن جي واڌاري سبب ، ٿر جي اصل قيمتي وڻن ۽ بيشمارگاهن جي وجود کي خطرو ٿي ويو آهي .ٿر ۾ وسڪارو ٿيڻ بعد ڀٽن تي ، ڏهرن تي گاهه جام ٿيڻ سبب ، زمين تي ڄڻ ته ڪوسائو غاليچو وڇايو پيو هوندو آهي. وسڪاري وقت ٿر ڪشمير جون سڪون پيو لاهيندو آهي . ٿرجي ڀٽن جي به عجيب حالت آهي . ڪي ڀٽون چڙهڻ ۾ سوليون، جن تي مٿي چڙهڻ لاءِ رستا به آهن. ان ڪري مال ۽ ماڻهو سولائيءَ سان چڙهيو وڃن. ڪٿي ڪي ڪي ڀٽون وري اهڙيون اوکيون، سڌيون اڀ ڪپريون، جو مٿن چڙهڻ ئي محال ٿيو پوي، ڪٿي وري اهڙيون وڪڙن واريون منجهن ڏرڙ ۽ ڏار پيل ، ماڻهو ته ٺهيو، پر مال جو پهچڻ ئي مشڪل ٿيو پوي . جيڪڏهن ڪا ٻڪري يا ڪو ڍور اهڙن ڏارن ، ڏرڙن ۽ کڏن ۾ ڪري پيو ته پوءِ ڌڻين کي انهي جي هڏيءَ به هٿ نه ايندي آهي .
ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ هوندي آهي ، وسڪاري جي موسم ۾ته ٽوڀا، تلاءَ ۽ ترايون ڀرجي وڃن ٿيون. پر انهن ۾ ٿورو وقت پاڻي هوندو آهي . سياري ۽ اونهاري ۾ صفا سوڪ ٿيو وڃي ،.ڀٽن جي ڀر جي ڏهرن ۾ ماڻهن جا ننڍا ننڍا ڳوٺڙا آهن، ته ڪٿي ننڍن دڙن تي به گهر اڏيل ڏسڻ ۾ ايندا .هيٺ ڏهرن ۾ پاڻي لاءِ کوهه کوٽيل هوندا آهن. اهي کوهه ڪٿي اونها، ته ڪٿي تانگها هوندا آهن . ڪن ڳوٺن جا ماڻهو وري پاڻي ٻين ڳوٺن مان ڪوهه ٻن تائين پنڌ ڪري آڻين. ٻهراڙين ۾ پاڻي جي سخت تڪليف اتي شهرن وانگر پخالي يا پاڻهاري ذريعي پئسن تي پاڻي ملڻ جو به بندوبست ڪونهي. سڀڪو پنهنجي گهر لاءِ ، ۽ پنهنجي مال کي پاڻي پيارڻ جو بندوبست پاڻ ڪري ٿو. ڳوٺن ۾ کوهن مان پاڻي ڪڍڻ جو هڪ رضاڪارانه گڏيل نظام ٺهيل آهي ، جنهنڪري هڪٻئي جي مدد ڪرڻ سان هن مسئلي حل ڪرڻ ۾ آساني ٿي ويئي آهي .ٿر ۾ مٺو پاڻي ورلي ملندو آهي .ڪٿي ٻاڙو، ڪٿي کارو، ته ڪٿي وري اهڙو جو پيءُ ته نڙيءَ وٺجيو وڃي. اونهاري جي لڪن ۾ ته پکي به پيا پاڻي لاءِ سڪندا آهن . انهي ڪري وسڪاري لاءِ سڀني جون اکيون اُڀ ۾ کتل هونديون آهن . ڪٿان ڪو ڪارو ڪڪر ڏسندا ته بهار بهار پيا ٿيندا آهن .ٿر جي زمين وارياسي آهي، پر ڏهرن ۾ ڪجهه سخت زرعي زمين آهي ، جتي باراني پوک ڀلي ٿئي ٿي .ڪجهه ماڻهو ڪوهنربه ڄاڻن ٿا ، پر ٿر جي هنرمندن جي ٺاهيل شين کي وڪري ڪرڻ لاءِڪو جوڳو بندوبست ناهي . تعليم لاءِ نه گهڻا اسڪول آهن نه وري پري وارن اسڪولن تائين پهچڻ لاءِ سواري جو ڪو انتظام آهي . پر پوءِ به ٿر۾ پڙهيل ماڻهن جو چڱو تعداد آهي . هاڻي ڪجهه قدر پڪن رستن ٺهڻ جي ڪري سڌارو اچي رهيو آهي . مکيه ڌنڌو پوک ۽ مال چارڻ آهي . ٿر جا ماڻهو وسڪاري بعد گاهه گڏ ڪري ڪالر ۽ دن ٺاهي رکن ٿا ، جو اونهاري ۾ ڏڪار جي وقت مال لاءِ ڪم اچي . ٿر ۾ زرعي پيدائش گهٽ آهي ، جنهن ڪري هتان جا ماڻهو ڪفايتي هوندا آهن ، هو سادگي سان وقت گذاريندا آهن .شهري ماڻهو تعليم حاصل ڪرڻ کان سواءِ واپار به ڪن ٿا ، ۽ منجهانئن ڪي نوڪرين ۾ به لڳل آهن، باقي ٻهراڙين ۾ ماڻهو وسڪاري کان پوءِ ، جن وٽ مال نه آهي، سي به واندو وقت نه ڪاٽين.ڪجهه ماڻهو هنرمند آهن. جيڪي گهرن ۾ غاليچا ، کٿا ، کٿيون ٺاهين ، ته ڪي ڪاٺ ۽ چمڙي مان شيون ٺاهي پنهنجو پيٽ گذر ڪن . ۽ ڪجهه ماڻهوٻين شهرن ڏانهن وڃي مزدوري به ڪندا آهن .