لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس، سڪار، ڏڪار بابت اڳڪٿيون ، پهاڪا ۽ چوڻيون .
مجموعي طور هي ڪتاب انتهائي ڀلوڙ معلومات پيش ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي يا ته نئين معلومات ڏئي ٿو يا وري ڄاڻ کي نئين روپ ۾ پيش ڪري ٿو. جنهن سان تحقيق جي انداز جا نوان گس پڻ کليا آهن . ٿر تي لکڻ جو شوق ڏيارڻ لاءِ نون موضوعن کي پڻ ڇيڙيو ويو آهي . ڪتاب پڙهي هِن موضوع بابت انيڪ ليکڪن کي لکڻ جو ريچڪ پئدا ٿيندو، .جيڪا به ڪتاب جي هڪ خوبي آهي.
Title Cover of book ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس

• ٿر جو سماج ۽ ڏڪار

انهي مٿئين سموري ٿر جي تعارف ۽ ڏڪارن جي وصف ۽ انهن جي قسمن ۽ برسات جي چوماسي جي سموري احوال کان پوءِ هاڻي اچو ته ڏسون ته ٿر ۾ ڏڪارن جي صورتحال جي ڪهڙي شڪل آهي ۽ ٿر جا ماروءَ ماڻهو پنهنجي وڏڙن جي لوڪ ڏاهپ جي اهڃاڻن مان اڳواٽ خبر ملڻ بعد ڪهڙي ريت ڏڪار جو مقابلو ڪندي جيئڻ جو نئون گس ڳولي ڪڍن ٿا ، ٿر ۾ اڪثر ڪري آبي ۽ موسمياتي ڏڪار ايندا رهندا آهن ڇو ته ٿر جي سموري جياپي جو دارو مدار برسات تي آهي . انهي لاءِ ٿر جي ماڻهن جون اکيون آسمان ۾ هونديون آهن . ٿر جي سموري لوڪ ڏاهپ جي دائري ۾ برسات جي اچڻ جو انتظار ، ڏڪار جي دربدري سبب وڇوڙي جو درد ، وري مينهن وسڻ بعد سرهاين جون اميدون ، سڄڻن جي ملڻ جواوسيئڙو۽ انتظار اچي وڃي ٿو . ٿر جا ماروءَ ماڻهو مينهن جي اچڻ ۽ نه اچڻ بابت آسمان ، سج ، چنڊ ، تارن ، نکٽن ، هوائن ، وڻن ، ٻوٽن ، جيتن ، جانورن ، پکين ، عيدن ، تهوارن ۽ گهر۾ موجود هر شئي ۾ به پيا برسات جي اچڻ يا نه اچڻ جا اهڃاڻ ۽ آثار ڳوليندا آهن. ٿر جا ماڻهو مينهن جي موسم کي پرچائڻ لاءِ سوڻ ساٺ به ڪندا رهندا آهن .اهي سوڻ ساٺ ۽ برسات جا اهڃاڻ ڏسڻ ، ٿري سماج جي لکين سالن جي تجربن جو نچوڙ آهي ، ۽ اها صدين جي توريل تڪيل سائنس آهي . انهي ڪري اهي آثار ۽ اهڃاڻ سچا به ثابت ٿيندا آيا آهن .
ٿر ۾ ڏڪار ايندا رهندا آهن. هتي ڪڏهن ٽي ساله ڪڏهن ٻه ساله ۽ ڪڏهن هڪ ساله ڏڪار ايندا رهيا آهن .جنهن به سال برسات نه وٺي ، يا پوکيءَ جي پوري موسم ( 15 جون کان 15 سيپٽمبرتائين ) کان اڳي يا پوءِ بي مندائتي برسات وٺي ، يا گهڻي برسات وٺي ۽ ٻوڏ ٿي ته ڏڪار ٿيندو آهي . ٿر جي ميٽرولاجيڪل آفيس جي برساتن جي رڪارڊ کي ڏسبو ته ، 1900ع کان 2000ع تائين وارن سئو سالن جي عرصي دوران ٿر ۾ 10 قحط ڏڪار ، 63 وچولا ڏڪار ۽ فقط 27 سڪار وارا سال ڏسڻ ۾ اچن ٿا . رڪارڊ مان اها به خبر پئي ٿي ته ، ٿر جي علائقي ۾ 1985ع کان پوءِ ڏڪارن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو آهي . 1985ع کان 1987ع تائين ٽي ساله ڏڪار آيو ، ان بعد 1995ع __ 1996ع ۾ ٻه ساله ڏڪار آيو، 1999ع __ 2000ع __ 2001ع ___2002 ع ۾ چار ساله ، ڏڪار آيو ، جنهن منجهان ڏڪارن جي شدت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو . بلڪل ويجهڙائي جي رڪارڊ کي ڏسبو ته سال 2013ع ۾ ٿر ۾ سٺيون برساتون وٺيون هيون ، پر اهي پاڇاٽيون برساتون هيون ، جنهن سبب فصل نه پوکجي سگهيا ، انهن بي ترتيب بي مندائتين برساتن ۾ ڦٽل گاهه به ڪو ڊگهو عرصو نه هلي سگهيو ، ۽ سٺين برساتن وسڻ جي باوجود به ڏڪار جهڙيون حالتون ٿي ويون . وري سال 2014ع ۾ ٿر ۾ برساتون ڊگهي وقفي سان گهٽ ۽ نه وسڻ برابر وٺيون ، انهي ڪري ٿر وري به ٻه ساله ڏڪار جي ور چڙهيل آهي . انهي منجهان ٿر ۾ ايندڙ ڏڪارن جي اچڻ جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ، ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ٿر ۾ 1985 کان پوءِ ڏڪارن جي رفتار ۾ تيزي اچڻ شروع ٿي هئي ، 1995 کان پوءِ لاڳيتو انهن جي رفتار ۽ مدت ۾ خطرناڪ حد تائين تيزي آئي آهي . جيڪا ڳالهه وڌيڪ تشويشناڪ آهي .
موسمياتي ماهرن جي رپورٽن موجب سنڌ ۾ ايندڙ برساتن جو سلسلو جنهن کي ڏکڻ اولهه چئوماسو (سائوٿ ويسٽرن مون سون ) جو نالو ڏنو ويو آهي . جيڪو هر سال عربي سمنڊ مان اٿندو آهي ، اهو برساتي سلسلولڳ ڀڳ 30 سال اڳ اچي ، ٿر جي ننگر پارڪر واري حصي مان سنڌ ۾ داخل ٿيندو هو ۽ پوءِ سڄي سنڌ ۾ برساتن جو وسڪارو شروع ٿي ويندو هو . انهي سلسلي جو هڪ ٻيو حصو وري خليج بنگال مان هندستان ۾ داخل ٿيندو هو، جيڪو ڪڏهن ڪشمير ته ڪڏهن پنجاب کان موٽ کائي وري واپس سنڌ ۾ وسي ختم ٿيندو هو . پر دنيا ۾ ايندڙ موسمياتي تبديلين سبب اهو سلسلو ٽٽي ويو آهي . موسمياتي ماهرن جي رپورٽن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته . اهو برساتي سلسلو هاڻي ننگر پارڪر کان داخل ٿيندڙ رستي کان آهستي آهستي هٽي ويو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ ٿر جي ننگر پارڪر واري حصي جتي اڳي سموري ٿر کان وڌيڪ برساتون وسنديون هيون ، اتي هاڻي گهٽ مينهن وسي ٿو . ٻئي طرف پنجاب کان موٽندڙ برساتي سلسلي جنهن کي ٿر جا ماڻهو ٻڪراس يا ٻڪرال کنوڻ وارو مينهن چوندا هئا . سوبه هاڻي موجوده موسمياتي تبديلين اچڻ سبب ٿر جو رستو ڀلجي ويو آهي . انهي ڪري ئي تازي موسمياتي ڦيرڦار سبب ٿر ۾ ڏڪارن جو سلسلو سال بسال وڌي رهيو آهي .
ٿر جا ماڻهو جيڪي صدين کان ڏڪار جي حالتن جو مقابلو ڪندا جيئندا آيا آهن . سي جڏهن محسوس ڪندا آهن ته هاڻي ڏڪار جي ڏولائي کي منهن ڏيڻو آهي ، ته اها ڪا سندن لاءِ نئين ڳالهه يا اوچتي آفت نه هوندي آهي . سڪار جي پڇاڙي يا سياري جي پهرئين ڏينهن ڏياري جي ڏڻ تي ئي کين صدين جي لوڪ ڏاهپ واري سائنس آگاهه ڪري ڇڏيندي آهي ته ڇا ٿيڻو آهي .سال جو هر گذرندڙ ڏينهن سندن تجربن جي سائنس جي سگهاري دوربيني مان گذرندو آهي . سندن صدين جي لوڪ ڏاهپ جا سمورا اهڃاڻ جن ڪڏهن به کين دوکو نه ڏنو آهي سي سندن رهنمائي ڪندا رهندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٿي ذڪر ڪيل دنيا ۾ ٿيندڙ موسمي تبديلين جا اثر هن علائقي تي به پيا آهن . انهن تبديلين سبب هاڻي نه ٻڪرال کنوڻ وارو مينهن وسي ٿو، نه ئي ٿڌڙي جي ڪانهوڙي ٻوڙڻ لاءِ ڪا آسمان مان بوند ڪري ٿي ، نه ئي ڄار اهي پيرونءَ ڪري ٿي . نه ئي آکاٽيءَ جا سوڻ ساٺ سچا ٿين ٿا . نه ئي هولي جي دونهين جو دونهون سندن ساٿ ڏي ٿو ۽ نه ئي مورن جا آڌيءَ رات جو ڳايل سرمنڊل جهڙا وڻندڙ ٽهوڪا سندن دردن جو درمان ٿين ٿا . پر پوءِ به ٿر جا ماڻهو انهي صدين جي لوڪ ڏاهپ جي سائنس تان دستبردار نه ٿيا آهن . سندن ڀروسو اڃان تائين قائم آهي .
ٿرجي ماڻهن کي لوڪ ڏاهپ جي آثارن مان جڏهن انهي ڳالهه جي پڪ ٿيندي آهي ته ، ڏڪار جو سال ٿيندو ته ، مالوند ماڻهو پنهنجو مال بيراجي علائقن ڏانهن ڪاهي ويندا آهن. مال جا ڌناراتي ڇڙا رهندا آهن ۽ پورو ڏڪارجو وقت هو مال سانگي بيراج جي علائقن ۾ گذاريندا آهن . وقت به وقت هو پويان گهر وارن جي پرگهور پيا لهندا آهن . هو جتي به رهندا آهن اتي ڪنهن ماڻهو تي بار نه پوندا آهن. هرهڪ ڌنار وٽ پنهنجو ۽ پاڙي وارن جو مال هوندو آهي ، ائين پنج ڇهه ڌنارگڏجي رهندا آهن . منجهن ٻڌي ۽ اتحاد هوندو آهي . بيراج علائقن ڏانهن صرف ڳائو مال وڌيڪ موڪليو ويندو آهي . ٿر جا وڻ ٿر جي ماڻهن جو ساٿ نه ڇڏيندا آهن ، خاص ڪري ، ڄاريون ، ڪنڊيون ، ٻيريون ۽ ڪونڀٽ جا وڻ ، ڏڪار ۾ وڌيڪ ڦوٽهڙو ڪري ساوا ٿي ويندا آهن . جنهن ڪري ٻڪرين ، رڍن ، اٺن ، وغيره جو ٿر ۾ ئي گذارو ٿي ويندو آهي .
هنرمند ماڻهو جن ۾ لوهار ، ڪنڀار ، واڍا ، سوٽهڙ ، حجام ، وغيره . ڀر وارن شهرن ۾ ۾ دڪان کوليندا آهن ، يا پنهنجا اوزار ٿيلهن ۽ ڳوٿرين ۾ وجهي، پيا هتي هُتي ڦرندا آهن . ٻيا ڪاريگر وري گهرن ۾ قائم ڪيل هنڌن تي پيا ڪم ڪندا آهن . ڪي غاليچا پيا ٺاهيندا ، ڪي کٿيون پيا اڻيندا آهن ، ۽ ڪي رڱاوت پيا ڪندا آهن . هنرمند عورتون به پيون رليون ٺاهينديون يا ڀرت ڀرينديون آهن .
ڏڪار ۾ ڪجهه ماڻهو مختلف وسندڙ علائقن جي شهرن ڏانهن مزدوري لاءِ ويندا آهن . جيڪي بنگلن ، آفيسن ، هوٽلن ، ۽ باغن ۾ پنهنجي محنت مزدوري ڪندا آهن .
ٿرجا صرف ڪجهه قبيلا ، جن ۾ خاص طور تي ڪولهي ۽ ڀيل شامل آهن ، سي ٻار ٻچا وٺي بيراج ايراضين ڏانهن لڏي ويندا آهن ، هو پنهنجي ٿر جي گهرن کي تالا ڏيئي انهن کي مٽي سان لنبي لوڙهن کي ڍينگهر ڏيئي ، ڳوٺ جي ماڻهن کي پارت ڪري نڪري پوندا آهن . اهي سنڌ جي بيراج وارن علائقن ۾ ڪمند جي ڪٽائي جو ڪم ، مرچن ۽ ڦٽين جي چونڊائي، فصلن جا لابارا ۽ ٻيون مزدوريون ڪندا آهن. وري وسڪاري ٿيڻ وقت ٿر واپس ايندا آهن . ٿر جي سڀني قبيلن ۾ وري اهي ٻئي قبيلا محنت ڪرڻ جي باوجود وڌيڪ غريب ۽ وڌيڪ دربدر آهن . منجهن تعليم ناهي ، سندن گهر سدائين اڀرا هوندا آهن . وٽن چوپايو مال به گهٽ آهي . انهي جو سبب ڏڪار وقت جيڪو هر ٻئي سال يا ٽئي سال پيو ايندو آهي .انهي ۾ گهر ڇڏي ٻارين ٻچين لڏڻ آهي . جنهن سبب هڪ طرف سندن گهر ڊهي وڃن ٿا . جن کي مرمت ڪرڻ ۾ سندن ڪجهه وقت لڳي ٿو. جنهن ڪري هو سڪار ۾ ٻنين جي ڪم تي توجهه گهٽ ڏيئي سگهندا آهن. ٻئي طرف هو بار بار لڏپلاڻ ڪرڻ ڪري چوپايو مال به ڌاري نه ٿا سگهن ، جيڪو سندن اضافي آمدني جو ذريعو بڻجي سگهي . ٽئين طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ سبب ڪو هنر سکي نه ٿا سگهن . چوٿين طرف لڏ پلاڻ ڪرڻ ڪري سندن ٻار تعليم به نه ٿا حاصل ڪري سگهن . پنجين طرف لڏ پلاڻ سبب سندن گهر جا ٽپڙ به هتي هتي ڀڄندا ۽ ڀرندا رهن ٿا . اهو ئي سندن غربت جو وڏو سبب آهي .
ٿر جا ڪجهه ماڻهو جيڪي ڪو وڏو هنر نه ٿا ڄاڻن ۽ مزدوري لاءِ به ٻاهر نه ٿا وڃن، سي وري کپ وڍي انهي مان نوڙيون پيا وٽيندا آهن ، جيڪي چئونرن جي اڏاوت لاءِ ماڻهو کانئن خريد ڪندا آهن . اهڙا ماڻهو کپ وڍي گڏ ڪري رکندا آهن . ۽ مزدوري تي چئونرا ۽ منهه به ٺاهيندا آهن. ڪجهه ماڻهو جهنگ مان ڪاٺيون وڍي شهرن ۾ وڪڻندا آهن، ته ڪجهه ماڻهو ديوي جي ڪاٺين کي وڍي کوريون ٺاهي . اڱر ( ڪوئلو ) پيا تيار ڪندا آهن . جنهن مان کين سٺي آمدني ٿيو پوي . ڪجهه ماڻهو ڪنڊين جون ڪچيون ٽاريون لڻي جنهن کي سک چوندا آهن سي شهرن ۾کڻي اچي وڪڻندا آهن . جنهن کي شهر ۾ ٻڪريون ڌارڻ وارا ماڻهو چڱي رقم ڏيئي خريد ڪندا آهن . ٿر جي سامروٽي ، وٽ ۽ پائر جي علائقن ۾ لوڻ جا 81 سن موجود آهن جن ۾ لوڻ ڪڍڻ لاءِ ٺيڪيدار قابض آهن . جيڪي ٿري مزدورن کي نالي ماتر مزدوري ڏين ٿا . جنهن ڪري ڪجهه ماڻهو انهن سنن مان به مزدوري تي لوڻ ڪڍي پيا ويلي کي ٺيلهو ڏيندا آهن .
ڏڪار جي دوران سڀ کان اهم مسئلوپيئڻ جي پاڻي جو هوندو آهي. ڏڪار دوران کوهن کان سواءِ ٻيو ڪٿي به پاڻي جو ذريعو ناهي ، هاڻي ڪجهه شهرن ۾ ته پائپن جي ذريعي پاڻي پهچايو ويو آهي . پر ٿر جي ٻهراڙين ۾ پاڻي صرف کوهن مان ئي ملندو آهي . جتان ماڻهن ۽ مال جي ضرورتن جو پورائو ڪرڻو پوندو آهي . ٿر ۾ ڏڪار دوران اڪثر کوهن جو پاڻي سڪي ويندو آهي . ٿري سماج ۾ سهپ ، رواداري ، قرباني ، همدردي ، ۽ هڪٻئي کي ڪم اچڻ وارو جذبو ئي پاڻي جي مسئلي حل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪندو آهي . هر ڳوٺ ۾ پاڻي لاءِ وارا ٻڌل هوندا آهن ، پوءِ جنهن جو اٺ يا ڍڳو هوندو سو سويري ئي اچي ورت ٻڌي پاڻي جو ڪوس ڇڪڻ وارو ڪم ڪندو ، ڪوس جي واري وٺڻ لاءِ وري ٻيو اچي بيهندو ، عورتون دلا مٽ کڻي اچي پاڻي ڀرڻ شروع ڪنديون . پري جا ماڻهو جن جي ڳوٺن جا کوهه کارا ٿي ويا هوندا سي به گڏهن تي جنڊا رکي انهن تي دلا ، مٽ ، پلاسٽڪ جا ڪين ، دٻا ، ته ڪي وري چمڙي جون سانداريون ۽ ساندارا کڻي اچي پهچندا . ٿانون کان بچيل پاڻي پيا مال جي پاڻي پيئڻ جي آنهن ، يا اواڙن ۾ وجهندا . جيڪڏهن ڪو اوچتو مسافر اٺ ، گهوڙي تي چڙهي پهتوته ، ته سڀ پاڻي ڀرڻ وارا ڳوٺاڻا ، عورتون ۽ مرد پنهنجو پاڻي ڀرڻ بند ڪري ڇڏيندا . پهريائين ان مسافر کي ۽ انجي سواري جي گهوڙي يا اٺ کي پاڻي پياريندا . جيئن هو پنهنجي سفر تي جلد روانو ٿي سگهي. سندن اهڙي همدردي ۽ اخلاقيات کي ڏسي حيرت وٺيو وڃي . منجهند تائين پاڻي جا آنهه ۽ اواڙا مال لاءِ ڀرجيو وڃن ۽ پوءِ شام تائين مال کي پاڻي پيارڻ جو سلسلو هلندو رهندو . انهي سموري عمل دوران منجهن ريس ، اڳرائي ڪرڻ ، يا لالچ جو رجحان نظر نه ايندو . سڀئي محبت ، ميٺ ، رواداري ، همدردي ۽ مدد جهڙن انساني قدرن ۽ جذبن سان سرشار ٿي ڪم ڪندا . ٽهڪ ،کل ڀوڳ ، ڪري پيا اتساهه پيدا ڪندا. ائين روزانو سندن پاڻي ڀرڻ جي ڪرت جاري رهندي آهي .
ٿر ۾ ڏڪار دوران اناج جي ۽ کاڌ خوراڪ جي شين جي ڪمي ٿيندي آهي . انهي کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ٿر جو ماڻهوذهني طور تيار هوندو آهي . سڪار دوران ٿر جا ماڻهو ٿر ۾ پيدا ٿيل هر شئي کي سڪائي محفوظ ڪري رکندا آهن. پوءِ انهي گڏ ڪيل خوراڪ کي نهايت سانگ صرفي سان هلائيندا آهن. ٿر جا غريب ماڻهو رات جو ٻاجهري جي ڏاري ۾ چئوڻو پاڻي وجهي اٻاري ڇڊي رٻ ٺاهيندا . پوءِ ان جا ٻه ٻه وٽا ڀري پيءَ سمهي پوندا . صبح جو وري انهي رات جي بچايل رٻ ۾ ڇڍڙي لسي ملائي پيءَ ڪم تي روانا ٿي ويندا آهن . ٻارن کان سواءِ ٻيا هروڀرو منجهند جي ماني نه کائن . ڪڏهن ڪڏهن وري ٽوهه جي گهر ۾ کائڻ لاءِ رکيل ٻج کي صاف ڪري دانگيءَ يا تئي تي گرم ڪري ڀُڃي، پيهي اٽو ٺاهي پوءِ ان ٽوه جي اٽي ۾ ٽيون حصو ٻاجهر ، ڪرنگهه ، مرٽ ، سانئين ياڪڻڪ جو اٽو ملائي ماني پچائي لسي ، کير ، سڪل چڀڙين جي چٽڻي ، سڪل سڱرين ، گوار جي سڪل ڦرين ، سڪل ميهن ، ڪورڙ( موٺ) ، ۽ مڱن جي ٻوڙ سان کائي پيا وقت گذاريندا آهن . پر هو لوڪ لکا نه وجهندا آهن . جي ڪو مهمان اچي ويو ته ان لاءِ گهر ۾ ڪجهه ڪڻڪ جو اٽو به پيل هوندو آهي ، جنهن جي ماني پچائي، گهر۾ پيل ، سڪل سڱرين ، چڀڙين ، ميهن ، وغيره ۾ گيهه سان عاليشان طعام رڌي کارائي ، کيس خوش ڪري موڪليندا . دل جا وري اهڙا سخي جوڪنهن مهمان کي ته ٿر جي کٿيءَ به تحفي طور ڏيئي ڇڏيندا . ڏڪار ۾ به هو پنهنجي تڪليفن جو انت نه ڏيندا آهن. پر اڪثرطور ڏٺو ويو آهي ته ، غريب ماڻهن وٽ ڪڻڪ جي اٽي جي ماني ۽ گيهه ڀڳل طعام سڀ خاص طور مهمان لاءِ پيل هوندا آهن ، باقي گهر جا ڀاتيءَ ان مان مجبوري يا بيماري جي حالت کان سواءِ استعمال نه ڪندا آهن .
ڏڪار وقت جيڪڏهن ٻاهر مزدوري لاءِ ويل گهر جي ڀاتي ڪجهه رقم آندي ته ، ان مان ضروري شين وٺڻ کان پوءِ باقي رقم گهر ۾ رکڻ بجاءِ ان مان ڪا رڍ يا ٻڪري ورتي ويندي آهي . ڇو ته ٿر جا غريب ماڻهو گهر ۾ وڌيڪ روڪ رقم نه رکندا آهن . ڇو ته اهي پئسي کي هٿ جي مَرُ چوندا آهن. پر جيڪڏهن ڪا رڍ ٻڪري وٺبي ته ، اها رت جي رتيءَ پئي وڌندي . ٿر جي غريب ماڻهن ۾ اهو پهاڪو عام آهي ته ،“ سون جي رتيءَ کان ، رت جي رتيءَ هزار ڀيرا وڌيڪ آهي .” ٿر ۾ ڏڪار وقت به اناج کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي . جيئن اهو بچيل ان کين برسات وسڻ جي وقت ٻج طور ڪم اچي سگهي. هڪ ڏڪار جي صورتحال مان گذرڻ دوران به ، ايندڙ سال جي ڏڪار يا سڪار لاءِ لوڪ ڏاهپ ۾ ڏسيل ڏڪار ، سڪار بابت اهڃاڻن کي ڏسندا رهندا ، ۽ برسات جي رٺل مند کي پرچائڻ لاءِ سمورا سانگ رچائي ساٺ سوڻ پيا ڪندا آهن ۽ ايندڙ سال جي حالتن لاءِ پاڻ کي اڳواٽ تيار ڪندا رهندا آهن.
دنيا جي سمورين شين ۾ درد جو واپار ڪرڻ مهانگو سودو آهي . پر جن به ماڻهن درد جو سودو ڪيو۽ درد جو ذائقو چکيو ، تن کي ئي خبر پئي ته ، درد ٻاهران ته ڏسڻ ۾ ڪڙو لڳندو آهي . پر سندس ذائقو ايترو ته لذيذ هوندو آهي . جو پوءِ زبان کي ٻيو ڪوبه ذائقو پسند نه ايندو آهي ، درد کي پاڻي وانگر پيئڻ وارن ماڻهن کي ئي ، زندگي جي اصل حقيقت کي سمجهڻ جو شعور حاصل ٿيندو آهي ۽ پوءِ هو هر حالت ۾ جيئڻ جو ڍنگ سکي وٺندا آهن . انهي وانگي ٿري سماج به دردن جو واپاري آهي ، هنن کي ٿر جي ڪڙي پاڻي سان پيار آهي ، هو درد کي پاڻي وانگر پيءَ وڏا ٿيا آهن ، هنن کي زندگي جي اصل حقيقتن جي ڄاڻ آهي ، ۽ هنن زنده رهڻ جو ڏانءَ سکي ورتو آهي ۽ اهڙي جيئڻ جي ڍنگ کي سکڻ لاءِ ڪنهن ٿريءَ ماءُ جي ڪک مان جنم وٺڻو پوندو.