شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

شاعر پاران: دنيا کي امن جي چُميءَ جي ضرورت آهي

اهو منهنجو عقيدو آهي ته
هن ڌرتيءَ مٿان
امن ضرور قائم ٿيندو
جنگيون ختم ٿينديون
۽ دلين۾ پيار جا گل ٽڙندا
انسان آخر ڪيسيتائين ڪوڪون ڪندو رهندو؟
ڇا رت جي درياهه کي روڪ نه ايندي؟
ٽهڪن جي نڙيءَ تان
ظلم ۽ نفرت جي لَتَ
نيٺ ته هٽندي
ساهه ڪٿي به خوف ۽ دهشت جا ٿوهر نه ڦٽندا
انسان جي عظمت جي تڪميل
آخر ته امن سان ئي ٿيندي
جنگ جو ڪوبه مستقبل ڪونهي
مستقبل فقط ئي فقط امن جو آهي
بين الاقوامي ڀائيچاري جو آهي
۽ انساني وحدت جو آهي
دنيا اڳي پوءِ
امن جي نُڪتي تي ضرور گڏ ٿيندي
منهنجي شاعري امن جي شاعري آهي
محبت جي شاعري آهي
انسانيت جي شاعري آهي
منهنجا نظم
اوهان کي مظلومن جا لڙڪ اگهندي نظرايندا
اوهان انهن کي
زخمن تي مرهم هڻندي ڏسندو
پَٽيون ٻڌندي ڏسندو
لاشن جي مٿان روئندي ڏسندو
منهجا نظم
ڪنهن به پاسي ۾ بيٺل ناهن
ڪنهن به ڏاڍ ۽ جبر جا حامي ناهن
ڪنهن به وحشت ۽ دهشت جا داعي ناهن
منهنجي نظمن جي نظر
دنيا جي هر دکي ماڻهوءَ جي دل تي پوي ٿي
هر پيڙهيل جو سڏڪو
منهنجي نظمن جي نِڙيءَ مان نڪري ٿو
منهنجا نظم
ڪنهن به بم يا ميزائيل جو سسٽم ته
خراب ڪري نٿا سگهن
پر
مون کي يقين آهي ته اُُهي
اُنهي هٿ کي
ضرور ڏڪائي سگهن ٿا
جيڪو
بم جي بٽڻ کي دٻائڻ وارو آهي
يا
اُنهي آڱر کي لوڏو ڏئي
گوليءَ جو رخ ڦيرائي سگهن ٿا
جيڪا انسان ڏي وڃڻ واري آهي
انهيءَ کي مارڻ واري آهي
منهنجا نظم
زندگيءَ جي حسن جي ڳالهه ڪن ٿا
۽ انهيءَ احساس کي
اندر ۾ جاڳائڻ جي جستجو ڪن ٿا
۽ انهيءَ احساس کي
اندر ۾جاڳائڻ جي جستجو ڪن ٿا
جيڪو انسانن جي خوشين سان ڳنڍيل آهي
منهنجا نظم
امن جو نياپو آهن
اميد جو سوجهرو آهن
ڀلا اُها ڪهڙي اک هوندي؟
جيڪا هڪ ٻار کي
ماءُ جي چُمي ڏيڻ مهل
ميزائيل جو نشانو بڻائيندي؟
جيڪا هڪ پوپٽ جي پَرَن مٿان
تيزاب جا ٽيپا اڇليندي؟
انسان ڪيسيتائين عداوتن جي سمونڊ ۾ ٻڏندو رهندو؟
ڇا ٻاجهه جي ڪائي ٻيڙي
هن جي ويجهو نه ايندي؟
بچاءَ جي ڪائي ڪوشش
ڇا هن جي تقدير ۾ ڪونهي؟
ڇا هن ڪاڻ رڳو
ڳوڙها آهن
سڏڪا آهن
۽ پنهنجي بي وسيءَ جو ماتم آهي!
دنيا ۾ روزانو
جديد کا جديد تر هٿيار تيار ٿي رهيا آهن
ڇا جي لاءِ؟
طاقت، غرور، لالچ ۽ تعصب لاءِ
تباهيءَ ۽ ويرانيءَ لاءِ
انائن جي تسڪين لاءِ
مان انهن سمورن هٿيارن جي مقابلي ۾
پنهنجا نظم رکان ٿو
منهنجي نظمن ۾
ڪوبه نفرت ۽ ڪيني جو بارود ڀريل ناهي
ڪابه نسل پرستيءَ جي ڪيميائي گئس وڌل ڪانهي
۽ نه ئي ڪنهن
انتها پسنديءَ جا وائرس انهن کي چنبڙيل آهن
منھنجا نظم
انھيءَ نفرت کي نشانو بڻائن ٿا
جنھن کي ڪيترائي نالا ۽ ڪيترائي روپ آھن
جيڪا تاريخ جي تاريڪ سرنگھن منجھان
سفر ڪندي ڪندي
ھن دنيا جي ھانوَ تي اچي چڙھي بيٺي آھي
سڄي دنيا ھڪ عجيب ڇڪتاڻ ۽
ڪشمڪش جي ڪُن ۾
ڦيراٽيون کائي رھي آھي
ميزائل جي مقدر ۾
ڪو محبت جو ڀاڪر ناھي ھوندو
۽ ئي ڪنھن ائٽمي ملڪ جو
ويساري ۾ ورتل حڪمران
ائٽم بم جي بٽڻ کي
نوڪر کي سڏڻ واري گھنٽيءَ جو بٽڻ سمجھي
دٻائي نھ ڇڏي
ھِنَ دنيا کي
امن جي چُميءَ جي ضرورت آھي
پيار جو ھڪڙو جملو
ڊائنامائيٽ جي ڌاڳي کي باھ ڏيڻ کان
روڪي سگھي ٿو
ائٽم بم جي ڳاڙھي بٽڻ تان
آڱر کي ھٽائي سگھي ٿو
رائيفل جو رُخ
ماڻھوءَ جي سيني کان ڦيرائي سگھي ٿو
پيار جو ھڪڙو جملو
ھن دنيا کي برباديءَ کان بچائي سگھي ٿو
۽ خوشين جا دروازا کولي سگھي ٿو
اسان ماضيءَ جي قصاص ۾
مستقبل کي
ڪيسيتائين ڪُھندا رھندا سين؟
ھاڻي اِنھيءَ درندگيءَ جي پُڄاڻي ٿيڻ گھرجي
دلين مان انتقام جي آتشڪدا اُجھامڻ گھرجن
اوڀر جو بدلو
اولھھ کان نٿو وٺي سگھجي
۽ نھ ئي اُتر جو پلاند ڏکڻ کان
ڇا خِزان جي بدلي ۾
بھار کي ساڙيي ڇڏجي؟
مرڪ جيتري ايشيا لاءِ ضروري آھي
اوتري ئي يورپ لاءِ
۽ اوتري ئي دنيا جي ٻين کنڊن لاءِ پڻ
ڇا مون کي ڪوئي ٻڌائيندو؟
تھ ٽھڪ لاءِ
ڪو عقيدو ضروري آھي يا امن؟
ڇا مسلمان ٻار جڏھن روئي ٿو
تھ انھيءَ جا ڳوھا کارا ھجن ٿا؟
۽ جڏھن ڪو غير مسلم ٻار روئي ٿو
تھ اُنھيءَ جا لُڙڪ مٺا؟
ڇا خوشيءَ جو رنگ اڇو ٿئي ٿو
تڪليف جو رنگ ڪارو؟
ڇا مينھن ڪنھن کان
قومَ، قبيلو ۽ مذھب پُڇي پوءِ وسي ٿو؟
ڇا پکي صرف
ڪنھن مخصوص دين جي دائري ۾ئي داڻا چڳن ٿا؟
بسنت جي مُندَ تھ
بنا مذھب پڇڻ جي
ھر گھر ۽ ھر باغ ۾ گھڙي وڃي ٿي
جڏھن طاقت جي شڪل ۾ تعصب
پنھنجي مرضيءَ جي تاويل ڪري ٿو
تڏھن رت جون ڇوليون اٿن ٿيون
انسانيت چيخون ڪرڻ لڳي ٿي
۽تھذيب جي ڇاتيءَ ۾
زھريلو دونھو ڀرجي وڃي ٿو
مان پنھنجي انھيءَ عقيدي تي قائم آھيان تھ
ھن ڌرتيءَ تي امن ضرور قائم ٿيندو
جنگيون ختم ٿينديون
۽ دلين ۾ پيار جا گل ٽڙندا
انسان امن جي سونھن کي سڃاڻي وٺندو
ڌڪار جي ڍنگر ۾ اٽڪيل
انسانيت جي چادر ڇڏائجي ويندي
ڪابھ تعصب جي تلوار اُڀي نھ ٿيندي
ڪوبھ غرور جو گرز ڪنھن سيني ۾ سوراخ نھ ڪندو
ڪابھ وحشت جي ول
ڪنھن دک نھ نھ وڪوڙيندي
ھر ھنڌ امن جا ٽھڪ ھوندا
۽ سموري دنيا جا انسان
خوشين جي خوشبوءِ ۾ مھڪندا
اھو ڏينھن آوَس اچڻو آھي
مان انھيءَ ڏينھن جي انتظار۾ آھيان
منھنجي شاعري
انھيءَ ڏينھن جي اڳڪٿي آھي.
*

سھيل ڀيو
قاسم ڳوٺ، شڪارپور
03123476182