امن
ٻاھر نڪري رھي آھي
گوليون
پنھنجو لباس لاھي رھيون آھن
ڌرتي
اُسَ ۾ رکيلَ ٽامي جي ٿانوَ جيان
تپي وئي آھي
۽ امن......
امن ڪنھن يَتيم ٻارَ وانگي
اکين تي ھٿڙا رَکي
روئي رھيو آھي!
*
سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو