شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

گوليءَ لڳل ٻانهن سان خط ڪيئن ٿو لکي سگهجي؟

گوليءَ لڳل ٻانهن سان خط ڪيئن ٿو لکي سگهجي؟
.
اي ساهه کان پياري!
ڪجهه عرصي کان
مان تو ڏانهن
خط لکي نه سگهيو آهيان
ڀلا گوليءَ لڳل ٻانهن سان
خط ڪيئن ٿو لکي سگهجي؟
پر تون پريشان نه ٿجانءِ
زخم هاڻي مِڙي چڪو آهي
ڇا جنگ به
فطرت جي ڇاتيءَ هڪ زخم ناهي؟
اُهو آخر ڪڏهن ڇٽندو؟
ڇا اِنهيءَ زخم جي دوا
هِن دنيا ۾
ڪوئي به تلاش نه ڪندو!؟
جيڪڏهن
اِها گولي
ٻانهن جي بدران
مون کي دل ۾ لڳي مان
ته مان يقينا
تو وٽ تابوت ۾ بند ٿي اچان مان
گوليءَ کي ڀلا ڪهڙي خبر؟
ته انهيءَ دل ۾
تولئي ڪيترو پيار ڀريل آهي
۽ ڪيتري سِڪ سانڍيل آهي
ڪهڙا ڪهڙا خواب سجايل آهن؟
۽ ڪهڙين ڪهڙين
آرزوئن جا گل ٽڙيل آهن؟
خدا ڪري ته
جنگ کي به ڪا گولي لڳي
ساهه جي رڳ ۾
۽ آس پاس
ڪوئي به
اُنهيءَ جو علاج ڪرڻ وارو نه هجي
مَرُ ته اِها ڦٿڪي ڦٿڪي مري!
*