تنهنجي ءَ ياد جي ٽيبل تي
اي منهنجي من جي راڻي!
جنگ
اسان جي جسمن کي ڇڳو آهي
روحن کي نَه
جڏهن محاذ تي
توپو ن ۽ بندوقون
سهڪار ٿيون لڳن
ته مان
تنهنجي ءَ ياد جي باغ ڏانهن
ڊوڙ پايان ٿو
تنهنجو دلڪش چهرو
گلاب جي گل جيان
منهنجي خيال ۾ ٽڙي ٿو پوي
تنهنجي مرڪ جي مهڪندڙ وَلِ
پنهنجي پُر خمار ڀاڪر ۾
مون کي وڪوڙي ٿي وڃي
تنهنجين چمين جو شفاف چشمو
منهنجي وجود تان
جنگ جي سموري ڪارنهن
لاهي ٿو ڇڏي
مان توسان
صبح جي هوا!
۽ سمنڊ جي ڇولي ءَ وانگي
پيار ڪرڻ ٿو لڳان
پر اوچتو ئي اوچتو
ڪوئي بي سڪون بي رحم هٿيار
بکايل بگهڙ وانگي
دانهن ٿو ڪري
ته تنهنجي ءَ ياد جي
خوشبودار باغ ۾
زهريلو دونهون ڀرجڻ ٿو لڳي
۽ مان اُنهي ءَ مان گهٻرائجي
ٻاهر نڪري ٿو اچان
سنگ دل جنگ
تنهنجي حسين قربت جون
ٻه گهڙيون به
تصوي ۾ ڪين ٿي سهي
ڪا خبر ڪونهي
ته مان توسان گڏ ٻهر ڪڏهن
ڪافي به پي سگهندس الائي نه؟
يا ڪنهن خالي ڪوپ وانگي
تنهنجي ءَ ياد جي ٽيبل تي
سدائين رکيل رهندس!
*