تو تڪڙ نه ڪجانءِ!
اي جان من!
مون کي تنهنجي ڪيتري نه ياد ٿي اچي
رائفل جڪڙيل هٿَ
از خود ڍرا ٿا ٿي وڃن
دل ٿي چوي ته
اکيون ٻُوٽي
توکي تصور ۾ آڻيان
پر مان ايئن به نٿو ڪري سگهان
ڦوڪڻي ڦاٽڻ تي به
تون ڪيڏو نه ڇرڪ ڀريندي آهين
هتي ته بَم ٿا پيا ڦاٽن
ننڊ ۾ به
۽ جاڳ ۾ به
جنگ ته
ڪٿي به وڃي سگهي ٿي
مون کي خوف ٿو ٿئي
ته متان اُها
منهنجي تصور ۾ نه ٽپي اچي
جنگ کي
اکيون ته آهن ڪونه
جو هوءَ دشمن ڏسي يا دوست
خبر ناهي ته
اِنهيءَ انڌي ءَ جي قيد مان
انسان ذات جا خواب
آزادي ڪڏهن ماڻيندا؟
هاڻي هاڻي
هڪ گولي
منهنجيءَ سوچ جي اَکِ وٽان
تڪڙ ۾ گذري وئي
اُنهيءَ جي جسم ۾
ڪيتري نه ڌپ هئي
۽ اها ڪيتري نه اُڃايل
مان پنهنجي هڪ چُمي
خشڪ، اُڊڙل رتورت چپن سان
تولاءِ
چنڊ جي جهول ۾ وجهان ٿو
تون جڏهن
ڪنهن اداس، بيقرار ڪندڙ رات جو
اُها چُمي
چنڊ جي جهول مان ٻاهر ڪڍين
ته تڪڙ نه ڪجانءِ
پنهنجو سرخ، سنهڙن چپن تي
رکڻ کان اڳ ۾
اڪيلائي جي لڙڪن سان
اُنهيءَ کي خوب ڌوئجانءِ
۽ اُنَ منجهان
جنگ جون سڀ وحشتون نپوڙجانءِ!
*