جملن جا ڀاڪر، لفظن جون چميون
اي منهنجي جانِ!
اچ اِلاهي ڏينهن کان پوءِ
مان توڏانهن خط لکي رهيو آهيان
جنگ
ايتري فرصت ئي ڪونه ٿي ڏئي
جو مان توڏانهن خط لکي رهيو آهيان
جنگ
ايتري فرصت ئي ڪونه ٿي ڏئي
جو مان تو ڏانهن خط لِکان
بدبودار دونهين جي خيمي مان
ٻاهر نڪران
۽ تنهنجيءَ ياد جي واديءَ ۾ ساهه کڻان
ڇا منهنجي جوانيءَ جا ڏينهن
جنگ جي جهنم ۾ ئي
جلندي پچندي گذري ويندا؟
تنهنجون اکيون ته نيرڙيون ئي رهنديون
منهنجي زندگي ڦِٽي ويندي
جنگ
بگهڙ جي اُڃ آهي
عقاب جي بُکَ......!
اسان سڀني کي
جنگ خريد ڪري ورتو آهي
ملڪ ۽ مذهب جي
سونن سِڪن جي بدلي ۾
مان به توسان هروڀرو
جنگ جون ڳالهيون پيو ڪريان
جنگ کي ڇَڏِ
ته مَرُ پئي اُها هڏا چٻاڙي
آءُ ته دل لڳيءَ جون ڳالهيون ڪريون
جڏهن تون ۽ مان
پهريون ڀيرو پا ۾ مليا هئاسين
ته آسمان هڪدم
ڪيئن نه گلابي ٿي ويو هو
۽ اسان ٻئي هڪ ٻئي مٿان
اييئن جهڪي پيا هئاسين
جيئن سائبيريا جا پکي
گرم پاڻيءَ جي ڍنڍن تي
اُمالڪ لهي پوندا آهن
اُنهيءَ ڇُهاوَ جو شراب
اڄ به مون کي
مخمور ڪري ٿو ڇڏي
هٺيلي چمڪندڙ چڳَ
تنهنجي چهري تي
هر هر ڦِري ته ايندي هوندي
منهنجيءَ ياد وانگي
توسان گذاريل لمحا
مان ايئن جلدي ياد ٿو ڪريان
جيئن ڪو بکايل مسافر
کاڌي جي دسترخوان تي
حرص ڪري
منهنجي زبان جي چوٽيءَ تي
جدائيءَ جو لوڻ ڄمي ويو آهي
خَطُ
منهنجيءَ عمر کان به وڃي ٿو ڊگهو ٿيندو
شڪي مزاج جنگ
هر هر مورچي ۾ ليئا ٿي پائي
هُوءَ ڀلا ڪيئن سمهندي؟
جملن جا ڀاڪر
۽ لفظن جون چميون
شال!
اهو ڏينهن جلدي جلدي اچي.
امن جون پنکڙيون کُلن
۽ پيار جي خوشبوءِ
سڄي ڪائنات ۾ڦهلجي وڃي
*