۽ مان نا اميد ناهيان
ڇا هيءَ سموري دنيا
هڪ ائٽمي جنگ جي اوڌر آهي؟
ڇا هِي گُلَ، هي پوپٽَ
هي ٻارَ.........!
سڀ اُنهيءَ جي قرض ۾ هليا ويندا؟
۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو
ڪائي به جنگ
پنهنجو قرض ڄاڻي ٿي
اِنسانُ پنهنجا اختلافاتَ
تباهيءَ سان ئي
ڇو ٿو حَلُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري؟
خطري جو بگهڙ
اوناڪي رهيو آهي
پريشانيءَ جون ڄورون
دلين کي چنبڙي پيو آهن
خوف جو چِيتو
خوشين جي ڌڻ ۾ ڪاهي پيو آهي
ساهه جي راهه ۾
خدشن جا شيشا پکڙيا پيا آهن
امن جو خواب
سُڪل وڻ وانگي
بي حسيءَ جي برپٽ ۾ بيٺو آهي
۽ مان نا اميد ناهيان
ٽهڪن جا گُلَ
اُنهيءَ جي ٽامن ۾ ضرور ٽڙندا
۽ انسانيت جو قافلو
سندس گهاٽي ۽ ٿڌيءَ ڇانوَ ۾
صدين جو ٿَڪُ ڀَڃندو
بي حسيءَ جو برپٽ
محبتن جي باغَ ۾ بدلجي ويندو
۽ دهشت جي هيڊاڻ
ڌرتيءَ جي چهري تي نه هوندي
*