جنگ جا جوازَ مَٽبا رهندا
اي چيريءَ جي گُلَ جهڙي!
مان جڏهن محاذ تي
پاڻيءَ جو ڍُڪ ٿو ڀريان
ته ڄڻ
رات رت سان ڀرجي ٿو وڃي
برگر يا بسڪوٽ ٿو کاوان
ته ماڻهوءَ جي سڙيل ماس جي
بدبوءِ ٿي اچي
جنگ
روح ۽ دل جي مٿان
هڪ عذاب آهي
ملڪن جون سرحدون
هن ڌرتيءَ تي
سدائين هڪ جهڙيون نه رهنديون
جنگ جا جوازَ مَٽبا رهندا
مگر موت ساڳيو ئي رهندو
گذريل رات ريڊيو تان ٻڌم
ته پهريئن عالمي جنگ ۾
حصو وٺندڙ
آخري جرمن فوجي به
عدمَ ڏانهن روانو ٿي ويو
اِرڪ ڪيستنر
جيڪڏهن
مان به هِن جنگ مان بچي ويس
ته نيٺ هڪ ڏينهن
اِرڪ ڪيستنر وانگي ئي مري ويندس
ياد جي جهنم ۾
جلندي جلندي
پر
هيءَ جنگ ڪڏهن مرندي؟
هِن وحشت ۽ نفرت جي
پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي؟
*