شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

شام جي ھڪ نينگريءَ جو نظم

مون کي تھ ھاڻ
ڪنھن ڪڪر کان بھ ڀو ٿو ٿئي
تھ انھيءَ منجھان بھ
متان! ڪي بم نھ وسرڻ لڳن
مان امن جي لاءِ
گلدستو ٺاھيان ٿي
انھن سڪل، سڙيل، ٽٽل ھڏن مان
جيڪي منھنجي چوڌاري
ڀڳل رانديڪن وانگي پکڙيل آھن
ڪيترا نھ ڏينھن ٿي ويا ھن
مون ڪوئي ستارو نھ ڏٺو آھي!
چوڏس
جنگ جو ڪارو غلاف ڇانيل آھي
مون کي ڪا خبر ئي ڪونھ پئي
تھ بھارَ جي موسم
ڪڏھن آئي
۽ ڪڏھن موڪلائي وئي؟
موت جي مند ۾
مسلسل گذاريندي
مون کان زندگيءَ جا سمورا رنگ
وسري چڪا آھن
رڳو ھڪڙو ئي رنگ
مان سڃاڻي ٿي سگھان
موت جو رنگ
جيڪو
ھر شيءِ مٿان چڙھي چڪو آھي!
*