شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

ڇا تون ۽ مان مقدس ناهيون؟

ڇا تون ۽ مان مقدس ناهيون؟

اي منهنجي زندگيءَ جي چانڊوڪي!
رات جو پهر آهي
۽ مان
مورچي ۾ سوچي رهيو آهيان
ته ڇا ڇا نه مقدس آهي؟
وطن مقدس آهي
قوم مقدس آهي
مذهب مقدس آهي
قانون مقدس آهي
سرحدون مقدس آهن
اُف!
مقدس، مقدس ۽ مقدس !
سڀ مقدس
ڇا تون ۽ مان مقدس ناهيون؟
اسان جا خواب مقدس ناهن؟
۽ اسان جي زندگي
ڇا اُها مقدس ناهي؟
ڇا ماڻهو مقدس ناهي؟
آخر ڪا به شيءِ
ڪيئن ٿي مقدس ٿئي؟
۽ اُنهيءَ جو تعينُ ڪير ٿو ڪري؟
جن وٽ حڪومت جون واڳون آهن
جن کي مذهب جو پهراڻ پاتل آهي
جن وٽ طاقت آهي
جن وٽ ڀڙڪائيندڙ لفظ
جوشيلا اصطلاح ۽
من موهيندڙ خواب آهن
جيڪڏهن هاڻي هن وقت
ڪو ميزائيل ڪوئي بَمُ يا ڪوئي ٽئنڪ جو گولو
منهنجي مورچي مٿان اچي ڪِري
۽ مان
ٻُوٽيون ٻوُٽيون ٿي وڃان
ته ڇا
منهنجو موت به مقدس ٿي ويندو؟
۽ تنهنجي هيکلائي
ڇا اُها به مقدس ٿيندي؟
۽ تنهنجا ڳوڙها به مقدس بڻبا؟
جنگ
هڪ راند آهي
جيڪا
مقدس ڳوٽن سان کيڏي وڃي ٿي!