خوفَ، وحشتَ ۽ بي يقيني ءَ جا ٿوهر
اي شامَ جي ڳاڙهاڻ جهڙي!
موت جي آئيني ۾ منهن ڏسڻ
ڪيترو نه ڀوائتو آهي
جڏهن رات جو آسمانَ ۾
ڪنهن سِتاري جي لاٽَ تي
نظر ٿي پوي
ته ڄڻ پنهنجي مٿان
ٽئنڪ جي گولي ڪرڻ جو گُمان ٿو ٿئي
۽ غير شعوري طورَ
پاڻ بچائڻ خاطر
مان مورچي جي اوٽَ ٿو وٺان
ڪوئي ٽاهيل پکي
اوچتو مٿان ٿو گذري
ته ڇِرڪ ئي نڪري ٿو وڃي
ته الائي اِهو
ميزائل ته ناهي
زمين تي پيَل ننڍڙا پٿر
پِنَ نڪتلَ
هينڊ گرنيڊ وانگي ٿا لڳن
پيرن ۾
ڪنهن سُڪل، سڙيل وڻ جي
ڪائي لامَ
يا پاڙَ ٿي وچڙي
ته هان ءُ کسجي ٿو وڃي
ته اِها
بارودي سرنگهه جي
ڪا تارَ ته ناهي
جنگ
احساس جا سڀ زاويا
بدلائي ٿي ڇڏي
۽ دل جي ڌرتي ءَ تي
خوف، وحشت ۽ بي يقيني ءَ جا
بي شمار ٿوهر ٿي پوکي!
*