آخر جنگ جي زبانَ ڪڏهن وڍبي؟
اي امن جي مرڪ جهڙي!
جنگ
خوف جو خيمو آهي
جنهن ۾
زندگي پريشان گذاري ٿي
چار ئي طرف
زمين ۽ آسمان پڻ
شڪ ۽ ڊپ جي چادر ويڙهيل آهن
موتُ
آزاد گهمي رهيو آهي
۽ مان
تنهنجي ءَ ياد جو قيدي
تنهنجي پيار کي سنڀاريان پيو
جنگ
ڪهڙي مهل به
مونکي ڳيتَ ڏئي سگهي ٿي
تنهنجي جسم جي خوشبوءِ
منهنجي مورچي ۾ گهڙي ٿي اچي
ته مان
رنگ برنگي پوپٽن جي گهيري ۾
اچي ٿو وڃان
جنگ کي ڪهڙي خبر؟
ته تنهنجي چپن ۾
ڪهڙي چاشني آهي؟
تنهنجي ڳلن ۾
ڪهڙي ميوي جو رَسُ ڀريل آهي؟
۽ تنهنجو بدن
ڪهڙن ڌاتن جي ميلاپ ج نتيجو آ؟
انسانَ جي ترقي
ڇا هڏن جي ڍيرَ تي اچي ختم ٿيندي؟
آخر جنگ جي زبانَ ڪڏهن وڍبي؟
جيئن هُو ءَ
ڪنهن به اختلاف جا
ڪَنَ ڀري نه سگهي!
*