جنگ موت جو ٽهڪ آهي
اي منهنجا پيارا!
مان هي خط توڏانهن
مورچي جي قبر مان لکي رهيو آهيان
اڪيلائيءَ جو بسترو
ڪيترو نه کُهرو آهي
جڏهن به
مان امن بابت سوچيان ٿو
ته منهنجي دل
مينهن ۾ پُسيلَ وڻ وانگي
هوا ۾ لُڏڻ لڳي ٿي
مون اِها حقيقت ڄاتي آهي
ته جنهن ماڻهوءَ ۾
جمالياتي حِسَ ناهي
جنگ
اُنهيءَ جي دل کي
پنهنجو گهر بڻائي ٿي
جيڪو ماڻهو
ڪائنات جي خوبصورتيءَ سان پيار ڪندو
جنگ جي شڪل
اُنهيءَ کي ڀلا ڪيئن وڻندي!
خاموشي
مورچي جي مونجهه ۾
اِيئن ساهه کڻي رهي آهي
جيئن ڪائي جيئري مڇي
خشڪيءَ تي ڪليون چوريندي هجي
وحشتَ
ڪهڙي مهل به
چيخ ڪري سگهي ٿي
جنگ
موت جو ٽهڪ آهي
۽ زندگي
قبر مٿان رکيل ڪوئي پيلو گُلُ!
تمام جلد
ها تمام جلد
تون ۽ مان
هڪ ٻئي جي چپن تي
اِيئن چُميون ڏينداسين
جيئن
امن معاهدي جي دستاويز تي
صحيحون ڪبيون آهن
*