ساهه ته دونهاٽيل ۽ ڪاراٽيل ئي هوندو
اي منهنجي خوبصورت پَرِي!
گذريل رات
هڪ تيز رفتار ٽئنڪ
گڙ گڙ ڪندي
منهنجي خواب ۾ گهڙي آئي
۽ منهنجي سِيني مٿان هلڻ لڳي
منهنجا هَڏَ ٽڙڪاٽ ڪرڻ لڳا
هڪدم منهنجي اک
خوف مان کُلي وئي
جنگ فقط
جاڳَ جو ئي جسم نٿي چيري ڦاڙي
پر اُها
ننڊ جي چهري کي پڻ
پنهنجن تِکن نَهن سان
رانڀوٽا پائي
رتورت ڪري ٿي ڇڏي
مان نٿو ڄاڻان ته
سڙيل،ڪاراٽيل پنهنجون آڱريون
تنهنجن سونهري ڊگهن وارن ۾
ڪڏهن ڦيرائي به سگهندس الائي نه؟
يا مان توڏانهن موٽي نه سگهندس
۽ گمنام هڏن جي وير ۾
گم ٿي ويندس
جنگ
موت جو سمنڊ آهي
۽ سپاهي
انهن ڦاٽل بادباني ٻيڙين وانگي
جن جا ونجهه ٽٽي چڪا هجن
هڪ چُمي
پاڻيءَ جي چلڪڻي ڦوٽي جيان
منهنجي چپن تي اچي بيٺي آهي
مان انهيءَ کان
تنهنجي چمڪندڙ چهري جي
صاف، شفاف تلاوَ ۾
چپ چاپ لاهي ڇڏڻ ٿو چاهيان
جنگ وڙهي موٽندڙ
ڪنهن به سپاهيءَ جا عضوا
سدائين کٽل ئي هجن ٿا
پر جيڪڏهن
عضوا کڻي پورا به هجن
ساهه ته پوءِ به
دونهاٽيل ۽ ڪاراٽيل ئي هوندو
*