شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

ٽهڪڙن جون بند ڳڙکيون

ٽهڪڙن جون بند ڳڙکيون
.
اي نيرڙي نَديءَ جهڙي!
دل ٿي چوي ته
هن ئي گهڙي
مان تو ڏانهن اڏامي اچان
پر
جنگ منهنجي خواهش جي پکيءَ جا
پَرَ پَٽي ڇڏيا آهن
اِلاهي ڏينهن ٿي ويا هِن
جو مان کِليو ئي ناهيان
جنگ
اُهي ڳڙکيون ئي بند ڪري ٿي ڇڏي
جن مان
زندگيءَ جي گهر ۾
ٽهڪڙا ٽپي ٿا اچن
اسان جي جٿي ۾
هڪ اهڙو نوجوان به شامل هيو
جنهن کي ڳالهه ڳالهه تي
ٽهڪ ڏيڻ جي عادت هئي
محاذ تي جهڙپ دوران
سڀ کان پهرئين گولي
اُنهيءَ کي ئي لڳي
۽ اُها به کيس نِڙيءَ ۾!
جنگ
زندگيءَ جي هر سٺائيءَ جي دشمن آهي
متان! تون مونڏانهن
خط جي جواب ۾
ڪوئي ٽهڪ اُماڻين
هتي ته هر پاسي
باهه، رت، وحشت، خوف ۽
بدبوءِ آهي
تنهنجو سهڻو
رابيل جي نئين ٽڙيل مُکڙيءَ جهڙو
خوشبودار ٽهڪ
ايترن سڀني عذابن جي وچ ۾
ساهه ڪيئن کڻي سگهندو؟
هڪڙي ئي پَل ۾
مرجهائجي نه مري ويندو
محبوبن ڏانهن اُماڻيلَ
ڪيتريون ئي بي قرار چميون
اُڃايل چپن تائين
پهچڻ کان پهريائين
محاذن تي سڙي خاڪ ٿي ويون
ڏِسُ!
متان تون مايوس ٿئين
۽ پاڻ کي
سَرءُ جو وڻ بڻائي ڇڏين!
*