شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

جنگ

جنگ
اُھا دَري آھي
جيڪا رُڳو
قبرستان طرف ئي کُلي ٿي!

جنگ
اُھا درزياڻي آھي
جنھن کي فقط
ڪفن ئي سِبڻ اچن ٿا!

جنگ
اُھا بد نصيب عورت آھي
جنھن کي صرف
مُئل ٻار ئي ڄمن ٿا!

جنگ
اُھا پاڳل طوائف آھي
جيڪا
سپاھين سا رات گُذاري
صبح جو انھن کي ماري ڇڏي ٿي!

جنگ
اُھا نانگڻ آھي
جيڪا صرف
برباديءَ جي بِينَ تي لَھَرَ ڪري ٿي!

جنگ
اُھو ڪئلينڊر آھي
جنھن ۾
سڀ ڏينھن
مرڻ جا ئي ڏينھن آھن!

جنگ
اُھا تارازي آھي
جنھن جي ٻنھي پُڙن ۾
رڳو لاش ئي تُرن ٿا!

جنگ
اُھو ھاري آھي
جيڪو
پنھنجي زمين ۾ ھميشھ
ھڏن جو فصل پوکي ٿو!

جنگ
اُھو تلاءُ آھي
جنھن مان
وحشتن ۽ نفرتن جون بي رحم بلائون
پنھنجي اُڃَ اجھائن ٿيون!

جنگ
اُھا اداڪارہ آھي
جيڪا فقط
موت جو ئي ڪردار ڪري ٿي!

جنگ
اُھا ميڻ بتي آھي
جيڪا
انسانيت جي قبر تي ٻري ٿي!