شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

بي رنگ بڻجي ويل زندگي

اي منهنجي محبوبا!
جنگ جي ڪاري خيمي ۾
مسلسل گذاريندي
مون کان
تنهنجن اکين جو رنگ وسري چڪو آهي
مون کي ياد ئي ناهي رهيو
ته تنهنجن ڊگهن وارَن جو
ڪهڙو رنگ آهي؟
مون کي ٻڌاءِ ته
گهر جي آڳر ۾ بيٺل وڻ ۾
ڪهڙي رنگ جا گل ٽڙندا آهن؟
۽ تنهنجي مٿان
ڪهڙي رنگ جو آسمانُ آهي؟
شايد!
منهنجو اهو پڇڻ
توکي عجيب محسوس ٿئي
پر اهو سچ آهي پياري!
مان
زندگيءَ جا رنگَ ياد ڪرڻ ٿو چاهيان
ڇاڪاڻ جو
هتي منهنجي چوڌاري
هر شيءِ
موت جي رنگ ۾ رڱيل آهي!