چمين ۾ بارود جي بدبوءِ
اي منهنجي هم نشين !
ڪجهه ڏينهن کان
مان محسوس ٿو ڪريان
ته جنگ
منهنجي لئي ڪٿي
ڪو تابوت ٺاهي رهي آهي
مان پنهنجي ءَ دل ۾
ڪوڪن جي ٺوڪڻ جو
کڙڪو ٿو ٻُڌان
انهي ءَ کان اڳ ۾
جو سڙيل سرد ٿي ويل
چانهه جي ڇاڻي ءَ جهڙو منهنجو جسم
تنهنجن حسين هٿن ۾ پهچي
دل ٿي چوي
ته مان
هوا جي هٿين
بي شمار چميون توڏانهن اُماڻيان
پر
منجهن چمين ۾ ته
بارود جي بدبوءِ آهي
۽ توکي ته
ماچيس جي تيلي ءَ ٻارڻ جي
بُوءِ به ناهي وڻندي
مان نٿو ڄاڻان ته
اسان فتح جي ويجهو چڪا آهيون
يا شڪست جي
پر جنگ جي ته فتح ئي فتح آهي
هن کي صرف لاش گهرجن
کڻي اُهي ڪهڙي به پاسي کان ڪِرن
مُڙدن ڪاڻ تمغا جامَ
تون پنهنجي ڪمري جي پڻ
ڪا ديوار چونڊي ڇڏِ
*