هيروشيما جي ميوزم ۾ رکيل هڪ انساني کوپڙي ڳالهائي ٿي
منهنجي هڏڙن تي به
ڪڏهن ماسُ هوندو هو
مون کي به ٻه اکيون هيون
جن سان
مان آسمان ڏسندي هيس
ٻه چَپَ هيا
جن سان
گلن کي چمندي هيس
هڪ ڏينهن اوچتو
جنگ
اسان جي شهر مٿان اچي بيٺي
ڪنهن ڪاوڙيل ازدها وانگي
هُنَ
اهڙو ته باهه جو شعلو ڪڍيو اندر مان
جو
هڪ لمحي ۾
منهنجون اکيون رِجي گم ٿي ويون
پر منهنجا چَپَ
بنا رَکَ ڇاڻڻ جي سڙي ويا
ڪيترن ئي سالن کان
مان هِن ميوزيم ۾ رکيل آهيان
بنا ماسَ
بنا اکين
۽ بنا چپن جي
ڪوئي مون کي ٻُڌائي ته
ڇا آسمانُ اڃان به نيرو آهي؟
ڇا ڳاڙها گل اڃا به ٽِڙن ٿا؟
*