شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

اسان جي عَهد جو نوحو

اسان جي عَهد جو نوحو

اسان
لاشن جي وچ مان گذري رهيا آهن
بي شمار اکيون
اسان کي گُهوري رهيو آهي
وحشت جو سمنڊ
اسان کي وڪوڙي رهيو آهي
مستقبل جي ڳِجهه
اسان ڏي مسلسل
عجيب بي تابيءَ منجهان تَڪي رهي آهي
بي سُڪونيءَ جا جراثيم
اسان جي خوشين کي کائي رهيا آهن
مذهبي اڳواڻن جي هٿن ۾
ماچيس ڇو آهن؟
ڌرتي ۽ آسمان
ڄڻ ته جنڊ جا ٻه پُڙَ آهن.
۽ وچ ۾ انسانُ آهي
بمن جي پڙاڏن ۾
مُرڪن جون ڪهڙيون مُکڙيون ٽڙنديون؟
ميزائلن جي گهيري ۾
محبت جون ڪهڙيون ملاقاتون ٿينديون؟
جڏهن راتين جو
موت جا ٽانڊاڻا اڏامن ٿا
ته زندگي
خوف جي ٻرن ۾ لِڪي ٿي پوي
ڪائنات جو
ڪُل وزن ڪيترو آهي؟
هڪ ٻارَ جي رتُ جو ڦُڙو
يا هڪ ماءُ جي اَکِ جو ڳوڙهو!
*