شاعري

امن جي انتظارَ ۾

سھيل ڀيي جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان پختي نظر اچي ٿي. هو پابند توڙي نثري شاعريءَ ۾، شاعريءَ جي گُهرجن جي ڄاڻ رکي ٿو. هُن وٽ انتظارُ ائين ترسيلُ  آهي جيئن عاشِقُ پنهنجي محبوبُ وٽ ٽِڪيلُ هُجي! انتظارُ سندس وارن جو رنگُ ته مَٽي ڇڏيو آهي. پر سندس دل تي هِڪُ وارَ جيترو به فرقُ ناهي آڻي سگهيو. هو خواب ڏسندو آهي پوءِ اهي خواب نظمن جو روپُ ڌاري پني تي اتاري وٺندو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سھيل ڀيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book امن جي انتظارَ ۾

هُن کي ضرور ٻڌائجانءِ

هُن کي ضرور ٻڌائجانءِ

اي مٺن چپن واري!
جنگ کي ڪهڙو احساسُ؟
ته مان پويان
هڪ پيار ڪندڙ گهر واري
۽ هڪ خوبصورت
چَئن سالن جو پٽ ڇڏي آيو آهيان
هُوءَ زندگي ءَ جي رشتن مان ڇا ڄاڻي؟
هن جو ته بس!
موت سان ئي واسطو آهي
مون کي جڏهن تنهنجي
۽ آدم جي
ياد ٿي اچي
ته ڄڻ ڪا ٻرندڙ گولي
بُلٽ پروف جيڪٽ کي ڦاڙي
منهنجي غمگين دل سان
گذري ٿي وڃي
۽ منهنجون اکيون
ڳوڙهن سان ڀرجي ٿيون وڃن
مون کي ٻڌاءِ ته
ڇا آدم اسڪول ويندو آهي؟
هُو پڙهڻ ۾ ڪيئن آهي؟
هن کي
ڪهڙين شين سان دلچسپي آهي؟
ڇا هن توکان ڪڏهن
جنگ بابت ڪو سوال ڪيو آهي؟
هن کي ضرور ٻڌائجان ءِ
ته جنگ
اهڙي باهه آهي
جيڪا
انسانيت جي مهڪندڙ سهڻي چمن کي
ساڙي رَک ڪري ٿي ڇڏي!
*