ملائشيا بابت هڪ بهترين سفرنامو
شاهمراد جي سفرنامي مان مونکي اها به ڄاڻ ٿي ته ملاڪا شهر جتي آئون جيتوڻيڪ ڏهه سال لڳاتار رهيس ۽ هاڻ به گھمڻ ۽ ليڪچر لاءِ ويندو رهان ٿو اتي سڄي شهر جو هڪ ئي وقت واءُ سواءُ لهڻ جو بهترين طريقو شهر جي وچ مان وهندڙ ملاڪا ندي ۾ ٻيڙيءَ ۾ سير ڪرڻ آهي. آئون تصور ڪري سگھان ٿو ته ٻيڙيءَ جو سير ڪرڻ جو مزو هڪ طرف آهي ته ملاڪا جي سهڻي، رنگين ۽ تاريخي شهر جا نظارا پسڻ ٻئي طرف. ياد رهي ته ملاڪا جي وچ مان وهندڙ ملاڪا ندي يا سنگاپور مان وهندڙ سنگاپور ندي ڪا سنڌو نديءَ جهڙي ويڪري ناهي جنهن جي هڪ ڪناري تي هالا پراڻي شهر مان ٻئي ڪناري تي ڄام شورو جون فقط بتيون مس نظر اچن ٿيون. هي نديون سنڌوندي، گنگاندي، مسي سپي يا ڪرنا ڦلي جي مقابلي ۾ ڪُئي جي پڇ جهڙيون آهن ۽ انهن مان سفر ڪرڻ وقت ائين ٿو لڳي ڄڻ توهان ڪراچي يا حيدرآباد جي صدر واري علائقي جي روڊ تان پيا هلو جو پاسن کان گھر، دڪان، مندر مسجدون، سرڪاري آفيسون، اسڪول اسپتالون ۽ انهن ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهو ڪنهن روڊ جي ڪناري تي ئي محسوس ٿين ٿا.
شاهمراد جي مونکي اها ڳالهه به وڻي ته جيڪو ملائشيا فقط ٽن چئن ڏينهن لاءِ اچي ٿو، ان کي کپي ته انهن ۾ هو فقط ڪولالمپور جهڙو جديد شهر ۽ ان جا آسي پاسي جا ماڊرن علائقا پتراجايا ۽ سائبرجايا گھمي ۽ ٻيو 90 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ملائشيا جو تاريخي شهر ملاڪا ڏسي جيڪو اصل ملائشيا آهي ۽ ملاڪا سلطنت ان شهر تائين ئي محدود هئي جتي ڊچن، پورچوگالن ۽ انگريزن حملو ڪري سڄي ملڪ تي قبضو ڪيو ٿي. ان بعد ٻيون رياستون وجود ۾ آيون ۽ هن ملڪ جو نالو ملايا ٿيو. انگريزن کان آزادي ملڻ تي ملايا ”بورنيو ٻيٽ“ جي صباح ۽ سراواڪ رياستن سان ملي ملائشيا ٿيو آهي.
هن سفرنامي ۾ ڊاڪٽر شاهمراد منهنجو به ذڪر خير ڪيو آهي. ملاڪا ۾ هجڻ دوران هن منهنجي ملائشيا تي لکيل سفرنامن جي خاص ڪري پهرين سفرنامي ”مڪليءَ کان ملاڪا تائين“ جي تعريف ڪئي آهي، جيڪي هن ”سنڌ سلامت“ جي ويب سائيٽ تان آن لائين پڙهيا آهن. پاڪستان سئي گئس ڪمپني جو، خيرپور پاسي جو انجنيئر محمد سليمان وساڻ قابل داد آهي جنهن پنهنجي ”سنڌ سلامت“ نالي ويب سائيٽ تي، سوين ڪتاب آن لائين رکي ڇڏيا آهن جيڪي ولايت ۾ رهندڙ اسان جا هم وطن مفت ۾ برائوز ڪري پڙهن ٿا.
ملائشيا ۾ وڏو عرصو رهڻ ڪري ۽ اتي جي ڪلچر، ثقافت، تاريخ جي ڄاڻ هجڻ ڪري منهنجا ڪتاب هڪ عام ماڻهو يا ملائشيا ۾ گھري دلچسپي رکڻ واري لاءِ ڀلي کڻي ڪارائتا سمجهيا وڃن پر ملائشيا ۾ پهريون دفعو اچڻ واري ٽوئرسٽ، شاگرد يا ڪاروبار جو جائزو وٺڻ واري لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊئي جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ نه فقط پڙهڻ کپي پر سفر ۾ ساڻ رکڻ کپي.
ڊاڪٽر شاهمراد غربت سارو ملائشيا خوب گھميو آهي ۽ پنهنجي مشاهدن، تجربن ۽ گھمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. ”غربت سارو“ ان ڪري ٿو چوان ٿو جو هڪ امير ٽوئرسٽ وانگر پئسن سان کيسا ڀري گھران نه نڪتو آهي ۽ نه ڪو هن ملائشيا ۾ نوڪري ملڻ ڪري وڏو پگهار حاصل ڪيو ٿي. هو ته هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ ملائشيا پهتو ۽ هن کي پنهنجي خرچ پکي لاءِ اسڪالرشپ ملي ٿي جنهن مان اسان جي ملڪ جا شاگرد بچت ڪري پنهنجي فئمليءَ کي به رکن ٿا. شاهمراد پاڻ کي ڏکيو رکي نه فقط فئملي (زال عابده ڪنول ۽ ٻن ٻارن:حسنين حيدر ۽ رباب زهره) کي پاڻ سان چار سال ڪولالمپور ۾ رکيو پر زال کي پنهنجي خرچ تي ماسٽرس به ڪرائي. ساڳي وقت سندس گھر واري به تعريف جي قابل آهي جنهن معمولي بجيٽ مان نه فقط گھر جي خرچ هلائڻ جو بندوبست ڪيو پر پڙهائي ڪري امتحان پاس ڪيا. ساڳي وقت هنن ڌاريو ملڪ به ڏسڻ چاهيو ٿي سو هو ٿورو ٿورو ڪري موڪلن ۾ گھمندا رهيا. نه رڳو ڪوالالمپور جا مختلف حصا پر ڪوالالمپور کان ٻاهر جا شهر پڻ. جن کي شاهمراد ۽ سندس فئمليءَ نه فقط چڱي طرح ڏٺو ۽ گھميو ڦريو پر enjoy به ڪيو.
سنڌ يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ جي هن سينئر ليڪچرار ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو 4 جولاءِ 1982ع تي ضلعي قنبر جي تعلقي واره جي ڳوٺ نهال تنيو ۾ محمد صلاح چانڊيو جي گھر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري جا پنج درجا پنهنجي ئي ڳوٺ نهال تنيو جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارهه مان ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان BSIT (بيچلر آف سائنس اِن انفارميشن ٽيڪنالاجي) ڪئي. هن پي ايڇ ڊي ”انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ“ ۾ ملائشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ مان ڪئي جنهن جو موضوع آهي ته يونيورسٽي ليول تي ريسرچر ۽ استاد، انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي کي ڪيئن ٿا ڏسن ۽ استعمال ڪن، جنهن جي بهتر استعال لاءِ سندس ريسرچ جي رزلٽ مطابق اڪيڊمڪس ٽيڪنالاجي ايڪسيپٽنس ماڊل به ڊولپ ڪيو اٿن. ۽ سندس گھرواريءَ (عابده ڪنول) لائبريري سائنس ۾ ملائشيا مان ماسٽرس ڪئي.
ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ کي پڙهن بعد اندازو لڳايم ته ڪتاب جي مصنف نه فقط گھمڻ ڦرڻ بابت سٺيون صلاحون ڏنيون آهن پر هن جي Observation جي قوت پڻ سٺي آهي. هن جي اها ڳالهه صحيح آهي ته ملائشيا جا ماڻهو گھڻي لهه وچڙهه نٿا ڪن. هو ڪم سان ڪم رکن ٿا. اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي اجائي کوٽ سوٽ ۽ ٻئي جي پچار ڪرڻ جي عادت آهي جيڪا ملائشيا جا ماڻهو پسند نٿا ڪن. ان ڪري اسان جا اهي ماڻهو جيڪي تعليم يا نوڪريءَ ڪري ملائشيا ۾ رهائش اختيار ڪن ٿا، انهن کي اهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ کپي ۽ پنهنجي پاڙي وارن سان گھڻو فري نه ٿيڻ کپي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ملائشيا جي تقريباَ هر ماڻهوءَ کي انگريزي اچي ٿي، پوءِ ڀلي هو ٽئڪسي ڊرائيور هجي، گاڏي تي ڀاڄي يا ميوو وڪڻندڙ هجي. ڊاڪٽر صاحب بلڪل صحيح محسوس ڪيو آهي. ملائشيا وارن انگريزيءَ بدران تعليم جي زبان ملئي ڪرڻ چاهي ٿي پر ٻن سالن بعد وري انگريزي ڪري ڇڏي جو هنن ڏٺو ته ائين ڪرڻ سان هو بين الاقوامي ٻوليءَ کان پري ٿي ويندا ۽ نقصان ۾ رهندا. تنهنڪري هنن وٽ اهوئي انگريزن وارو سسٽم هلندو اچي جيڪو اسان وٽ هو. يعني چار سال کن مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي ان بعد انگريزيءَ ۾. پر پڙهائڻ وارا استاد اهڙا ته سٺا رکيا وڃن ٿا ۽ اسڪولن ۾ ايڏو ته سخت ڊسپلين آهي ۽ ٻارن جي پڙهائي، هوم ورڪ ۽ امتحانن تي ايڏي ته نظر داري آهي جو هر مئٽرڪ پاس نه فقط ملئي مان واقف رهي ٿو پر انگريزي به فرفر (fluently) ڳالهائي سگھي ٿو. اسانجو ماڻهو جڏهن ڊاڪٽري يا انجنيئري جي نوڪري لاءِ انٽرويو ڏئي ٿو ته هو چڱي طرح انگريزيءَ ۾ گفتگو نه ڪري سگھڻ ڪري ناڪام ٿيو وڃي ۽ ان جي مقابلي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش ۽ انڊيا جا اميدوار ملائشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن.
ڊاڪٽر شاهمراد ملائشيا ۾ رهندڙ مختلف قومن جو فرق به سٺي طرح سمجهايو آهي ته هڪڙا ملئي مسلمان آهن جيڪي هن ڌرتيءَ جا رهاڪو آهن، اهي ڀوميپترا يعني Sons of Soil سڏجن ٿا ۽ ٻيا چيني ۽ انڊين آهن جيڪي انگريزن جي دور حڪومت ۾ ملائشيا ۾ آيا يا ڪجهه ته ان کان به اڳ هتي آيل هئا. ملائشيا کي هاڻ خودمختياري ملڻ تي جن هتي رهڻ پسند ڪيو انهن وٽ ملائشيا جو پاسپورٽ آهي ۽ اهي هتي جا شهري ”ملئشين“ سڏجن ٿا ۽ هنن کي ڪن ڳالهين ۾ ڀوميپترن کان گھٽ سهوليتون ملن ٿيون. انهن ماڻهن کان علاوه ملائشيا ۾ اهي ماڻهو به رهن ٿا جيڪي ايامن کان هتي آهن جيئن اسان وٽ باگڙي، ڀيل، مينگھواڙ وغيره آهن. اهي گھڻو ڪري شهر جي آبادين کان ڏور جهنگن ۾ رهن ٿا. اهي ملائشيا جا اصلي ماڻهو آهن ۽ ”اورانگ اصلي“ (Orang Asli) سڏجن ٿا. اورانگ اصلي ماڻهن کي ڀوميپترن (اورانگ ملايو) کان به وڌيڪ سهولتون ملن ٿيون. هئڻ به ائين کپي. اسان وٽ جڏهن اسين چئون ٿا ته اسين هن ڌرتي جا اصلي رهاڪو آهيون ته اسان هن ڌرتي جي اصلي ”اصلي رهاڪن“ باگڙي، ڀيلن، مينگھواڙ، اوڏن وغيره کي وساري ڇڏيون ٿا _ اهو ڪهڙو انصاف آهي.
ملائشيا جي هر شهر، ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون، ريسٽورنٽون، ڌاٻي وارا، گاڏي وارا نظر ايندا جتي کائڻ وارن جي پيهه پيهان رهي ٿي ان ڳالهه اسان جي ليکڪ کي به حيران ڪيو آهي ۽ مونکي سندس اها ڳالهه پڙهي کل آئي ته لڳي ٿو ته ”ملئي ماڻهو ڏينهن ۾ چار دفعا ماني کائين ٿا“. واقعي ملئي ماڻهو کائڻ جا وڏا شوقين آهن. ملائشيا ۾ رهندڙ باقي ٻه قومون انڊين ۽ چيني ايترو نٿا کائين جيترو ملئي مسلمان. مرد ته مرد پر عورتون به خوب کائين ٿيون ان ڪري ملئي عورتون ٻار ڄڻڻ کان اڳ ئي ٿلهيون ۽ ڦيڦيون ٿيو پون. هنن جو سڄو پئسو کاڌي تي خرچ ٿئي ٿو. ملائشيا جي اڳئين سفرنامي ۾، جنهن ۾ مون ملائشيا جي شادين مرادين جي رسمن جو تفصيلي احوال لکيو آهي ان لاءِ مونکي ڪنهن ملئي شاديءَ جا فوٽو ڏيڻا هئا سو ڇنڇر ڏينهن ملاڪا کان پورٽ ڊڪسن ۽ اتان سريمبان تائين پراڻو رستو وٺي ڳوٺن مان گذريس. ملائشيا جي ڳوٺن ۾ ملئي مسلمانن جي شادي ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ٿئي. آئون بنا دعوت جي ڏهه ٻارهن شادين ۾ هليو ويس ۽ گھوٽ ڪنوار سان فوٽو ڪڍرايم پر افسوس جو ڪابه ملئي ڪنوار اهڙي سهڻي ۽ سنهي نه لڳي جنهن کي ڏسي منهنجا پڙهندڙ چئي سگھن ته ملئي ماڻهو ڏاڍا سهڻا آهن. ٻاهر هوٽلن تي کائڻ جو اهو به سبب آهي ته ملائشيا ۾ کاڌي جو اگھه گھڻو ناهي ۽ ضروري ناهي ته توهان هروڀرو سنگل پليٽ يا ڊبل پليٽ وٺو. ۽ اهو به ضروري ناهي ته مڇيءَ جي پليٽ وٺو، يا ڀاڄيءَ جي يا مرغيءَ جي. ڪيترن ئي ريسٽورنٽن تي سڀني ديڳڙن جا ڍڪ کليل رهن ٿا. توهان پليٽ کڻي جنهن ٻوڙ مان جنهن شيءِ جو ذرو کپي اهو کڻي آخر ۾ ڪائونٽر تي اچو اهو کاڌي جو مقدار ۽ ورائٽي ڏسي توهان کان اڳ واٽ پئسا وٺي ٿو. ٻي ڳالهه ته ملائشيا ۾ کاڌي تي نظر رکڻ وارو حڪومت جو ”فوڊ ڊپارٽمينٽ“ ايڏو سخت آهي جو ڪنهن گاڏي تي رکيل کاڌي يا فائواسٽار هوٽل ۾ پاروٿي يا ملاوت واري کاڌي جو ڪو سوچي نٿو سگھي. هڪ ٻي ڳالهه ته ملائشيا ۾ سالن کان عورت توڙي مرد ٻئي نوڪري يا پورهيو ڪن ٿا ان ڪري هر ڪو ٻاهر کائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. ان هوندي به شاهمراد سچ ٿو چوي ته ملئي ماڻهو کائڻ جا شوقين آهن. چار پنج سال اڳ منهنجي ملاقات اسانجي ڳوٺ جي هڪ پي ايڇ ڊي ڪندڙ هڪ شاگرد سان ڪوالالمپور ۾ ٿي. هن کي به ملئي ماڻهن جي اها ڳالهه عجيب لڳي ۽ مون کي چيو ته ”سر! ڪمال آهي! ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ لنچ لاءِ ويندا آهيون ته جيستائين بئرو لنچ کڻي اچي، ملئي دوست ڊنر جو به پيا پروگرام ٺاهيندا ته رات جي ماني ڪٿي کائجي ۽ ڇا کائجي.“ وڌيڪ شاهمراد لکي ٿو ته کائڻ کان علاوه ملئي ماڻهن کي روح افزا ٽائيپ ڳاڙهو شربت پيئڻ جي ڏاڍي عادت آهي. پاڻيءَ بدران به اهو پيئندا. پوءِ ظاهر آهي ته ٿلها به ٿيندا، ته ڏند به خراب ٿيندن ته ڊائبٽيز جا به مريض ٿين ٿا. پر آئون ته اهو چوندس ته ان شربت کان به خطرناڪ اهي ڪولائون آهن جيڪي اسان وٽ به شهر شهر ۾ ته ڇا ڳوٺن ۾ به عام ٿينديون وڃن ۽ ننڍا توڙي وڏا وڃن شگر جا مريض ٿيندا.
ملائشيا هڪ امن امان وارو ملڪ آهي جتي جي ماڻهن کي ڪنهن هٿن سان وڙهندو ته ڇا پر وات سان جهيڙو ڪندي به ورلي ڏٺو هوندو. پر آئون ڊاڪٽر شاهمراد جي ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته ”ڪوالالمپور محفوظ شهر آهي پر احتياط ڪرڻ گھرجي. احيتاط ڪرڻ ئي يونيورسل نسخو آهي، هر پريشاني ۽ بيماري کان بچڻ جو.“ اها ڳالهه پرديس ويندڙ هر ماڻهوءَ کي ڳنڍ سان ٻڌڻ کپي. خاص ڪري پاسپورٽ ۽ پئسي جي معاملي ۾خبردار ٿيڻ کپي. اڳ ۾ ڌارئين جي پاسپورٽ جي چيڪنگ نه ٿيندي هئي پرهاڻ چيڪنگ ڪري، هر وقت پاڻ سان رکڻو پوي ٿو. بهتر اهو آهي ته گنجيءَ ۾ زپ وارو يا ٽِچ بٽڻ وارو کيسو ٺهرائي ڇڏجي. گھمڻ وقت پاسپورٽ ۽ پئسن جو وڏو حصو ان کيسي ۾ رکجي. باقي ڪجهه پئسا قميص يا پينٽ جي ٻاهرن کيسن ۾ رکجن جو اڄ ڪلهه ملائشيا جي وڏن شهرن ۾ ”جيب ڪترا“ ڦرندا نظر اچن ٿا. ان قسم جي ڏوهن جو احوال اخبارن ۾ به ايندو رهي ٿو. ڊاڪٽر شاهمراد هن سفرنامي ۾ لکيو آهي ته اهڙين ڦرين جو الزام، اخبارون اڪثر تامل انڊين تي هڻن ٿيون. ان ۾ ڪافي حد تائين صداقت آهي جو سالن کان ڪچي شراب پيئڻ، جوا کيڏڻ، نشي ۾ جڳهڙا ڪرڻ جي هنن ۾ Tendency آهي پر اڄ ڪلهه ان قسم جي ڏوهن جو عدد انڊونيشي ورڪرن ۽ آفريقا کان آيل شاگردن ۾ به وڌيل نظر اچي ٿو. ان ڪري بهتر ڊاڪٽر شاهمراد واري ڳالهه آهي ته هر حالت ۾ احتياط ڪجي. رات جو دير سان نه نڪرجي، ويران گھٽين ۾ نه گھمجي. اهڙن علائقن ۾ وڃڻ کان گريز ڪجي جتي تامل ۽ آفريقن جي گھڻائي هجي....وغيره وغيره.
ڊاڪٽر شاهمراد جون ڪي ڪي ُObservations بيحد کل جوڳيون ۽ حقيقت تي مبني آهن. لڳي ٿو ته هو هر شيءِ کي غور سان ڏسي ٿو. مثال طور هو بلڪل صحيح لکي ٿو ته صبح ساجهر ڪنهن پارڪ وٽان لنگھبو ته چيني ماڻهن سان پارڪ ڀريل نظر ايندو. ڄڻ ماڻهو چين ۾ هجي. هو مختلف قسم جون ورزشون ڪندي نظر ايندا جيئن هو سنها ۽ صحتمند رهن. وري جڏهن صبح جو ڪنهن هوٽل اڳيان لنگهه ته ايترا ته ملئي نظر ايندا جو پڪ ٿي ويندي ته ملائشيا ۾ ئي آهيون. هو روٽي چنائي(دال اڦراٽو) ۽ ناسي ليماڪ (ناريل جي کير ۾ رڌل ڀت) کائڻ ۾ مشغول هوندا.
شاهمراد اها ڳالهه به سٺي Observe ڪئي آهي ته ملئي ماڻهو ڪم ۾ سست ضرور آهن پر آفيس ۾ پورو ٽائيم وهڻ ۽ ڪم پورو ڪري اٿڻ جي عادت اٿن. ان ۾ آئون اهو به add ڪندس ته ملئي شاگرد ايڏا ذهين نه آهن پر کين ڪاپيءَ جي عادت ناهي. ان کان هو فيل ٿي ٻئي سال محنت ڪري پنهنجي مڙسيءَ سان پاس ٿيڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. ٻين سان گڏ ملئي آفيسر به آفيس ۾ وقت تي اچن ٿا. ۽ وقت پورو ٿيڻ تي گھر وڃن ٿا. شاهمراد پنهنجي ملڪ جا سور روئندي لکي ٿو ته اسان وٽ ته نه صاحب ملندو نه صحي ڪندو. پر جي صاحب هوندو ته پٽيوالو سولو ملڻ ڪونه ڏيندو. بس ماڻهو پيو پنهنجي جائز ڪم لاءِ جتيون گسائي پر هتي ملائشيا ۾ ائين ڪونه آهي. نه پٽيوالو ٿئي ۽ نه وري ڪو اسٽاف سان ڊئريڪٽ سڃاڻپ جي ضرورت پوي. اجائي ٽال مٽول به ڪونه ڪن. ڪاغذ پورا آهن ته جلد کان جلد ڪم ٿيو وڃي. باقي جي نه آهن ته پوءِ هو صاف ٻڌائيندا ته هتان ڪم ٿيڻ مشڪل آهي. هو آسرا ڏئي هر گز نه رلائيندا.
ملائشيا ۾ ڪجهه ملڪن جا پناهگير ضرور رهن ٿا جيئن ته برما، ڪمبوڊيا، شام، افغانستان جا ۽ وڏن شهرن ۾ آفريقا جا شيدي به رهن ٿا ۽ ملائشيا وارا دنيا کي اهو ئي ڏيک ڏين ٿا ته هي ڌارين کي رهائي وڏي قرباني پيا ڏين پر ڊاڪٽر شاهمراد صحيح لکيو آهي ته هو اسان وانگر هر ايري غيري کي نٿا رهائين. اسان وٽ ته ڄڻ بارڊر کليا پيا آهن ۽ برمي بهاري، افغاني، بنگالي پناهگيرن سان ملڪ ڀرجي ويو آهي. ملائشيا ۾ جيڪي ٻاهريان ماڻهو رکيا ويا آهن اهي سڀ عارضي طور ۽ رجسٽرڊ پناهگير آهن يعني اهي يونائيٽيڊ نئشنس طرفان موڪليل آهن ۽ اها هر هڪ لاءِ، ملائشيا کي وڏو پئسو ڏئي ٿي. ۽ ٻيو ته آفريقا جا جيڪي نظر اچن ٿا اهي سڀ وڏا امير آهن جيڪي ملائيشيا ۾ گھمڻ يا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ انهن مان به ملائشيا کي وڏي ڪمائي ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر شاهمراد جيڪو پنهنجي فيلڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو سٺو ٽيچر آهي ۽ هڪ سٺو اديب پڻ آهي. سندس اعليٰ تعليم ۽ ٻاهر جي معلومات بابت اخبارن ۾ ڪالم به ايندا رهن ٿا ۽ انهن بابت هڪ اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب ”اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا“ به ڇپجي چڪو آهي. هن ۾ ملائشيا بابت سندس چئن سالن جو نچوڙ آهي جيڪي هن تعليم خاطر اتي گذاريا. سندس هي نئون ڪتاب _ ملائيشيا جو سفرنامو به نه فقط معلومات سان ڀرپور آهي پر هڪ مسافر لاءِ گائيڊ بُڪ پڻ آهي.
الطاف شيخ
ڪراچي
25 اپريل 2019