ملائشيا جا ڪهڙا شهر گھمڻ گھرجن
ان کان علاوه هن رياست جي هن شهر ۾ هڪ خوبصورت هل اسپاٽ به آهي ته وري خوبصورت سامونڊي بيچ به، جتي به انجواءِ ڪري سگھجي ٿو، سو ٻن 10 کان 14 ڏينهن جي ٽوئر ۾ منهنجي خيال ۾ هي شهر گھمڻ کپن جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان، جن ۾ سڀ کان پهرين ڪولالمپور، پترا جيا، شاه عالم، گينٽنگ هاءِ لينڊس، ڪيمرون هاءِ لينڊس، ملاڪا، لنڪاوي ۽ پنانگ اچي وڃن ٿا. انهن شهرن کي پنهنجي ٽائيم مئنجمينٽ سان 10 کان 14 ڏينهن ۾ گھمي سگھجي ٿو. پر جي ملائشيا کان سينگاپور جو به ٽِرپ آهي ته ويندي ويندي هڪ ڏينهن ۽ رات ملائشيا جو سينگاپور سان لڳندڙ سرحدي شهر، رياست جي گاديءَ جي هنڌ جوهر بارو کي به گھمي سگھجي ٿو. هونءَ ته سڄي ملائشيا، سرسبز ۽ ساون وڻن سان ڍڪيل هجڻ ڪري نهايت ئي خوبصورت آهي، جنهنڪري سموري ملائشيا گھمڻ جهڙي آهي، جي ڪو هتي مهيني جي ويزا تي آهي يا وري پڙهڻ ۽ بزنس جي حوالي سان آيو آهي، ته پوءِ وقت به وقت هتان جي سمورين رياستن جا گاديءَ جا هنڌ يا وري گھمڻ جهڙيون جڳهون گھمي سگھي ٿو. جن بابت هتي رهڻ سان با آساني هڪ مهيني ۾ ئي سموري خبر پئجي وڃي ٿي، ته ڪهڙي رياست ۾ ڪيئن وڃجي ۽ اتي ڪهڙيون گھمڻ جهڙيون جڳهون آهن. بهرحال آءٌ وري به هتي ذڪر ڪندس الطاف شيخ جي سفرنامن جو، جن ۾ ڪيلانتن ۽ ترنگانو رياستن جي شهرن گھمڻ لاءِ صلاحيو ويو آهي، جيڪي رياستون هن ملڪ جون ملئي آبادي جي گھڻائي هجڻ ۽ وڌيڪ مذهبي ۽ ڪلچرل هجڻ ڪري مشهور آهن. الطاف شيخ مطابق مخصوص ملئي ماڻهو هن ٻن رياستن ۾ ئي ملي سگھندا، جن جي ٻولي، لهجو ۽ ڪلچر باقي ملائشيا کان ڪجهه مختلف به آهي. ان کان علاوه ڪولالمپور ۽ ملاڪا جي وچ ۾ رياست سمبيلان جي شهر پورٽ ڊڪسن ۾ به هڪ ڏينهن شهر جي سمنڊ ڪناري به گذاري سگھجي ٿو. ان کان علاوه ڪيداه رياست جي الوراسٽار شهر ۾ به هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات گذاري سگهجي ٿي. مطلب ته ڪولالمپور کان ڏکڻ طرف سرمبان، ملاڪا، ۽ جوهر به گھمي سگھجي ٿو ته ڪولالمپور سان ڳنڍيل سلينگور رياست جي گاديءَ واري شهر شاه عالم کي به گھمي سگھجي ٿو. انهن رياستن يعني ڪولالمپور۽ پتراجايا، جي ڏاکڻي طرف وارين رياستن سلينگور جي شاه عالم، نگري سمبيلان جي پورٽ ڊڪسن، ملاڪا، جوهر جي جارج ٽائون کان علاوه ڪولالمپور جي اتر طرف وارين رياستن جن ۾ پهانگ جي ڪئانتن شهر ۽ پيراق جي ڪيمرون ها۽ لينڊ ۽ گينٽنگ هاءِ لينڊ، ڪيلانتن جي ڪوٽابارو ۽ ترنگانو رياست جي ڪولاترنگانو، ڪيداه رياست جي الور اسٽار۽ لنڪاوي، پرلس رياست جي ڪولاپرلس ۽ ڪولا ڪنگار جهڙا شهر به گھمڻ وٽان آهن. پر ان کان علاوه ملائشيا جي اوڀر واري حصي جيڪو ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪنهن دؤر ۾ بنگلاديش هو، جيڪو اوڀر پاڪستان سڏبو هو. هتي وري ملائشيا جون ٻه رياستون آهن صبا ۽ سراواڪ، جيڪي اوڀر ملائشيا سڏجن ٿا، جيڪي باقي ملائشيا سان سمنڊ ذريعي ڳنڍيل آهن، انهن رياستن کي به گُهمي سگھجي ٿو، پر جي ڪنهن وٽ ايترو ٽائيم آهي يا اوڏانهن وڃڻ جو ڪو بهانو، جيئن ملائشيا جي حڪومت انهن ٻن رياستن ۾ ڪانفرنس ۽ مختلف پروگرام منعقد ڪري موقعا ڏيئي رهي آهي، ته باقي ملڪ جيان ان خطي جي به دنيا ۾ اهميت ٿي پر انهن ٻن رياستن جي ويزا ڊائريڪٽ پاسپورٽ ۾ نه هجي ٿي پر جي ڪو ماڻهو اولهه ملائشيا ۾ آيو آهي گھمي ڦري اوڀر ملائشيا جي رياستن، صبا ۽ سراواڪ به وڃڻ چاهي ٿو، ته ان کي سندس پاسپورٽ تي ويزا ايئرپورٽ تي ئي لڳائي ڏنو وڃي ٿو، ان لاءِ ڪنهن سفارتخاني وڃڻ جي ضرورت نه ٿي پئي. بهرحال سڄو ملڪ اولهه ۽ اوڀر رياستن سميت گھمڻ لاءِ مهينو کپي ۽ چڱا خاصا پيسا به کپن سو جيڪڏهن ڪنهن وٽ ايڏي بجيٽ، ٽائيم ۽ شوق آهي، ته ڀلي گھمي، پر منهنجو خيال آهي ته ماڻهو جڏهن ملائشيا اچي ته سينگارپور جي ويزا به لڳرائي اچي ۽ بجاءِ اوڀر ملائشيا گھمڻ جي، سنگاپور گھمڻ وڃي، جو هيءُ ملڪ، هن خطي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو سڀ کان خوشحال، امن وارو ملڪ آهي. بلڪه ايشيا جي جپان، سائوٿ ڪوريا ۽ چين کان ترقي ۾ ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه آهي ۽ ننڍو ملڪ هجڻ ڪري ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ سڄو سنگاپور گھمي سگھجي ٿو. سو پاڻ ملائشيا جو سفر جاري رکندي وري ورجايان ٿو ته ملائشيا گھمڻ اچڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ته ٻه پورا ڏينهن هجن جو ڪولالمپور ۽ پتراجايا جا ڪجهه حصا گھمي سگھجن، نه ته ڪولالمپور لاءِ چار ڏينهن گينٽنگ هاءِ لينڊ سميت گھرجن، پر جي ان ۾ ڪيمرون هاءِ لينڊ ۽ لنڪاوي گڏائجي ٿو، ته پوءِ چار کان پنج ڏينهن ٻيا به هجن، جيڪڏهن پنانگ گهمڻو آهي، ته وري ٻه ڏينهن ٻيا به کپن. پر جي پنانگ يا وري ڪيمرون هاءِ لينڊ نه گهمجي ته پوءِ اهي ڏينهن ملاڪا لاءِ ڪتب آڻي سگھجن ٿا. وڌيڪ گھمڻ ملائشيا ۾ رهڻ وارن کي سونهي ٿو، جيڪي وقت به وقت ڪڏهن ڪهڙي، ڪڏهن ڪهڙي رياست يا سندس شهرن ۾ چڪر ڏيندا رهن ۽ سمورو ملڪ گھمي وٺن پر مون ڏٺو آهي ته سواءِ ڪنهن ڪم جي ڪا ڪانفرنس يا وري ڪو ورڪشاپ اٽينڊ ڪرڻ جي هتي سال کان پنج سال تائين رهندڙ به سنگاپور، ٿائلينڊ وڃي گھمي ته اچن ٿا پر اوڀر ملائشيا ڪونه وڃن ٿا.
مٿين سمورن گھمڻ لائق ذڪر ڪيل شهرن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
(1) ڪولالمپور (ضرور گھمڻ گھرجي)
(2) پتراجايا
(3) شاه عالم
(4) گينٽنگ هاءِ لينڊس
(5) ملاڪا (ضرور گھمڻ گھرجي)
(6) سرمبان ۽ پورٽ ڊڪسن
(7) جوهروبارو
(8) ڪيمرون هاءِ لينڊس
(9) لنڪاوي (ضرور گھمڻ گھرجي)
(10) جارج ٽائون، پنانگ هل، باتو فرنگي بيچ پنانگ
(11) الور اسٽار
(12) ڪولاپرلس
(13) ڪولاڪنگسار
(14) ڪئانتن
(15) ڪولا ترنگانو
(16) ڪوٽابارو