سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

چانهه جي پوک سان سينگاريل ڪيمرون هاءِ لينڊس

ڪيمرون، ملائشيا جي سڀ کان وڌيڪ سرسبز پهاڙي آهي ۽ سڄي چانهه جي پوک، سبزين ۽ فروٽن سان سينگاريل آهي. ڪولالمپور کان تقريباَ 200 کان 300 ڪلوميٽر پري آهي. هتي مختلف رستن سان وڃي سگھجي ٿو، جنهنڪري مختلف رستن جي حساب سان مفاصلو مختلف آهي، پر سڀ کان بهتر رستو پيراق رياست جي شهر اپوه کان آهي، جيتوڻيڪ اپوه شهر، ڪولالمپر کان 205 ڪلوميٽر پري آهي ۽ اپوه کان ڪيمرون تقريباَ 80 کان 90 ڪلو ميٽر آهي. ان رستي جي ڀيٽ ۾ وري ٻيو روٽ جيڪو سڌو ڪيمرون ڏانهن وڃي ٿو، اهو 250 ڪلوميٽر آهي. جيڪو هاءِ وي کان نڪري تپاه ٽائون کان وڃي ٿو، جنهن رستي تي وچ ۾ روڊ سان ئي واٽر فال اچي ٿو، جتي تقريباَ ٽوئرسٽ اسٽاپ ڪن ٿا. هتي ڪافي ريسٽورنٽ ۽ گفٽ شاپ به آهن. عام طور تي ملائشيا ۾ رستا بهتر هجڻ ڪري 200 يا 300 ڪلوميٽر 2 کان 3 ڪلاڪن جو پنڌ هجن ٿا، پر هي روٽ جيئن ته پهاڙي علائقي جو آهي ان ڪري 4 کان پنج ڪلاڪ به لڳي وڃن ٿا. هي روڊ نه اڀي چاڙهي جيئن آهي نه وري صفا گول آهي، پر آخر ۾ جيئن ڪيمرون جي ويجهو وڃجي ٿو ته رستو گول سرڪل جيان ٿيندو وڃي ٿو، ڄڻ پهاڙ جي چوٽي تي چڙهڻ لاءِ ان جي چوڌاري چڪر کائي آهستي آهستي مٿي چڙهجي ٿو ۽ گاڏي جي رفتا 40 کان مٿي ڪونه ڪجي ٿي، ائين هي پنڌ پورو ٿيندي ٿيندي ماڻهو ٿڪجيو پوي ٿو، پر رستي ۾ قدرتي نظارا آهن يا ڪجهه اسٽاپ جتي ماڻهو بيهي تازو توانو ٿي وري اڳتي سفر جاري رکي ٿو. اسان هن رستي تي وياسين ته ٻئي رستي ڏانهن پر واپسي اپوه واري روڊ ڏانهن ٿي، جيڪو پهرين رستي کان ڪافي بهتر هو. اسان گوگل ميپ تي پئي هلياسين جنهن ۾ ويندي پراڻو روٽ آيو ۽ واپسي ۾ وري نئون ٺهيل هاءِ وي جيڪو اپوه کان ٿيندو آيو. هونءَ ته ٽوئرسٽ بسون به هلن ٿيون پر منهنجو وڃڻ يونيورسٽيءَ جي دوستن سان ٿيو. جيئن ته يونيورسٽي ۾ اسان جي پاڪستاني شاگردن جي ايسوسئيشن آهي، جنهن تحت پروگرام ٺهيو ته ڪيمرون گهمجي، ٽوٽل 9 ڄڻا تيار ٿيا گھمڻ لاءِ پر آخر ۾ 8 ڄڻا گھمڻ وياسين، ڪار رينٽ تي کنئي، جيڪا هڪ ڏينهن لاءِ 150 رنگٽ ۾ ملي، ۽ وڌيڪ 120 رنگٽ جو گاڏي ۾ تيل پيو. وڃڻ مهل حميز شيخ ڊرائيو ڪئي ۽ واپسي ۾ سيد احمد علي، ٽوٽل دوستن مان ٻه ڪراچي جا اماد الدين ۽ فضيل، ٻه روهڙي جا حميم ۽ هميز شيخ ٻئي ڀائر، مان واره شهر جو ۽ هڪ لوئر دير جو احتشام ۽ .... ۽ هڪ لاهور جو سيد احمد علي ۽ هڪ فيصل آباد جو محمد اسلم شامل هياسين. رستي ۾ واٽر فال تي اسٽاپ ڪيو جتي ڦوٽو گرافي ڪري اڳتي وياسين، ٻيو اسٽاپ ڪيمرون پهچڻ کان ٿورو اڳ ۾ ڪيو جتي هڪ ڍنڍ هئي پهاڙن جي وچ ۾. ائين گھمندي ڪيمرون پهتاسين سڀ کان پهرين ماکي فارم ۽ اسٽرابيري فارم گھميو ڦوٽو ڪڍيا ، ماکي ۽ اسٽرابيري ورتي ۽ اتي لڳل واٽر شاور جنهن جو تلاءُ دل جهڙو ٺهيل هو، ان سان سڀني تصويرون ڪڍرايون پوِءِ سڌو بوهه چانهه جي فيڪٽري ڏانهن وياسين هي ڪيمورن هاءِ لينڊيس جي شهر تانا رٽا کان 20 منٽن کان اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو تي آهي ۽ سڄي جبل تي چانهه ئي چانهه آهي، هي چانهه جي فيڪٽري هتي انگريز دؤر کان قائم آهي، جنهن جو بنياد 1932ع ۾ وڌو ويو، اسان کي پهچڻو به جيئن ته ان پوائنٽ تي هو، سو اتي پهچي گاڏي پارڪ ڪري بوهه چانهه فيڪٽري گهمي ڏٺي، چانهه جي پتي ٺهندي ڏٺي، اتي چانهه پيتي پوءِ بوهه ٽي وزٽ پوائنٽ، جيڪا پهاڙي تي هئي، فيڪٽري جي ڀرسان ئي هئي، ان تي چڙهي پوري ڪيمرون هاءِ: لينڊس جو نطارو ڏٺوسين ڇا ته ساوڪ هئي، نظر کٽي وڃي پر پاڻي نه کٽي، منڇر ڍنڍ بابت پڙهيو هوپر هتي ائين پئي لڳو ڄڻ نظر کٽي وڃي پر چانهه جو فصل نه کٽي، سا به بلڪل ترتيب سان، پورِي ماحول ۾ چانهه جي سڳنڌ هئي، مون پهريو دفعو چانهه جي پوک جي تازي تازي خوشبوءِ محسوس ڪئي، ايتري تيز ۽ وڻندڙ خوشبو جو مزو اچي ويو، هلڪي ٿڌ ۽ ڦڙي ڦڙي پئي هلي، اکين جي ڄڻ روشني وڌي ويئي، من هلڪو ٿي پيو، پي ايڇ ڊي جو ٽينشن ڄڻ قدرتي طرح غائب ٿي ويو هو. مون اهڙا نظارا فقط ٽيليويزن جي پروگرامن يا فلمن ۾ ڏٺا هئا پر سامهون ايڏو خوبصورت چانهه جي فصل سان ڀريل پهاڙ مون پهريون دفعو ڏٺا سچ پچ ته قدرتي خوبصورتيءَ هڪ شاهڪار آهي.
بوهه ٽي پوائنٽ تي ڪيترا ئي ٻيا گروپ به هئا جيڪي گھمي رهيا هئا، مٿي چڙهڻ لاءِ رستو آسان ته هو پر بزرگ ماڻهن ۽ ٻارن لاءِ هر گر نه، پر پوءِ به ڪيترا ئي چيني بزرگ ۽ ملئي پنهنجي ٻارن سميت مٿي نظر آيا. هڪ ڪاليج جي ڇوڪرين جو گروپ به هو جن هميم شيخ کي سڏ ڪري ان کان گروپ ڦوٽو ڪڍرايا ته وري حميم سان ڦوٽو ڪڍڻ لاءِ به اسان جي گروپ جي ڪجهه دوستن کين چيو، جنهن تي حميم کي پاڻ سان گڏ ويهاري ڦوٽو ڪڍرايائون ته وري سڀني چيو حميز کي به گروپ ڦوٽو ۾ شامل ڪيو، هي هن جو ڀاءُ آهي ته چيائون ويلڪم ائين هو به کلي پيون ۽ اسان جي گروپ وارا به پر حميم ۽ هميز ٻئي شرمائيندا رهيا، مون هن حسين قدرتي نظارن مان خوب سڪون پئي ورتو ته اسان مان هڪ رڙ ڪري چيو هاڻي ماني کارايو ان وقت 3.00 ٿيڻ وارا هيا. سڀني چيو ماني پاڪستاني هوٽل تي کائينداسين جتي سٺي برياني ۽ نان ملن يا وري انڊين هوٽل، سرچ ڪرڻ سان انڊين هوٽل ملي ته پاڪستان کاڌن واري به پر جئين ته پاڪستاني هوٽل ڪافي پري پئي لڳي، تنهڪري انڊين ڪَرِي هائوس تي 4 بجي پهتاسين. هي انڊين ڪري هائوس تانا رٽا ٽائون ۾ هو جيڪو بوهه ٽي فارم کان 20 منٽن کان 30 منٽن جي پنڌ تي آهي، هوٽل تي ماني ته واقعي اسان جي دل وٽان هئي پر مهانگي به ڏاڍي هئي، برياني پليٽ 16 رنگٽ جي ۽ دال ڀاڃي به 16 رنگٽ جي، هڪ نان 4 رنگٽ ۾. پوءِ اسان سڀني برياني ۽ ڪجهه ڀاڄيون گھرايون پر هوٽل ۾ سروس ڪندڙ بيرا ٿورا ٽيڙا هئا، هڪ نان جيڪو بلڪل سڙيل هيو واپس ڪرڻ کان انڪار ڪيائون، بلڪ ضد ڪيائون ته نان تندور ۾ ائين ئي پچندا آهن، اسان مان هڪ چئين ته يار ٻيا نان کائي وياسين هي ٻه نان ڇو نه ٿا کائون، جو هي سڙيل آهن، پر نه مڃايائون ۽ آخر ٻيا نان گھرايا پر سڙيل نان واپس کڻڻ لاءِ تيار نه هئا، نيٺ هوٽل جي دخل تي ويٺل همراه آيو جنهن نان واپسي کنيو پر مون کي لڳو ڄڻ بل ۾ لڳايو اٿن. ائين اسان هن ٽائون ۾ لڳل ڪيمرون هائلينڊس جي لکيل نالي سان تصويرون ڪڍي وري ان ئي شهر ۾ بٽر فلائي فارم گهميوسين، اتي موجود شاپنگ پلازا ڪيمرون ٽائيم اسڪوائر گهميوسين. مغرب جي نماز پڙهي 7.15 تي واپسي لاءِ نڪتاسين، تقريباَ بغير اسٽاپ ڪرڻ جي ڪولالمپور رات جو 11.15 بجي پهتاسين. دوست مونکي گھر ڊراپ ڪري، يونيورسٽي ڏانهن ويا جتي انهن کي 12 کان پهرين گاڏي واپس ڪرڻي هئي. ڪيمرون مان واپسي اچي اهو اندازو ٿي ويو ته هي سفر هڪ ڏينهن جو بلڪل به نه آهي، ماڻهو هڪ ڏينهن وڃي گھمي ۽ رات ڪيمرون ۾ ڪنهن هوٽل ۾ رهي ۽ صبح جو واپسي ڪري ته بهتر ٿيندو.