ٻه اکر
شاهمراد درحقيقت مون ناچيز کي هن ڪتاب جو مڪمل مسودو موڪليو ۽ چيو ته ڪتاب تي ٻه اکر لکجانءِ . هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿيو ته ڪتاب نه صرف ملائشيا گھمڻ بابت معلومات سان ڀريل آهي پر هن ڪتاب ۾ ملائشيا جي تاريخ، ڪلچر، ثقافت ۽ سياست سان گڏوگڏ ملائشيا جي تعليمي ادارن بابت به رهنمائي شامل آهي. جنهنڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته هي سفرنامو نه صرف سنڌ جي سياحن لاءِ ملائشيا گھمڻ ۾ مددگار ٿيندو پر سنڌ جي نوجوانن لاءِ ملائشيا جي تعليمي ادارن بابت به ڀرپور رهنمائي ڏيئي ٿو، منهنجي خيال ۾ هي سفرنامو ملائشيا بابت هڪ مڪمل معلوماتي، ۽ تعليمي سفرنامو آهي.
شاهمراد نه صرف پنهنجي طبعيت ۾ نفيس آهي، پر دوستن جي لاءِ هميشه ڀرجهلو ٿي رهيو آهي ۽ مختلف وقتن تي اهڙا به مرحلا آيا جو هن تمام ڏکين حالتن ۾ به پنهنجي دوستن جي مدد ڪئين جيڪا نه صرف اخلاقي هئي پر مالي به هئي، ايتري ويجهڙائپ سان وقت گذارڻ سبب اسان سڀئي هڪٻئي جي مالي توڙي گهريلو حالتن کان به بخوبي واقف هئاسين پر شاهمراد ڪڏهن به پنهنجي حالتن کي پنهنجي صلاحيتن تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو ۽ وڏي حوصلي ۽ همٿ سان معاشري جي روش جو مقابلو ڪندو رهيو، جنهن جو مثال مون کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي زندگي ۾ ڪٿي به نظر نه نٿو اچي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي سندس ڪتاب ”اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا“ ڏٺو ته سچ پڇيو ته ڏاڍي خوشي ٿي، کيس فون ڪئي ته شاهمراد کلي رهيو هيو ۽ چوڻ لڳو ته ’’ڏس چاچي سومر جا پٽ! مون ڪتاب لکي ورتو نه، هاڻي ٻڌاءِ پاڻ وڏا ٿي ويا آهيون يا نه ؟‘‘ هتي مان ٻن ڳالهين جي وضاحت ڪندو هلان ته منهنجي والد صاحب جو نالو محمد سومر منگي آهي، ان ڪري شاهمراد مون کي چاچي سومر جا پٽ ڪري مخاطب ٿيندو آهي. ٻئي وضاحت اها ته شاهمراد ۽ مان قد ۽ شخصيت جي لحاظ کان ٻين جي مقابلي ۾ ٿورا ننڍڙا ئي لڳندا آهيون ۽ جڏهن مان انفارميشن آفيسر ٿيس ۽ شاهمراد يونيورسٽي ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو ته پاڻ کي ماڻهو اڃان تائين شاگرد وانگر ڏسندا هئا ۽ اسان ٻئي انهي محرومي ۾ هئاسين ته يار جتي وڃون ٿا ماڻهو اسان کي آفيسر ۽ استاد ئي نٿا سمجهن بلڪه اڃان تائين شاگرد ٿا سمجهن. ان ڪري ان وقت شاهمراد مون کي چيو ته ’’ڏس پاڻ وڏا ٿي ويا آهيون نه. ‘‘
اڄ جڏهن شاهمراد پرڏيهه مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ماڻي نه صرف پنهنجي نوڪري ڪري رهيو آهي پر گڏوگڏ هن ادب جي دنيا ۾ پڻ پير پاتو آهي ته سندس اِهو عمل نه رڳو مون جهڙن دوستن لاءِ پر ساڻس تعلق رکندڙ هر فرد جي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته شاهمراد اڪيلي سر جيڪو سفر جن ڏکيائين ۽ جدوجهد وارن مرحلن ۾ ڪٽيو آهي، اهو سندس بلند حوصلي جو ثبوت آهي.
هاڻي جڏهن سندس جو هي ٻيو ڪتاب ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ شايع ٿي رهيو آهي ته منهنجو يقين اڃان به پختو ٿئي ويو ته شاهمراد هاڻي پنهنجي اصل مقصد کي عملي جامو پهرائڻ جي لاءِ ميدان ۾ مڪمل طور تي لهي آيو آهي ۽ اسان دعاگو آهيون پنهنجي هن پياري ڀاءُ جي ڪاميابي جي لاءِ ۽ يقين سان چوان ٿو ته هي ادب جي دنيا ۾ به پنهنجي منزل ماڻيندو.
ظفر منگي
ڪڪڙ