سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

سرمبان ۾ لطيف ڀائي جي چانهه

سرمبان، ملائشيا جي رياست (نگري سمبيلان) جو گاديءَ وارو شهر آهي، منهنجو سرمبان وڃڻ اتفاق سان ٿيو، ٿيو هيئن جو اسان جو دوست گلشير لغاري جو ملائشيا گھمڻ آيو، ته دوست يعقوب ڪونڌر، مان ۽ سائين عمران ڪرائي تي ڪار کنئي ۽ کيس ملاڪا گھمائڻ وياسين. واپسيءَ ۾ رستي تي ٻئي هنڌ ڪٿي چانهن پيئڻ بدران سرمبان ۾ لطيف ڀائي جي هوٽل تي اسٽاپ ڪرڻ جو سوچيوسين، ته جيئن اتي لطيف ڀائي سان ملاقات به ٿي ويندي ۽ چانهن به سٺي پياريندو. حالانڪه هاءِ وي ڇڏي اندر شهر سرمبان ۾ وڃڻ معنيٰ هڪ ٽول وڌيڪ ڀرڻ، وري ٽائيم الڳ پر يعقوب چيو لطيف ڀائي جو ديدار ڪبو، ائين سرمبان شهر ۾ اندر وڃڻ ٿيو. شهر جي مين اسپتال جي سامهون وڏي شاپنگ پلازا هئي، جنهن جي پويان لطيف ڀائي جو ريسٽورنٽ هو. لطيف ڀائي جو پاڪستان جي صوبي پنجاب سان تعلق آهي، هتي روزگار خاطر ڏهاڪو سالن کان رهائش پذير آهي، اسان جي واقفيت ساڻس انڪري ٿي جو پهرين کيس بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي اندر ڪينٽين هئي، جيئن ته پاڪستاني کاڌن جو هڪڙو هي ئي ڪينٽين وارو هو، جنهنڪري سڀ پاڪستان هن وٽ ماني کائيندا هئا، بلڪه عيد يا ڪي ٻئي پروگرام تي هن کان ئي آرڊر تي ماني يا برياني تيار ڪرائيندا هئا، پر پوءِ ڪجهه بنگالي شاگردن جي شڪايت جي ڪري کائنس ڪينٽين خالي ڪرائي ويئي. ٿيو ائين جو بنگالي شاگردن جو هڪ گروپ وٽس ناشتو ڪيو، انهن ڪجهه ماڻهن جو پيٽ خراب ٿي پيو، انهن ڊائريڪٽ وڃي فوڊ منسٽري ۾ شڪايت ڪئي ۽ اتان انسپيڪشن ٽيم اچي معائنو ڪري سندس ڪينٽين جو ٺيڪو رد ڪرايو. حالانڪ بنگالي شاگرد يونيورسٽي اندر موجود فوڊ ۽ سروس سينٽر ۾ به ڪمپلين ڪري پئي سگھيا، پر هنن همراهن ڪو ڪم پڪو پئي ڪيو ته جيئن هي ڪينٽين بند ٿئي، لطيف ڀائي جو چوڻ آهي ته هن هڪ افغاني ڪينٽين واري کان مدد ورتي هئي گھڻي رش هجڻ ڪري، شايد ان کاڌي ۾ ڪجهه ملايو يا وري بنگالين پلاننگ سان ڪم ڪيو ۽ هاڻي ساڳي ڪينٽين اڌ حصو بنگالين کي مليو آهي، ۽ اڌ حصي ۾ ان ساڳئي افغاني ڪينٽين کولي آهي. لطيف ڀائي ٻڌايو ته اپيل ته ڪئي آهي، پر چئي پيو ته سرمبان ۾ به هوٽل سٺو پيو هلي. جيڪڏهن يونيورسٽي ۾ ڪينٽين ملي ته توهان دوستن جي محبت ۾ هلائيندس نه ته خير آهي. لطيف ڀائي جي شايد سڀ وڌيڪ عزت ان ڪري به ڪندا هئا جو هو عيد تي سڀني شاگردن جي دعوت ڪندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن مفت ۾ به ڪجهه نه ڪجهه ٺاهي کارائيندو هو، ويندي هاڻي سرمبان مان پنهنجي گاڏي تي جيڪو آرڊر ڏجيس ته اهوبه پهچائي وڃي ٿو. جيئن ته يونيورسٽي شاگرد يونين جو صدر پاڪستاني آهي ان ڪري، ڪا ٽوئر وغيره هجي ٿي يا ڪو ٻيو آفيشل پروگرام ته لطيف ڀائي کي فون ڪجي ته واڌو پيسا صرف گاڏي جي تيل جا وٺندو ۽ پنهنجي فيملي سميت اچي پروگرام ۾ پهچندو، ماني گڏجي کائيندو، پروگرام به انجواءِ ڪندو ته سڀني کي کاڌو به ڪڍي ڏيندو. شايد سندس ورتاءُ اهڙو ڀلو آهي جو سڀ ديوانا. خير لطيف ڀائي سرمبان ۾ اسان کي نه فقط چانهن پيئاري پر ناسي گورينگ (فرائيڊ چانور) به تيار ڪري ورتا ۽ زور ڀري اهي کارايا. ائين سرمبان شهر ڏٺو، جيڪو ڪنهن به طرح ڪولالمپور کان ننڍو يا ننڍين عمارتن وارو نه پئي لڳو. وڏين وڏين عمارتن ۽ ڪشادن رستن وارو روشنين سان چمڪندڙ سرمبان شهر.