سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ڪولالمپور ڄڻ ايشيا جي گادي جو هنڌ هجي

ڪولالمپور ملائشيا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. هن شهر جي آبادي تقريباَ 17 کان 18 لک جي لڳ ڀڳ آهي. هن شهر جي سائز 243 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. تقريباَ هر ٻاهران ايندڙ مسافر کي سڀ کان پهرين ڪولالمپور گھمڻ جو موقعو ملي ٿو، جو ملائشيا جو بين الاقوامي هوائي اڏو هن شهر ۾ آهي. ڪولالمپور گھمڻ وٽان شهر آهي. هي مضمون لکڻ وقت ڪولالمپور ۾ مون کي تقريباَ ٽي سال گذري ويا آهن، پر باوجود ان جي، اڄ به ساڳين ساڳين علائقن ۽ جڳهن تي گھمي هر دفعي نواڻ محسوس ٿيندي آهي. ان جو سبب شهر جا سمورا مرڪزي علائقا، شاپنگ مال يا اهم چونڪ ۽ عمارتون، هميشه سال جي مختلف ڏينهن ۾ ايندڙ مذهبي يا قومي ڏڻن جي نسبت سان سينگاريا ويندا آهن. شايد ئي دنيا ۾ ڪو اهڙو شهر هجي، جتي مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو نه صرف سکيا ستابا، امن پسند ۽ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ وارا هجن پر پنهنجي پنهنجي مذهب جون ريتون رسمون ۽ عبادتون ڪرڻ لاءِ به کين بنا روڪ ٽوڪ ۽ فرق جي، لاتعداد عبادت گاهون ميسر ڪري ڏنيون ويون هجن. ويندي مختلف مذهبي ۽ ثقافتي موقعن لاءِ سرڪاري سطح تي پذيرائي ڏيڻ جو رواج ته آهي پر خانگي جڳهن يا آفيسن ۾ به اهڙن ڏينهن تي واڌاين ۽ مبارڪن جي پيغام ظاهر ڪرڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، جنهنڪري اهڙو نماءُ هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ڪولالمپور ۾ ملائشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو ته ملندا پر پوري ايشيا مان به شايد ئي ڪو ملڪ هجي، جنهن جا ماڻهو ڪولالمپور ۾ رهائش پذير نه هجن، جيڪو سلوگن (نعرو) ملائشيا ٽوئرزم شعبو اڪثر استعمال ڪندو آهي، ته ملائشيا ٽريولي (سچي پچي) ايشيا، بلڪل ان جي پور پوري جهلڪ ڪولالمپور ۾ پسي سگھجي ٿي، جتي ايشيا جي هر ملڪ جا ماڻهو نظر ايندا. مون کي ته ائين لڳي ٿو ته جي لنڊن پوري دنيا جي ماڻهن جو شهر آهي ته ڪولالمپور پڪ سان پوري ايشيا جي ماڻهن جو شهر آهي.
آءٌ ڪولالمپور ۾ پهريون دفعو جڏهن 14 سيپٽمبر 2014ع ۾ چائنا جي گانزو شهر مان چائنا سائودرن ايئر لائين جي ذريعي ڪولالمپور ايئرپورٽ تي لٿو هيس ۽ايئرپورٽ تي ئي ميڪسس ڪمپني جي سم ورتي هئي ۽ ايئرپورٽ اندران ئي ٽيڪسي ڪري ٻاهر انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي لاءِ نڪتو هئس ته دل ڄڻ مطمئن ٿي ويئي هئي، هڪ ته ايئرپورٽ به نرالي هئي جو ايئرپورٽ جي ان حصي، جتي جهاز لاٿو اتان ٽرين ۾ اچي ٻئي حصي وٽ اميگريشن فارملٽيز هيو ته وري سامان به اتان ئي مليو، ٻيو ايئرپورٽ جو سڄو عملو انگلش ڳالهائي رهيو هو، جيڪو چائنا ۾ بلڪل نه هئڻ برابر هو، هتي ملائشيا ۾ايئرپورٽ اندران جيڪا ٽيڪسي ڪري نڪتس ان جو ڊرائيور عبدالرحمان به زبردست انگريزي ڳالهائي رهيو هو، ٻاهرين آبهوا به ڪا عجيب محسوس ڪونه ٿي، جيڪا چين ۾ گھڙڻ سان ٿيندي هئي، جو چائنا جي جهاز ۾ يا ايئرپورٽ يا ٽيڪسي يا کليل هوا ۾ هڪ عجيب بُوءِ ايندي هئي بلڪل اندر اداس ڪري ڇڏيندي هئي پر هتي ائين لڳو ڄڻ ڪا خوشبوءِ ايندي هجي.
ڪولالمپور مون کي پهرين ڏينهن کان ئي سٺو ۽ سولو لڳو، جيئن سنڌ جي شاگردن کي سڄي سنڌ جي مختلف شهرن مان ڄام شوري جي تعليمي درسگاهن ۾ اچڻ کان پوءِ حيدرآباد سولو لڳندو آهي، هڪ دفعو گاڏي کاتي يا حيدر چونڪ اچي وڃن، باقي سڄي حيدرآباد پوءِ ريشم گلي هجي يا شاهي بازار ۽ تلڪ چاڙهي يا هيرآباد ۽ ڦليلي يا وري قاسم آباد ۽ لطيف آباد، حسين آباد يا ويندي ڀر وارو شهر ڪوٽڙي، ٻه چار دفعا نڪرڻ سان سڄو نقشو سمجهه ۾ اچي ويندو اٿن. ائين ئي بلڪل مون کي ڪولالمپور سولو لڳو آهي. هتي ته هر هنڌ وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو جديد نظام آهي، جنهن ۾ ڪيترائي آپشن آهن. پاڻ وٽ ته سوزوڪي يا بس يا وري رڪشا يا فور سيٽر پر هتي ٽرين، بس يا ٽيڪسي آهي، نه رڪشو نه سوزوڪي. خوبصورتي، سونهن، صفائي سٿرائي ۽ سهوليتن جي ڳالهه هجي يا وري عمارتن ۽ بازارن جي يا وري عبادتگاهن جي، ڪولالمپور اسان جي حيدرآباد کان ڪيئي ڀيرا اڳتي آهي، بلڪه ڀيٽا جي ڳالهه ته غير منطقي لڳي ٿي، ڪٿي آسمان کي ڇهندڙ ڪولالمپور وري ڪٿي اسان جي بغير مالڪي هيڻي حال وارو حيدرآباد. پر اها به حقيقت آهي ته جڏهن 1768ع ۾ غلام شاه ڪلهوڙي نئون شهر جديد رٿابنديءَ سان نيرون ڪوٽ تي، حضرت علي حيدري قرار جي نالي پٺيان حيدرآباد شهر تعمير ڪرائي رهيو هو ته ان وقت هن شاهي شهر ڪولالمپور جو نالو نشان به ڪونه هو. ان وقت هي علائقو گپ چڪ ۽ ڌٻڻ واري جڳهه ۽ جهنگ هو، پر زمانو بدلجي ٿو، جيڪو نه صرف ماڻهن تي اثر ڇڏي ٿو جو وقت سان فقير مان بادشاه ۽ بادشاه مان ڦري فقير ٿي وڃن ٿا. پر اها ڳالهه شهرن تي به لاڳو ٿئي ٿي. عظيم شهر ڦري کنڊر ۽ قديم آثار بڻجي وڃن ٿا ۽ دنيا جي نقشي تي ڪو به وجود نه رکندڙ نوان شهر وجود ۾ اچي وڃن ٿا. گپ واري نديءَ جو منهن جنهن کي ملي زبان ۾ ڪولا چئجي ٿو، سو اڄ دنيا جو جديد ترقي يافته شهر بڻجي ويو آهي، جتي دنيا جي هر جديد شيءِ موجود آهي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو هتي سير تفريح ۽ اعليٰ تعليم پرائڻ کان ويندي واپار ڪرڻ اچن ٿا.
ڪولالمپور کي ته اڃان هڪ صدي به پوري نه ٿي آهي، هي شهر ته انگريزن اچي 1857ع ۾ آباد ڪيو، جيڪو پهرين ٽن جي کاڻيون کوٽڻ وارن مزدورن جي رهڻ واري جڳهه هئي، سو اڄ اسان جي حيدرآباد کي ڪيئي ڀيرا پوئتي ڇڏيو بيٺو آهي. مون هتي اچڻ کان پوءِ ڪولالمپور تي لکڻ لاءِ ڪافي دفعا ڪوشش ڪئي پر لکي ڪونه سگھيس پئي يا ته لکڻ لاءِ شروعات نه ملي، نيٺ هن ڀيري پڪو پهه ڪيو ته گھر ويهي ڪولالمپور تي جي نه ٿو لکي سگھان ته ڀلا ڊائري قلم کڻي نڪري ٿو پوان، جتان وڃان اتان جو احوال لکندو رهان يا گھمندي اهم جڳهون نوٽ ڪندو اچان ۽ گھر ويهي ڪڙي سان ڪڙي ملائي ڪولالمپور جو سير ۽ سفر قلمبند ڪري وٺان. اهو طريقو مون کي سولو لڳو، ۽ پنهنجي رهائشي فليٽ ادامن ڪامپليڪس جي مين گيٽ تان ملندڙ بس T203 ۾ چڙهي پيس، جيڪا بس هن علائقي جي ڀرسان واري ٽرين اسٽيشن تمن ملاتي تائين هلندي آهي. پوءِ تمن ملائتي اسٽيشن تان هلندڙ ٽرين ايل آر ٽي ۾ ويهي هن شهر جي مرڪزي علائقي جنهن کي ڪولالمپور سٽي سينٽر يا ڪي ايل سي سي سڏجي ٿو، اتي اچي پهتو آهيان. هي ڪولالمپور جو نه صرف سينٽر سڏبو آهي پر هي اسپاٽ ڪولالمپور جي سڃاڻپ ۽ دل آهي، جيڪڏهن ڪير به پاڪستان مان گھمڻ ڦرڻ يا اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ هتي اچي ٿو، ته کيس ايئرپورٽ تان ئي ايڪسپريس ٽرين ملي ويندي جيڪا کيس ڪولالمپور سينٽرل اسٽيشن تي آڻي ٿي، پوءِ هتان هو پنهنجي رهائش جي اسٽاپ جي حساب سان ڪنهن ٻي ٽرين يا بس يا ٽيڪسيءَ ۾ وڃي سگھي ٿو، جو ايئرپورٽ تان ٽيڪسي مهانگي پئجي سگھي ٿي پر جي ڪنهن کي ڊائريڪٽ ٽيڪسي ڪرڻ ۾ آساني محسوس ٿئي ٿي ته ڀلي ڪري، ٻيو ماڻهو نئين شهر نئين جڳهه تي سامان سميت جهاز جي سفر جي ٿڪاوٽ کان پوءِ وڌيڪ ائڊوينچر بجاءِ ٽيڪسي ڪري جي سڌو پنهنجي رهائش واري جڳهه ته وڃي ته به بهتر آهي. پر هن ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن جي باري ۾ لکڻ جو مقصد آهي، ته هي ٽرين اسٽيشن تي ڪولالمپور يا ان جي پسگردائي وارن شهرن شاه عالم، سرمبان، ڪجنگ، سردانگ کان ويندي پتراجايا ۽ سائبر اجايا کان ويندي جوهر، پنانگ، ڪيداه بلڪه ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جون ٽرينون به ملي وينديون. سو ڪي ايل سينٽرل پهچڻ سان ماڻهو وٽ ڪجهه بسن کان ويندي ٽرين جا مختلف آپشن هجن ٿا ته ڪولالمپور اندر ئي ڪنهن ٻي گهمڻ واري جڳهه ته وڃي يا ڪولالمپور کان ٻاهر ڪنهن ڀر واري يا پري واري شهر وڃجي جو هن اسٽيشن تي اهڙي هر سهولت موجود آهي. هي اسٽيشن اهڙي آهي جيڪا هر مسافر کي سونهون ۽ آسان رستو ڪڍي ڏيئي ٿي پر جي مسافر جي منزل ڪا پري نه آهي ته به ڪنهن جو هن اسٽيشن تي ائين ئي اچڻ به هڪ قسم جي تفريح آهي. جتي شاپنگ پلازا به آهن ته کائڻ پيئڻ لاءِ ريسٽورنٽ به. وري مزي جي ڳالهه هن ٽرين اسٽيشن جي پوئين پاسي ڏانهن نڪرجي ٿو ته برڪفيلڊ روڊ آهي جتي لٽل انڊيا آهي، جتي انڊين ماڻهن جو ڪاروبار آهي. لٽل انڊيا شروع ٿيڻ سان ملائشيا ۽ انڊيا جي وزيراعظم جون تصويرون لڳل آهن، هاٿي ٺهيل ڦوهاري وارو چونڪ آهي، ساڙهين سان سينگاريل دوڪان آهن ته وري سون جو ڪاروبار ڪندڙ هندو به، جتي پهچي واقعي لڳي ٿو ته ماڻهو ڄڻ انڊيا پهچي ويو. پوري علائقي ۾ انڊين کاڌا، ۽ شيون ملن، هر پاسي انڊين ويس وڳا پهريل ماڻهو گھمندي ڦرندي نظر پيا ايندا. سو ڪي ايل سينٽرل گھمي پويان لٽل انڊيا گھمي ملائشيا جي ترقي ۽ انڊيا جي ماحول، ٻنهي جو مزو وٺي سگھجي ٿو بلڪه آءٌ لِٽل انڊيا گھمڻ وقت اهو سوچي خوش پئي ٿيس ته اسان غريبن جو بمبئي، آگرو، دهلي، ڪلڪتو، راجستان ويندي حيدرآباد، لکنئو، عليڳڙهه، ڪيرالا گھمڻ وارو نصيب ڪٿي سو هي لٽل انڊيا گھمڻ ئي وڏي غنيمت آهي.
ڪولالمپور ڪي ايل سينٽرل تان نڪري گو ڪي ايل بس ۾ به چڙهي سگھون ٿا، جيڪا مفت ۾ ڪولالمپور ۾ هلي ٿي ۽ جنهن ۾ سياح مختلف جڳهن تي گھمي سگھن ٿا. هي بسون نيون صاف سٿريون گائيڊيڊ سسٽم سان آهن، جيڪي چئن مختلف روٽن تي هلن ٿيون. ڪي ايل سينٽرل تان جيڪا گرين لائين گو ڪي ايل هلي ٿي، سا چوڪٽ واري علائقي کان ڪي ايل سينٽرل تائين هلي ٿي ۽ اتان وري ساڳئي روٽ تي واپس ٿئي ٿي. ائين هن بس ۾ ويهي ڪي ايل سينٽرل کان اڳيان ميوزيم نگارا يعني نيشنل قومي عجائب گھر جو اسٽاپ آهي پوءِ وري مرديڪا اسٽاپ آهي. هي ٻئي جڳهون گھمڻ وٽان آهن جو جتي ميوزيم نگارا جي خوبصورت بلڊنگ آهي ۽ ميوزيم ۾ رکيل ملائشيا جي پوري تاريخ، ثقافت رهڻي ڪهڻي ۽ موجوده ترقيءَ جا محفوظ ڪيل عڪس آهن. اهي ڏسي ماڻهو ملائشيا جي باري ۾ ڄڻ ته پوري طرح سمجهي وڃي ٿو، ته پراڻي دؤر ۾ ڪيئن هئا ۽ هاڻي ڪيئن آهن، ويندي سندن ڪالونيل دؤر به ڏيکاريل آهي، ته ملائشيا ۾ رهندڙ مختلف ٻولين ۽ ثقافت رکندڙ ماڻهن جو تعارف به مجسما ٺاهي، انهن علائقائي پوشاڪ پارائي سندن باري ۾ تعارف لکيل آهي. ائين هڪ وڊيو به هلي ٿي، جنهن ۾ ڪجهه ٻارن کي سندن ملڪ جي ابي تئانڪو عبدالرحمان جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو، ته وري آزادي ۽ ان جي اهميت ۽ ملڪ جي ذميواري شهري هجڻ جي ناتي هر فرد تي عائد ذميوارين جي باري ۾ به سمجهاڻِي ڏيندي ٿيٽر ۾ وڊيو هر وقت هڪ پاسي هلندو رهي ٿو. ان کان علاوه ميوزيم جي اندر مين گيٽ کان گھڙندي ئي ڪجهه ڪارون رکيل آهن، انهن ۾ هڪ ڪار ساگا به آهي جيڪا هن ملڪ ۾ ٺهندڙ پهرين ڪار آهي، ساگا ڪار هن ملڪ جي قومي ڪار آهي، جيڪا قومي ڪمپني پروٽان طرفان 1985ع تيار ڪئي ويئي. هي ڪار ان وقت جي وزيراعظم تن ڊاڪٽر مهاتير محمد هلائي افتتاح ڪيو ۽ اڄ هن عجائب گھر ۾ اها ڪار ڏسي ائين لڳو ڄڻ نئين لڳي پئي هجي. ملائشيا جي هيءَ ڪار، اڄ به پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي پسنديده ڪار آهي ۽ نه صرف سائوٿ ايسٽ ايشيا جي ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿي پر آفريقا جي ملڪن کان ويندي سائوٿ آمريڪا جي چلي سميت ڪجهه ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ڪئي وڃي ٿي، جتي اسان جي ملڪ ۾ اڃان سُئي به ٻاهران اِمپورٽ ٿي اچي ٿي ته اُتي هن ملڪ جي ڪار ايڪسپورٽ ٿيڻ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ هيءُ ننڍڙو ملڪ، ڪيڏي نه وڏي ترقي ڪري رهيو آهي.
ڪولالمپور جي سڃاڻپ پيٽروناس جا ٻه جاڙا ٽاور آهن، جتي ساليانه 11 ملين کان مٿي يعني هڪ ڪروڙ 10 لک کان به وڌيڪ سياح گھمڻ اچن ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ مينار پاڪستان وٽ گھڻا سياح ايندا هوندا، جنهن جو اندازو بخوبي لڳائي سگھجي ٿو. بهرحال هن ميوزيم گھمڻ ٰ کان پوءِ وري گو ڪي ايل بس ۾ ويهي ٿورو ئي اڳيان اچي مسجد نگارا اسٽاپ آهي. هيءَ مسجد ملائشيا جي قومي مسجد آهي. هن مسجد کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو هيٺين منزل تي آفيسون آهن، ته ٻئي پاسي وضو ۽ ضروري حاجت پوري ڪرڻ لاءِ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ جڳهون، ان کان علاه هيٺين منزل جي وچ تي نماز پڙهڻ جي جڳهه کان علاوه پاڻيءَ جا وڏا وڏا حوض وچ ۾ ٺهيل آهن، جن مان پاڻيءَ جا ڦوهارا به هلن پيا. ائين مٿي منزل تي مسجد ٽن کان چئن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ته مين مسجد عبادت وارو هال جتي صرف نماز پڙهڻ وارن کي اندر ڇڏيو وڃي ٿو. ٻيون ان حال جي اڳيان وري جيڪو حصو آهي، اهو وزيٽرس سان ڀريو پيو هوندو آهي، جتي تقريباَ وزيٽر نيري ڪلر جي گائون ۾ نظر ايندي ڦوٽو پيا ڪڍندا آهن، ٽولن جي شڪل ۾ ويهي ڪچهري ڪندي نظر ايندا آهن. ڪجهه سياح مسجد جي مين هال جي اڳيان يا دروازي جي هڪ پاسي ويٺي ۽ ڪجهه هال جو سامهون ئي بيٺي مسجد جي عالمن سان اسلام تي، بحث مباحثي ڪندي نظر ايندا. اصل ۾ هن گائون ۾ آيل سمورا ماڻهو غير مسلم ئي هوندا آهن يا وري ڪجهه اهڙا مسلمان به هجن ٿا، جن جي پهريل ڊريس جي اهڙي هجي، جو مسجد جي گيٽ تي بيٺل منتظمين کين گائون ڏنو هجي، جو مسجد جي اندر فقط پوري لباس وارا ماڻهو ئي وڃي سگھن ٿا. جيئن ته يورپي سياح اڪثر ڪري ننڍا شارٽ ۽ شرٽون پائي گھمن، جنهنڪري اهڙا گائون کين ڏنا وڃن ٿا، ته اهو پائي اندر مسجد گھمن. اُها ٻِي ڳالهه آهي ته يورپي يا آمريڪي يا ايشيا جي چيني جپاني ۽ ٿائلينڊ ۽ ڪوريا جي ماڻهن کان علاوه خود ملائشيا جي غير مسلم آبادي ۽ ڪجهه مسلمان پاڪستاني ۽ انڊين عورتون به اهڙا ڪپڙا پائين ٿيون جو کين به گائون ڏنو ويندو آهي. هي گائون اڇي چمڙي خاص طور اڌ ڪپڙا پائيندڙ ماڻهن لاءِ وڏي دلچسپي وارو ٿي پئي ٿو. مان ڏسان پيو ته ڪيئن نه گائون ۾ تصويرون پيا ڪڍرائين، گائون کي کولي چيڪ به ڪن پيا، مسجد اندر ئي اڌ مٿي ڪري ڦوٽو ڪڍڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا، جنهنڪري مسجد ۾ بيٺل منتظمين مان ڪو کين وڌي اچي تاڪيد ڪري ٿو ته گائون بند ئي رکو. حالانڪه اهو تڏهن اچي چون ٿا جو ڪو ماڻهو يا گروپ بلڪل مسلسل ائين ڪري نه ته ڪونه چون. ملائشيا جي حڪومت کي داد ڏجي ته انهن مسجدن ۾ غير مسلم لاءِ اسلام جي اهم ارڪانن بابت نه صرف ننڍا ننڍا ڪتابچا مختلف ٻولين ۾ رکرايا آهن پر ڪيئي عالم ماڻهو مختلف ٻوليون خاص طور انگريزي ڳالهائيندڙ به بيهاري ڇڏيا آهن، جيڪي سياحن کي نه صرف مسجد جي اهميت پر اسلام بابت پڇيل هر سوال جو تفصيل سان جواب ڏيئي رهيا آهن. هن مسجد جو ٽيون حصو اهو پاڻي وارا حوض آهن، جيڪي مٿين حصي مان بيهي ڏسي سگھجن ٿا، جو ان حصي جي مٿان ڇت کي کليل ڇڏيو ويو آهي، ايئن باقي حصن ۾ ڪافي ڪاريڊور ٺهي پون ٿا، جن تي پاڻي ڀرسان ڪناري تي نماز پڙهي سگھجي ٿي. هن مسجد جي مين هال ۾ ته ڪجهه قرآني آيتن جي ڪئليگرافي ٿيل نظر اچي ٿي، نه ته باقي سڄي مسجد ۾ ڪا خطاطي ٿيل نه آهي، بلڪه ملائشيا جي اڪثر مسجدن ۾ خطاطيءَ جو ڪم گھٽ نظر ايندو، باقي مسجدون انتهائي ڪشاديون ۽ عاليشان عمارتن واريون هونديون آهن ۽ صفائي سٿرائي سبب ملائشيا جي هر مسجد ڏسڻ وٽان آهي. ائين هن مسجد مان نڪري ماڻهو وري گو ڪي ايل بس ۾ چڙهي اڳئي اسٽاپ مرديڪا اسڪوائر تي لهي گھمي سگھي ٿو. آءٌ به اڳئي اسٽاپ ته لهي پيس. هي مرديڪا اسڪوائر يعني آزاديءَ جو چوراهو آهي، پر بس جيئن ته هن اسٽاپ کان ڪافي اڳتي اچي لاٿو سو اتان وري پنڌ اچڻو پيو، پنڌ به ڪو پنج منٽ جو هو نه ڪي گھڻو، اصل ۾ هي واپسي واري بس ان اسٽاپ تي ڪونه بيهي پر جي ايندڙ بس ۾ چڙهجي ها، جيڪا چوڪٽ کان ايندي هجي، جيڪو گو ڪي ايل گرين لائين جو پهريون اسٽاپ آهي ته هن اسٽاپ تي بيهي هان، مان جيئن ته هن بس جي آخري اسٽاپ ڪي ايل سينٽرل کان چڙهيو هيس ۽ هي بس جي واپسي وارو رستو آهي، هن روٽ تي ميوزيم نگارا، مسجد نگارا ته اچن ٿا، ۽ اچي ته مرديڪا اسڪوائر به ٿو پر اسٽاپ نه ٿي ڪري، ٿورو اڳيان هلي ڪري ٿي، جتان ماڻهو کي ٿورو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. هي اهو هنڌ آهي جتي ملائشيا جي پهرين وزيراعظم ۽ هن قوم جي ابي تئانڪو عبدالرحمان، ملائشيا جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو هو ۽ ست دفعا مرديڪا يعني آزادي آزادي چيو هو. اڄ هي يادگار ميدان سالياني قومي آزاديءَ جي پريڊ جو هنڌ به آهي، ته وري قومي جهنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب جو هنڌ به، هتي ملائشيا جو قومي جهنڊو، جنهن ڏنڊي ۾ لڳل آهي، اهو شايد دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏنڊو آهي، جنهن ۾ هيءُ وڏي ۾ وڏو جهنڊو مسلسل ڦڙڪندو رهي ٿو. مون کي ته هيءُ لڳل ڏنڊو لڏندي نظر پئي آيو، پوءِ الائي ڇا ڪمال اٿس جو جهاز جي اڏام وقت پرن وانگي ڪيڏي مهل هڪ پاسي ڪيڏي مهل ٻئي پاسي ٿيندي به هڪ هنڌ بيٺل آهي. هي ميدان سائو سرسبز ڇٻر سان ڀرپور آهي، هتي صرف ميدان ۽ جهنڊو لڳل نه آهي، پر پاسي ۾ ڪولالمپور گيلري آهي، جيڪا سياحن جو مرڪز آهي هتي لکيل I love KL جنهن جي وچ ۾ دل ٺهيل آهي، ان سان هر سياح ڦوٽو ڪڍرائي ٿو. ڦوٽو ڪڍرائڻ لاءِ ماڻهن جي قطار پنهنجو پاڻ ۽ ٺهي وڃي ٿي، ۽ هر ڪو پنهنجي واري جو انتظار ڪري ٿو.
ڪولالمپور گيلري گھمڻ جي ٽڪيٽ 10 رنگٽ آهي، جنهن مان وري پنج رنگٽ جو ٽوڪن ملي ٿو، جيڪو اندر ريفريشمنٽ يا گفٽ شاپ تي خرچ ڪري سگھجي ٿو. هن گيلري م پراڻي ۽ هاڻوڪي ڪولالمپور جي تصويري نمائش به آهي، ته وري تاريخي عمارتن ۽ جديد عمارتن جا ٺهيل ماڊل به رکيل آهن، ويندي ڪولالمپور شهر جو پورو ماڊل به پيل آهي، گڏوگڏ پراجيڪٽر تي هن شهر جي ترقيءَ جا سمورو احوال به ڏيکاريو وڃي ٿو. هيءَ گيلري گھمي ملائشيا جي ترقي ۽ سندن محنت تي کين داد ڏيڻ کان رهجي نه ٿو سگھجي. ڪٿي گپ واري جڳهه ۽ ڪٿي اڄ جو ڪولالمپور. هن گيلريءَ جي اندر ئي گفٽ شاپ ۽ ريسٽورينٽ به آهن، ان کان علاوه هن گيلري مان نڪري وري جتي قومي جهنڊو لڳل آهي، ان جي پاسي کان ڏسجي ته هيٺ انڊر گرائونڊ فوڊ اسٽريٽ ٺهيل آهي، جتي ماڻهو وڃي ڪولالمپور گيلري جي ڀيٽ ۾ سستا ۽ پنهنجي پسند جا کاڌا کائي سگھي ٿو.
مرديڪا اسڪوائر جي سامهون روڊ ڪراس ڪري تاريخي عمارتون به ڏسڻ وٽان آهن، جن سان ضرور تصويرون ڪڍرائڻ گھرجن. ان کان علاوه سامهون سڏ پنڌ تي مسجد جامع به آهي، جيڪا به هڪ عاليشان، کليل ۽ خوبصورت منارن تي مشتمل مسجد آهي. هونءَ ته ملائشيا جو اڪثر مسجدون ٻه پاسا کليل هجن ٿيون جنهن سان هوادار هجن ٿيون، پر هي مسجد جامع ٿنبن تي مشتمل اهڙي مسجد آهي، جيڪا چارئي پاسن کليل آهي ۽ بيحد هوادار آهي. هن مسجد ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار ماڻهن جي نماز پڙهڻ جي گنجائش آهي. ان کان علاوه جي ماڻهو مسجد جامع کان نڪري مسجد جامع واري ريلوي اسٽيشن تان ڪنهن ٻئي پاسي وڃي يا وري واپس گو ڪي ايل واري اسٽاپ مرديڪا اسڪوائر تا بس ۾ چڙهي اڳيان چوڪٽ وڃي پاڪستاني هوٽلن جهڙوڪ مهراڻ، پاڪيزه، پاڪ پنجاب، پاڪستان، رس بلوچ وغيره تان ماني وڃي کائي، يا وري اڳتي وڃڻ بجاءِ مسجد جامع مان نڪري روڊ ڪراس ڪري ريلوي اسٽيشن جي پاسي واري گھٽي، جنهن کي مسجد انڊيا واري بازار سڏجي ٿو اها گھمجي. هي سموري بازار به انڊين دوڪاندارن سان ڀريل آهي، جتي انڊين گانا به ٻڌڻ ۾ ايندا ته انڊين ريسٽورنٽ به، جتي نان چپاتي سان گڏ سٺي برياني ۽ ٻوڙ ملندا، جن ۾ هڪ هوٽل جَي هند به آهي، ائين هتي مسجد انڊيا به گھمي سگھجي ٿي، جيئن ته هيءَ بازار ڪجهه سستي آهي، سو ڪجهه خريد به ڪري سگهجي ٿو، هتي سڀ کان اهم دوڪان سون جا آهن جيڪي سمورا هندو ڪميونٽي جا آهن، سون صرف 22 ڪريٽ جو ملي ٿو. دوڪانن تي سون ايترو آهي جو ٽرڪون ڀرجي وڃن، وري هر دوڪان تي رش ائين نظر ايندي جيئن اسان وٽ عيد جي ڏينهن ۾ ڪپڙي جي دوڪانن تي نظر ايندي آهي. حالانڪه سون جا اگهه ته تقريبن سڄي دنيا ۾ ساڳيا هجن ٿا پر الائي ڇو هتي وڏي خريداري آهي. مختلف ملڪن جا سياح ۽ خود ملائشيا جا ماڻهو سون، هن بازار مان خريد ڪن ٿا. مون به هتان پنهنجي گھر واريءَ لاءِ ڪجهه وقت اڳ بمبئي جيولرز کان بريسليٽ ورتو هو. جڏهن اهو بريسليٽ پاڪستان ۾ سوناري کي ڏيکاريو هو ته سون جي تمام گهڻي تعريف ڪئي هئائين. حالانڪه اسان وٽ سون 20 ڪريٽ وارو هلي ۽ ٻڌائيندا 22 ڪريٽ ڪري، پر هتي هلي ئي 22 ڪريٽ وارو ٿو. هن بازار ۾ به انڊين ڪپڙن، ملائشيا جي پوتڙن ۽ اسڪارفن جا دوڪان وڌيڪ آهن. هتي برقعا يا ابايا به تمام گھڻا ملن، هتي هول سيل جو دوڪان ماءِ دين به آهي ته وري انڊين سپر اسٽور حنيفه به آهي، جتان اسان پاڪستاني شان ۽ نيشنل جي آچار ۽ مصالحن کان علاوه پاڪستاني چانهه ۽ شربت روح افزا، صندل يا جامِ شيرين وٺندا آهيون، ان کان علاوه هن اسٽور ۾ هڪ پورو فلور چاڪليٽس جو آهي، ته وري هڪ ٻيون پورو فلور پرفيومز جو آهي. ائين هي اسٽور خريداري ڪرڻ ۽ گھمڻ وٽان آهي، پر اگھ گھڻا مهانگا نه آهن، هتان ماڻهو سٽي پلازه ۾ به وڃي سگھي ٿو جيڪو حنيفه کان ٿورو اڳيان، ساڄي پاسي تي نڪرندڙ روڊ سان آهي، جتي پاڪستاني ريسٽورنٽس ڪراچي هوٽل، لاهور هوٽل، لاهور پاڪستان هوٽل وغيره کان علاوه ڪيئي انڊين ريسٽورنٽس به آهن، جتي برياني ۽ مختلف ڀاڃين کان علاوه حليم به ملي ٿو، بلڪه چانهن به هتي سٺي ملي وڃي ٿي، جنهن جي پيئڻ جي ٻاڙ هر پاڪستاني کي ضرور هوندي آهي. هتان نڪري وري ماڻهو واپس تي مين روڊ تي اچي ته ٿورو اڳيان روڊ ڪراس ڪري سوگو سپر اسٽور آهي، جيڪو غالباً 8 منزل شاپنگ سينٽر آهي ۽ تقريباَ سڀ برانڊيڊ شيون هتان ملن ٿيون ۽ ان ۾ سستي، مناسب قيمت کان ويندي مهانگي اگهه واريون شيون به شامل آهن. سوگو پلازه ۾ هڪ پورو فلور ٻارن جي لاءِ آهي جنهن ۾ ڪپڙن ۽ جوتن کان علاوه ٻارن جي لاءِ گھربل هر شئي ملي ٿي، هي سپر اسٽور جو هيٺيون فلور به پرفيومز سان ڀريل آهي پر هتي پرفيوم حنيفه سپر اسٽور جي ڀيٽ ۾ ڪافي مهانگا آهن. ائين هن سپر اسٽور جي اڳيان ماڻهن جي پيهه هوندي آهي جتي ملڪ ۾ ڪنهن تهوار جيڪو ان مهيني ۾ هوندو، ڀلي ڪهڙي به مذهب جو هجي، ان جي حوالي سان ڪو ٿيم ٺهيل هوندو ۽ شام آهي ته ڪو اسٽريٽ ڳائڻو پنهنجي فن جو مظاهرو ضرور ڪري رهيو هوندو ۽ سوين ماڻهو سوگو پلازه جي ڏاڪڻين تي ويهي ان ڳائڻي کي داد ڏيئي رهيا هوندا آهن. سوگو کان پوءِ ماڻهو وري گو ڪي ايل ۾ چڙهي، ڪي ايل سينٽرل ڏانهن وڃي يا ڪي ايل سي سي ڏانهن يا پسار سني ڏانهن، ان لاءِ گو ڪي ايل جي ان لائين ۾ ويهي جنهن ۾ اڳيان اسٽاپ اچن، سو مان گو ڪي ايل ريڊ لائِن ۾ ئي ڪي ايل سينٽرل آيس جتان ايل آر ٽي ريپڊ ڪي ايل ۾ چڙهي پسار سني اسٽيشن تي لهي پيو آهيان، هي اسٽيشن جيئن ته ڪي ايل سينٽرل کان صرف هڪ اسٽيشن جي مفاصلي تي آهي، سو جلد اچي وڃي ٿي، پسار سني يعني سينٽرل مارڪيٽ هن اسٽيشن تي ٻاهر نڪرڻ سان بس اڏو آهي، جتي ڪولالمپور جي مختلف علائقن ڏانهن هلندڙ ريپڊ ڪي ايل بسون بيٺل هجن ٿيون. هتان به گو ڪي ايل جي بلو لائين نڪري ٿي جيڪا به ڪافي گھمڻ وارين جڳهن ڏانهن پهچائي ٿي. پر اسٽيشن مان ٻاهر نڪري اِن گو ڪي ايل ۾ ڊائريڪٽ چڙهڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو هتان جي سينٽرل مارڪيٽ گھُمي ۽ ان سان گڏوگڏ چائنا ٽائون به جتي ٻڌ ۽ هندو ديويءَ جا خوبصورت مندر به آهن ته وري خريداريءَ لاءِ سستي اگھ تي ملندڙ شيون، پر چائنا ٽائون مان خريداري ڪرڻ مهل بارگيننگ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ شين جي سڃاڻپ به هجڻ گھرجي جو چائنا ٽائون ۾ چائنا جون شيون آهن ۽ کپائيندڙ به چائنيز، وڌيڪ پاڻ سمجهي سگھو ٿا.
سينٽرل مارڪيٽ جيڪا اسٽيشن تان نڪري کاٻي پاسي تي آهي، هي سڄي مارڪيٽ ڍڪيل ٻه ماڙ مارڪيٽ آهي، جنهن ۾ اڪثر ملندڙ شيون هتان جي ثقافتي رنگن سان رنگيل آهن، جيئن پاڻ وٽ هالا جي هينڊي ڪرافٽس جا دوڪان هوندا آهن، بلڪل ان نموني جا هتي سينگاريل دوڪان آهن.
هن ڍڪيل مارڪيٽ جي پاسي ۾ لاهور جي انارڪلي بازار جهڙي ڏيک ڏيندڙ هڪ بازار به آهي، جتي ماڻهو گھمي سگھي ٿو. ان کان علاوه هتي کاڌي پيتي لاءِ ماماڪ يعني انڊين تامل جا هوٽل به آهن ته وري ملئي ماڻهن جا به، جتان نان يا چپاتي ۽ بريان به ملي ٿي ته نج مٺاڻ وارا ملئي کاڌا به. هن ڍڪيل مارڪيٽ ۾ ڪافي يورپي فش مساج ڪرائيندي به نظر ايندا، جيڪي پير پاڻيءَ جي ٽب ۾ وجهي ويٺا هوندا آهن، جن کي ننڍيون ننڍيون پوپريون مڇيون پيو پيرن ۾ چنبڙنديون يا چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن جن سان ماڻهو کي سڪون اچي ٿو ۽ ٿڪ لهي ٿو. جي توهان ٿڪجي پيا آهيو، ته ڪجهه دير لاءِ هي مساج ڪرائي فرِيش ٿي سگهو ٿا. ان کان پوءِ هتان نڪري کاٻي تي چائنا ٽائون اسٽريٽ آهي. جيڪا گھمي سگھجي ٿي، گھمڻ لاءِ ته هيءَ چائنا ٽائون اسٽريٽ ايتري وڏي آهي جو کٽندي ئي ڪونه، جيئن پاڻ حيدرآباد شاهي بازار ۾ ٽاور واري پاسي کان اچون ۽ گھمي گھمي اچي ريشم گلي کان ٿيندا ڪوهنور چونڪ تي نڪرون. هيءَ ان کان به وڏي مارڪيٽ آهي، جتان گھمندي مسجد انڊيا واري مارڪيٽ به اچي نڪري سگھجي ٿو پر هيءَ چائنا بازار مختلف نڪرندڙ ننڍين گھٽين تي مشتمل آهي، سو بهتر آهي ته ڪجهه گھمي وري مندر ڏسي ماڻهو اچي پسار سني بس اسٽينڊ تان گو ڪي ايل جي پرپل لائين ۾ چڙهي، جيڪا چائنا ٽائون جي پاسي مان ٿيندي اچي ڪجهه ٻين اسٽاپن کان علاوه ڪولالمپور ٽاور وٽان به گذري ٿي. هي ڪي ايل ٽاور، پيٽروناس جاڙن ٽاورن کان الڳ آهي، بلڪ انهن کان به ڊيگھ ۾ وڌيڪ آهي. هن ٽاور جي مٿي منزل تي روالوِنگ هوٽل به آهي ته وري ڪولالمپور ڏسڻ جو منظر به، حالانڪه هن ٽاور تي مٿي وڃڻ جي ٽڪيٽ ڏاڍي مهانگي آهي شايد هڪ سئو جي لڳ ڀڳ، سو آءٌ ته بجاءِ مٿي وڃڻ جي هن ٽاور جي بنياد ۾ ٺهيل مارڪيٽ گھمي ۽ ڀرسان ٺهيل ڳوٺ، جيڪو هتي نموني طور ٺهيل آهي اهو گھميون، ان کان علاوه هتي موجود مغل اعظم ريسٽورينٽ تان چانهه پيتي ۽ پڪوڙا کاڌا. هن هوٽل ۾ اڪثر پراڻي انڊين فلمن جا گانا به پيا هلندا آهن. هي ڪي ايل ٽاور اصل ۾ ڪميونيڪيشن ٽاور آهي، هتان جي قومي ٽيليفون ڪمپني ٽي ايم جو، پر ان جي ٺاهڻ پويان به هڪ تاريخ آهي، دراصل هن ٽاور واري جڳهه تي هتي ٿيندڙ ڊگهي ۾ ڊگھو وڻ آهي، جيڪو اڄ به محفوط بيٺو آهي جنهن کي تقريباَ سئو سال کان مٿي جو عرصو ٿيو آهي، هاڻي ته ان وڻ جو ڪافي حصو ڍڪي ان کي ٽيڪ ڏني ويئي آهي، ان وڻ جي چوڌاري ڇت ٺهيل آهي، جتي ماڻهو ته گھمي سگھي ٿو پر ننڍا وڏا ڀولڙا به هر وقت گھمندي نظر ايندا. ڇا ته ڪمال سان هڪ وڻ کي محفوظ ڪري ان جي ڀرسان ايڏو وڏو ٽاور ٺاهي پڪنڪ پوائنٽ ٺاهي ويئي آهي، جو مواصلات جو نظام به بهتر، ته ٽوئرزم انڊسٽري جي ترقي به ۽ پنهنجي قومي وڻ سان پيار جو اظهار به، ته وري پنهنجي ڳوٺن جي رونمائي به.
هتان نڪري وري گو ڪي ايل پرپل لائين ۾ چڙهڻ گھرجي، وچ ۾ ڪيترائي اسٽاپ اچن ٿا جن ۾ ڪافي شاپنگ پلازا آهن، پر بڪت بنتانگ اسٽاپ تي لهڻ گھرجي، جتي ڪولالمپور جي سڀ کان وڌيڪ رش واري ۽ ماڊرن بازار آهي. هي علائقو خوبصورت گھٽين ۽ چوراهن کان ويندي کاڌي پيتي جي هوٽلن، مساج گھرن جي ڪري مشهور آهي، هتي بڪت بنتانگ، اسٽار هل گيلري، پويلين، فارنهائيٽ جهڙا وڏا شاپنگ پلازا آهن. هي سڄو علائقو هر وقت ماڻهن سان سَٿيو پيو هوندو آهي. هن علائقي ۾ چائنيز ماڻهن جي گھڻائي آهي ۽ هي سمورو بزنس چائنيز ماڻهن جو آهي، پرڏيهي سياح به هتي سڀ کان گھڻا نطر ايندا، هن ئي علائقي ۾ عرب فوڊ اسٽريٽ به آهي، جتي عرب ئي عرب نظر ايندا، ٿورو گھمندي گھمندي ڪجهه پنڌ تي ٻه پاڪستاني ريسٽورينٽ به آهن هڪ ڪراچي ۽ ٻيو لاهور. ٻنهي جو کاڌو به وڻندڙ آهي، بڪت بنتانگ ۾ اچي، ماڻهو ڪنهن ترقي يافته شهر جو تصور ڪرڻ بجاءِ حقيقي روپ پسندو. انڪري اڪثر دوست ائين چوندا آهن ته ڪولالمپور ۾ ماڻهو اچي ڪي ايل سي سي ٽوئن ٽاورس ڏسي ڦوٽو ڪڍرائي ۽ پوءِ بڪت بنتانگ گھمي، خاص طور رات هن علائقي ۾ رهي. هي واحد علائقو آهي ڪولالمپور جو جيڪو ڏينهن رات کليل هوندو آهي، نه ته باقي ڪولالمپور رات جو بند رهي ٿو. هونءَ ته هر علائقي ۾ ڪجهه نه ڪجهه هوٽل کليل هجن ٿا، پر هي واحد علائقو آهي جيڪو رات جو ڏينهن کان به وڌيڪ روشن هوندو آهي. اڪثر چيو ويندو آهي ته ماڻهو پهرين ڏينهن پيٽروناس ٽوئن ٽاور ۽ بڪت بنتانگ گھمي، ٻي ڏينهن گينٽنگ گھمي اچي ڄڻ ڪولالمپور جو ٽوئر پورو ٿيو. پوءِ يا ملاڪا وڃي يا وري لنڪاوي. هڪ پاسي تاريخي شهر آهي ته ٻئي پاسي ماڊرن سامونڊي ڪنارا يا وري ڪيمرون هاءِ لينڊس جتي سرسبز پهاڙ آهن. اهو هر انسان جي پنهنجي پنهنجي مزاج تي آهي ته ڪهڙي علائقي گھمڻ کي ترجيح ڏيئي ٿو. بهرحال ڪولالمپور گھمڻ لاءِ ته سوين جڳهون آهن، جو ماڻهو ڪيئي هفتا رهي به سڄو گھمي نه ٿو سگھي، پر جي ٻه ڏينهن ڪولالمپور ۾ رهي اهم گھمڻ واريون جڳهون گهمجن ته بهتر ٿيندو. بڪت بنتانگ کان پوءِ هي پرپل ڪلر واري بس وٺي ماڻهو وري پسار سني يعني سينٽرل مارڪيٽ اچي يا وري ڪنهن ٻي گو ڪي ايل جي لائين ۾ چڙهي جو بڪت بنتانگ اهڙو اسٽاپ آهي، جتي گو ڪي ايل بس جون ٽن مختلف روٽن تي هلندڙ بسون ملن ٿيون جيئين گرين، بلو ۽ پرپل لائين. سو بهتر آهي ته ماڻهو يا گرين لائين وٺي ڪي ايل سي سي اچي يا وري بلو لائين وٺي شهر جا مختلف علائقا ڏسندو وڃي. ائين هي گوڪي ايل بس ۾ ماڻهو ڪولالمپور جو ويهي مزي سان مشاهدو ڪري سگھي ٿو ۽ مختلف اهم گھمڻ وارين جڳهن تي لهي گھمي سگھي ٿو، جن مان ڪجهه جو آءٌ هن مضمون ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان.
هي گو ڪي ايل جا 4 مختلف رنگ آهن، جيڪي مختلف علائقن ڏانهن وڃن ٿيون. پر ڪجهه اسٽاپ اهڙا اچن ٿا جتان چارئي بسون ڪراس ڪن ٿيون سو ماڻهو هڪ لائين مان ٻي لائين بدلائي سگھي ٿو، جنهن لاءِ اهم اسٽاپ بڪت بنتانگ آهي، گو ڪي ايل جتي ڪافي گھمڻ واريون جڳهون ڪور ڪري ٿي اتي ڪجهه علائقا يا جڳهون اهڙيون به آهن، جيڪي ان جي روٽ ۾ نه ٿا اچن يا اچن ٿا ته پرڀرو، جنهنڪري نئين ماڻهو کي شايد ڏکيائي ٿي، انڪري جي ماڻهو گو ڪي ايل ذريعي گھٽ ۾ گھٽ ڀرسان واري اسٽاپ تي لهي ڪنهن لوڪل بس يا وري ٽيڪسي ۾ آسانيءَ سان وڃي پهچي سگھي ٿو. پر ان جي برعڪس سڀ کان سولو طريقو ٽرين جو به آهي، ٿي سگھي ٿو گو ڪي ايل بجاءِ ڪنهن گھمڻ واري جڳهه تي ٽرين ويندي هجي. جيئن ڪولالمپور جي مشهور گھمڻ واري مندر باتو ڪيوز تائين ته گو ڪي ايل ڪونه وڃي ٿي پر ڪي ايل سينٽرل تان ڪي ٽي ايم ٽرين وڃي ٿي. جنهن جي آخري اسٽيشن باتو ڪيوز آهي، جتي اسٽيشن مان ٻاهر نڪرڻ سان هنومان جو هڪ تمام وڏو بت نظر اچي ٿو، هي باتو ڪيوز ضرور گھمڻ گهرجي جو هڪ پهاڙ جي اندر ڪيترائي سال پراڻا مندر ٺهيل آهن، پهاڙ به اهڙو جو ڄڻ مندر لاءِ ڇت هجي، جو پهاڙ جي ڇت مان سج جي روشني به اچي ته وري برسات جي بوندا باندي به، هي غار پهاڙ ۾ اندر ته آهن پر پهاڙ جي پاڙ ۾ نه پر ان جي وچ ۾ آهن، جنهن لاءِ 200 کان مٿي ڏاڪن واريون ڏاڪڻيون چڙهي وچ ۾ ڏاڪن تي ويٺل ڀولڙن سان سيلفيون به ڪڍندي ماڻهو ساهي کڻندو مٿي غار ۾ مندر واري جڳهه تائين پهچي ٿو. هي غار گهمڻ ڪنهن ائڊوينچر کان گھٽ نه آهي. ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پهرين ديوتا جو سوني ڪلر ۾ پتل جو ٺهيل سوين ڦوٽ ڊگھو مجسمو بيٺل آهي، جيڪو به جبل جي چوٽي کان مٿي پيو نظر ايندو آهي. ائين هتي مڇي جو تلاءُ به آهي ته وري ناريل جو عام وڪرو به جنهن ۾ اسٽرا وجهي ناريل جو پاڻي پيئندي ڪيئي ٽوئرسٽ نظر ايندا.
هتي ساليانو عرس به ٿي. هي مندر هندن لاءِ ملائشيا جي اندر سڀ کان پراڻي عبادت گاه آهي ۽ اڪثر انڊين هندو هتي ساليانه حاضري ڀرڻ اچن ٿا. ان کان علاوه يورپي سياح به هتي گھڻي تعداد ۾ نظر ايندا. البت ايترو گھمڻ کان پوءِ ڪولالمپور جي ڪا اهم ڏسڻ واري جڳهه رهي ٿي ته ان ۾ ملائشيا جي ملڪ جي بادشاه جو محل، ملائشيا جو قومي جانورن جو پارڪ، برڊ پارڪ، ملائشيا جي پارليامينٽ جي بلڊنگ، ۽ ٽيگو نيشنل مانومينٽ ۽ ليڪ ويو پارڪ، جتي ڊائريڪٽ نه گو ڪي ايل وڃي ٿي، نه وري ڪا ٽرين اسٽيشن آهي، البته ڀرسان ضرور ٽرين اسٽيشن آهي يا وري گو ڪي ايل ۾ مسجد نگارا تي ماڻهو لهي اتان ٽيڪسي ڪري ته ڪجهه منٽن ۾ برڊ پارڪ يا وري پارليامينٽ يا وري بادشاه جي محل وڃي سگھي ٿو. پر ان لاءِ ٽيڪسي ڪرڻي پوندي جيڪا 10 کان 15 رنگٽ وٺندي، ائين هي ڪولالمپور ٻن ڏينهن ۾ سڄو گھمي سگھجي ٿو، بشرطيڪ ماڻهو مسلسل ٻئي ڏينهن ٽائيم سان صبح جو نڪري ۽ گھمندو رهي، ماني ۽ نماز لاءِ ڀلي ٽائيم ڪڍي، ويندي ڪنهن مسجد يا هوٽل ۾ ڪجهه دير ويهي ساهي پٽي پر ائين گھران اڌ ڏينهن کان پوءِ نه نڪري جو پوءِ گھمي نه سگھي.
هي سمورو احوال جو مرڪز گو ڪي ايل بس ۽ ٽرينون هيون پر انهن کان علاوه هتي هلندڙ ٽوئرسٽ ايجنٽس جو مني ڪوچ ۽ ويگنون به آهن، جيڪي سياحن کي ڏينهن جي پيڪيج جي حساب سان سڄو ڪولالمپور گهمائين ٿيون، پر اهي پرائيويٽ سروسز آهن. انهن کان علاوه هتي هوپ اِن اينڊ آف ٽوئرسٽ بس به آهي جيڪا گورنمينٽ طرفان آهي جنهن جي ٽڪيٽ 24 ڪلاڪ لاءِ 45 رنگٽ جي آهي، جيڪا مٿي ٻڌايل باتو غارن کان علاوه باقي سموريون گھمڻ واريون جڳهون گھمائي ٿي. سو بجاءِ گوڪي ايل ۾ لائينون مٽائڻ جي ۽ بادشاهي محل ٽيڪسي ۾ وڃڻ جي، هن بس ۾ چڙهي گھمجي ته سڀ اسپاٽ آساني سان گھمي سگھجن ٿا. هي هوپ آن اينڊ آف بس هر اسپاٽ تي ان جي انٽرنس تي ئي لاهي ٿي، جنهن سان نئين ماڻهو کي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڪو خفو نه ٿو ڪرڻو پئي. هونءَ ته هن بس جي ٽڪيٽ ڪافي جڳهن تي ملندي، پر ڪي ايل سي سي تان وٺجي ته بهتر آهي، جتان هن بس جو پهريون اسٽاپ شروع ٿئي ٿو، ۽ ترتيب سان سڀ سياحتي مرڪز گھمي سگھجي ٿو.
اهم ڳالهه ته ڪي ايل سي سي کان پاڪستاني سفارتخانو 10 منٽ پنڌ وڃڻ جيترو سڌو سڌو رستو آهي پر جي گو ڪي ايل ۾ چڙهجي ته ڪي ايل سي سي کان پوءِ ايندڙ اسٽاپ ملائشيا ٽوئرزم سينٽر جو آهي، جنهن کي iMatic چئجي ٿو، جنهن جي سامهون ئي روڊ ڪراس ڪري پاڪستاني سفارتخانو آهي، مون کي ڪافي ڀيرا هتي رهڻ دوران ايمبيسي وڃڻو پيو آهي، مان پهريون دفعو ته ڪي ايل سي سي مان نڪري پنڌ ويس پر پوءِ گو ڪي ايل بس ۾ ويندو آهيان. ائين ڪولالمپور ۾ جيڪڏهن ڪو ننڍن ٻارن سان گڏ فيملي ٽوئر تي آيل آهي يا هتي فيملي سان پڙهائي يا بزنس خاطر رهيل آهي ته ٻارن لاءِ زو نگارا ۽ برڊ پارڪ کان وڌيڪ ڪا به دلچسپي واري جڳهه نٿي ٿي سگھي. بلڪ مون کي زو نگارا ۾ ڪافي مزو آيو، جنهنڪري مان سمجهان ٿو ته وڏا به انجواءِ ڪندا. زونگارا ۾ مون پهريون دفعو زندگي ۾نه صرف خوبصورت پانڊا ڏٺا پر هاٿي به مون پهريون ڀيرو ٻارن سان گڏ ڏسي پنهنجي ٻاروتڻ کان وٺي هاٿي ميرا ساٿي ڏسڻ واري خواهش پوري ڪئي. ان کان علاوه هتي برڊ ۽ اينيمل شو به ڏسڻ وٽان آهن، جن ۾ مختلف جانور پرفارم ڪن ٿا، جانورن کي ڪرتب ڏيکاريندي ڏسندو به مزو اچي ٿو. زونگارا گھمندي اسان کي تقريباَ 3 ڪلاڪ لڳا، هتي اورنگ اوتان نالي ڀولڙو به آهي جيڪو ماڻهو سان مشابهت به رکي ٿو، ان کان علاوه هتي تقريباَ سڀ جانور نظر ايندا. هي زو نهايت ئي صاف سٿرو آهي، ۽ ترتيب اهڙي ڏنل اٿس جو ماڻهو سرڪل ۾ گھمي ٿو ۽ مخلتف جانور ڏسندو وري واپس مين گيٽ تي اچي پهچي ٿو. هتي گيٽ تي داخل ٿيڻ سان ئي ڦوٽو سيشن ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي بيڪ گرائونڊ ۾ جانور ڏيکاريل هجن ٿا. جيڪي ڦوٽو واپسيءَ ۾ ڏسي سگھجن ٿا. هي تصويرون ڪو وٺي يا نه وٺي ان جي مرضي آهي، پر حقيقت اها آهي جو ايڏا خوبصورت ڦوٽو ڏسي يادگار طور ڦوٽو رکڻ تي دل هرکجي پئي ٿي. اسان کي 12 تصويرون 150 رنگٽ ۾ ڏيڻ لاءِ چَيُنِ ۽ عابده وري اهي تصويرون 50 رنگٽ ۾ ڏيڻ لاءِ آفر ڪين، پر انڪار ڪيائون ته اسان کين صرف هڪ ڦوٽُو لاءِ چيو پر صرف هڪ ڦوٽو ڏيڻ سندن پاليسي ۾ نه هو، آخرڪار 6 ڦوٽو 50 رنگٽ ۾ ڏيڻ تي راضي ٿيا، اسان چيو پوءِ 12 ئي ڦوٽو به موبائل ۾ ٽرانسفر ڪري ڏيو ۽ پرنٽ ڪري فريم باڪس ۾ ڀلي 6 ڏيو. ائين اسان پنهنجون تصويرون ورتيون، جيڪو به بعد ۾ مهانگو سودو پئي لڳو. بهرحال ملائشيا جي تقريباَ هر گھمڻ واري جڳهه تي ائين ڦوٽو سيشن ڪن پوءِ واپسي ۾ ڦوٽو گيٽ تي رکيل ڏسي ماڻهو متاثر ٿيو پئي جو اهي ڦوٽو ان جڳهه جي بيڪ گرائونڊ سان انتهائي خوبصورت نڪتل هوندا آهن ۽ ماڻهو پنهنجي فيملي سان اهڙو يادگار ڦوٽو ڏسي وٺڻ لاءِ تيار ٿيو پوي ٿو، پر اهو به آهي ته هي ڦوٽو ٽڪيٽ کان وڌيڪ مهانگا هجن ٿا، جيئن ته اسان کي هر هنڌ ڊسڪائونٽ ٽڪيٽ ملي وڃي ٿي جو ٻار ننڍا آهن ۽ اسان ٻئي زال مڙس هتي شاگرد آهيون سو اسٽوڊنٽ ڪارڊ تي ڪافي جڳهون ته هاف ٽڪيٽ ۾ ڏسڻ جو موقعو مليو پر هي ڦوٽو جي وٺجن ته رعايت ته پري رهي پر ٻيڻا پيسا ٿي وڃن ٿا.
توهان پڙهندڙ کي ڪولالمپور جو هي احوال پڙهي اندازو ته ٿي ويو هوندو ته ٽرانسپورٽ سسٽم ڪيڏو نه ترتيب سان آهي ۽ ڪيترا نه آپشن آهن. بلڪل هتي شهر ۾ هلندڙ ٽرينون جيڪي مونو ريل، ايل آر ٽي، جنهن جو به ٽي مختلف لائينون يعني روٽ آهن وري ڪي ٽي ايم جيڪا ڪولالمپور سان گڏ ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿي، ۽ ايم آر ٽي ٽرين ۽ ايئرپورٽ تائين ويندڙ ايڪسپريس ٽرين، جي ماڻهن ٽرين ئي سفر ڪري گھمي ته به تقريباَ گھمڻ واريون اڪثر جڳهون ٽرين اسٽيشنس جي ڀرسان ئي آهن، جي ماڻهو بس ۾ سفر ڪري ته گو ڪي ايل يا هوپ آن اينڊ آف کان علاوه پوري شهر جي مختلف علائقن ڏانهن هلندڙ ريپڊ ڪي ايل گورنمينٽ بسون آهن جن جو به تعداد هزارن ۾ هوندو. هي بسون به ايئرڪنڊيشنڊ آهن، بلڪه اسان وٽ ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچن کان ڪيئي ڀيرا بهتر هتي جو لوڪل هلندڙ بسون آهن، جن ۾ نه منشي آهي نه ماڻهن جي چڙهڻ ۽ لهڻ ۾ پيهه پيهان، بس ۾ چڙهون لڳل پيٽي ۾ ڪرايو وجهو يا وري بس ڪارڊ اَٿَوَ ته اهو مشين جي اڳيان ڪري وڃي ويهي رهو. اڳيان ماڻهو بس ۾ ترتيب سان پيا اندر ايندا ته پوئي گيٽ مان لهڻ وارا آسانيءَ سان لهي ويندا. هتي ڪنهن به بس اسٽاپ تي ڪيترا به ماڻهو بيٺل هجن پر بس اچڻ سان خود بخود قطار ٺهي ويندي ۽ جيستائين ماڻهو بس ۾ اندر نه اچي ويندا، ڊرائيور کي ڪا به تڪڙ نه هوندي، جو کڻي چوي ته جلدي ڪريو، نه وري بس ۾ چڙهڻ وارا هڪٻئي کي ڌِڪا ڏيندا.
ائين ٽرينن ۽ بسن کان علاوه هتي ٽيڪسي جو آپشن به آهي، جيڪا ميٽر تي هلي ٿي، جنهن ۾ هر 36 سيڪنڊن کان پوءِ يا وري 200 ميٽرن کان پوءِ 25 سينٽ ڪرن ٿا ۽ هڪ رنگٽ ۾ جيئن ته 100 سئو سينٽ ٿين ٿا، ۽ ٽيڪسي هلڻ سان 3 رنگٽ لڳن ٿا. جيڪي هڪ ڪلو مِيٽر ڪور ڪن ٿا، ڏسجي ته ٽيڪسي ميٽرڊ آهي پر ٽيڪسي کان جيترو بچجي ته بهتر، جو پيسا ائين پيا ڪرندا ۽ انهن کي ڏسي ماڻهو جي دل پيو ڏڪي جو ڪٿي سگنل هڪ منٽ کان به وڌيڪ لاءِ بند ٿيو وڃن ۽ ڪٿي ٽريفڪ جام ٿي وڃي ۽ اڪثر شام جو ته ٽريفڪ جام هجڻ معمول آهي، يا ڪنهن اسڪول مان موڪل وقت منجهند جو ئي ٽريفڪ جام ٿي سگھي ٿي. ٽريفڪ جام ٿيڻ جو مقصد ڪراچي وانگي ڪي ڪلاڪ جا ڪلاڪ نه آهي پر ٻه منٽ به جي لڳن ته ٽيڪسي جي ميٽر ۾ نظر پوڻ سان ماڻهو جو دل ڏڪڻ شروع ڪندي جو ان ۾ پيسا ته پيا هلن، ويندي مون سان هڪ ٻه دفعو ائين به ٿيو جو رهائشي جڳهه کان اڳ ايندڙ اسڪول جي موڪل جي ٽائيم ٽريفڪ جام ٿئي ته آءٌ هڪدم ڊرائيور کي چيو ته هي سامهون منهنجي رهائش آهي، هي پيسا وٺو ته ڊرائيور ناراض ٿي چوندا آهن هڪ رنگٽ وڌيڪ ڏيو جو هن ٽريفڪ ۾ توهان جي ڪري بيٺا آهيون سو هڪ رنگٽ ڏيڻ ۾ خير سمجهي لهي آيس جو جيڪا رش هوندي آهي ته پنج رنگٽ به لڳي سگھن پيا. هونءَ به ٽيڪسي وارا پوءِ ٽيڪسي بند ڪري بيهندا آهن پر جي مسافر ويٺو هوندو ته ٽيڪسي بند ڪونه ڪن، تنهنڪري ٽيڪسي وارن کي ڪو نقصان ته ڪونه ٿئي ٿو.
ڪولالمپور ۾ سڀ کان سٺي ڳالهه هتان جو بهترين ٽرانسپورٽ نظام آهي. ان کان علاوه شاپنگ ڪرڻ لاءِ موزون ۽ مناسب بازارن سان گڏوگڏ برانڊيڊ ۽ مهانگي ۾ مهانگا خريداري جا مرڪز آهن، پر ڪولالمپور کاڌي پيتي لاءِ به جنت آهي، هتي انڊين، پاڪستاني، بنگالي، چائنيز، ۽ ٿائي، سنگاپوري، کاڌن کان علاوه عرب فوڊ جا به انيڪ هوٽل ملندا، ويندي بڪت بنتانگ ۾ ته پوري عرب فوڊ اسٽريٽ به آهي، يمن ملڪ جي علائقي حضرت موت ريسٽورنٽس ته ڪولالمپور جي هر علائقي ۾ نظر ايندا، ان کان علاوه ڪولالمپور ۾ فاسٽ فوڊ ميڪڊولڊ ۽ ڪي ايف سي به هر هنڌ نظر ايندا. ڪولالمپور ۾ 99 سيڪڙو هوٽل حلال ئي آهن. انڪري حلال کاڌي جي پريشاني نه برابر آهي، جيڪڏهن ماڻهو ملائشيا گھمڻ اچي ته کاڌي پيتي جي لاءِ ڪو به الڪو نه ڪري ۽ نه ئي وري ڪو موسم ۽ ٻوليءَ جو، سواءِ هڪ عدد ڇٽي گڏ هجڻ جي، هتي جي نه موسم برف جهڙي ٿڌي آهي ۽ نه ئي وري جيڪب آباد ۽ سبي جهڙي گرم، جيئن ته برساتي ملڪ آهي، جنهنڪري هتي جي موسم اڪثر نارمل ئي هوندي آ ان ڪري ڪا پريشاني نه ٿي ٿئي، جيڪا يورپ، چائنا، رشيا جي ملڪن مان ٿڌ کان، آفريقا ۽ برصغير جي ملڪن ۾ گرمين جي موسم ۾ ٿيندي آهي.
اها هن شهر جي رونقن ۽ سياحتي مرڪزن کان ويندي ٽرانسپورٽ جي خوبي آهي جو ماڻهو گھمندي گھمندي نه ٿڪجي ٿو، ۽ نه ئي وري ان بابت ذڪر ڪندي ڳالهيون کٽن ٿيون جنهنڪري ڪولالمپور جو قصو وڏو ٿي ويو آهي، حالانڪ نه مون ڪولالمپور جي تاريخ، نه وري هتان جي تاريخي واقعن يا تاريخي ڪردارن کي بيان ڪيو آهي، مون صرف بياني طور هتان جي ڪجه اهم علائقن جتي سياحن لاءِ دلچسپي وارا ماڳ آهن، صرف انهن بابت ذڪر ڪيو آهي. پر پوءِ به ايترو ڪجهه هي شهر پاڻ ۾ سمائي ويٺو آهي جن جو فقط ذڪر ئي ڪجي ٿو ته 10 کان 15 پنا ته ڇا پر ڪيئي ڪتاب لکي سگھجن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو نامياري سفرناما نگار سائين الطاف شيخ صاحب ڪولالمپور تي الڳ سان هڪ ڪتاب لکيو آهي (ڪولالمپور ڪجهه ڪوه تي). جيڪو ڪتاب ڪولالمپور جي تاريخ به بيان ڪري ٿو ته ماڳ مڪان به، البته ان ڪتاب ۾ ڪولالمپور جي جديد ٽرانسپورٽ سسٽم جو ذڪر شايد گھٽ آهي، جو سفرنامو ڪافي پهرين جو آهي ۽ ڪولالمپور ۾ هاڻي ٽرانسپورٽ سسٽم وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي ۽ جديد سهولتيون مهيا ڪيون ويون آهن، البته گھمڻ ڦرڻ وارا ماڳ مڪان ساڳيا آهن ۽ انهن بابت سندس ڪتاب ۾ وڌيڪ تفصيل آهن.