سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

چين سوي مندر جتي جنت به آ ته جهنم به

The Chin Sweet Caves Temple مندر گينٽنگ هاءِ لينڊ جي باني تان سري داتو سري ڊاڪٽر لم گو تونگ طرفان ٺهرايل آهي، جتي گوتم ٻڌ جو تمام سهڻو مجسمو هڪ پهاڙ جي هنج ۾ ٺهيل آهي، هن جي ڊيگھ غالباً 40 فوٽ ٿيندي. هي مندر، تمام خوبصورت سان پهاڙي کي ٽُڪي ٺاهيو ويو آهي. هي مندر گھمڻ سان ماڻهو جو من جهنجهوڙجي وڃي ٿو. هي مندر هڪ مقصد، هڪ نصيحت طور ٺهيل آهي، جنهن جي گيٽ تي لکيل آهي ته ”نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ ٻِي دنيا ۾ خوشيون آهن ۽ بيڪار عمل ڪندڙن لاءِ سخت سزا آهي، سزا کين جهنم ۾ ملندي ۽ جهنم سمنڊ جي هيٺان آهي.“ نه صرف اهو پيغام لکيل آهي پر جيئن ماڻهو مندر ۾ اندر وڃي ٿو ته ڪجهه مجسما اهڙي طرح ٺاهي ڏيکاريا ويا آهن جن ۾ اڳئين دنيا ۾ بد افعالن جي ڪري سزا ملندي ڏيکاريو ويو آهي. پهرين انهن کي سندن عملن جو ڪتاب آڻي ڏيکاريو وڃي ٿو، پوءِ کين سزا ٻڌائي وڃي ٿي ۽ پوءِ سزا ملندي. ڪيترا ئي مجسما آهن، تتل لوه تي سمهيل ماڻهن جا، لوهي سيخن کي سندن اکين مان آرپار ٿيندي ڏيکاريل آهن، ويندي ماڻهن کي باه ۾ سڙندي به ڏيکاريو ويو آهي. هن مندر ۾ جهنم جا 10 طبقا ٺهيل آهن ۽ هر طبقي جي نسبت ٻئي طبقي ۾ سزا وڌيڪ سخت ٿيندي وڃي ٿي. هن جهنم واري حصي ختم ٿيڻ کان پوءِ مندر جي آخر ۾ جنت نما منظر ٺهيل آهي، جنهن ۾ خوبصورت پرين کي رقص ڪندي ۽ بانسري وڄائڻ وارو منظر ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ ڪيئي گل به ٽڙندي ڏيکاريل آهن. هي منظر ماڻهو کي خوش ڪري ڇڏي ٿو ۽ هڪدم هن منظر سان گڏ تصوير ڪڍرائڻ تي دل چوي ٿي. ائين هن مندر جو ٿيم پورو ٿئي ٿو ۽ ماڻهو وري ٻاهر اچي يا هيٺ لهي ٿو جو هي ڪو باقاعده جڳهه ٺهيل نه آهي پر پهاڙ کي ٽُڪي پنڌ هلڻ جو رستو به ٺاهيو ويو آهي، ته وري پهاڙ جي اندر ننڍڙا ننڍڙا غار ٺاهي مجسما نصب ڪيا ويا آهن. اتان نڪري ماڻهو مندر جي سامهون ٺهيل وڏي ٿلهي تي اچي ٿو، جتي هن مندر ۽ پوري گينٽنگ جي بانيڪار تان سري داتو سري ڊاڪٽر لم گو تونگ جو وڏو مجسمو لڳل آهي، جنهن جي پويان پاڻي جو وڏو شاور آهي، جيڪو پاڻي پهاڙ مان هيٺ لهي مجسمي جي پيرن مان نڪري ٿو. ان کان علاوه هن مندر ۾ عبادت لاءِ به جڳهه ٺهيل آهي جيڪا تمام وڏي مينار اندر آهي، جيڪو مينار گينٽنگ جي پهاڙن تان جتان ڪٿان نظر اچي ٿو، هن جڳهه ۾ اگر بتيون ٻاريندي ڪيترائي چيني نطر ايندا. هي مندر ٺاهڻ جو مقصد جيڪو مندر وٽ لکيل آهي ته ”نوجوان نسل کي چڱائيءَ جو سبق ملي ۽ کين برائي کان بچائي سگھجي“ ائين بلڪل چئي سگھجي ٿو ته هن مندر ۾ ڏيکاريل آخرت جو تصور، بلڪل اسلام ۾ ٻڌايل آخرت جي تصور جهڙو آهي ته غلط نه ٿيندو. هي مندر گھمڻ جهڙو آهي ۽ ضرور گھمڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪير گينٽنگ اچي ۽ هي مندر نه گھمي ته سمجهو اهڙو ماڻهو هڪ سٺي نصحيت کان محروم رهجي ويو.
اسان مندر گھمي وري واپس ايسڪليٽر يعني بجلي تي هلندڙ ڏاڪڻون چڙهي ڪيبل ڪار ۾ ويهڻ واري جڳهه پهتاسين، جن تي چڙهي وري گينٽنگ هوٽل پهتاسين. ائين هي ڪيبل ڪار تقريباَ 20 منٽ کان اڌ ڪلاڪ اندر هيٺان کان مٿي پهچائي ٿي، جڏهن ته ماڻهو جيڪڏهن ڊائريڪٽ گينٽنگ جي چوٽي تي ڪنهن گاڏي ۾ اچي ٿو ته ڪلاڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ لڳي وڃي ٿو، پر ان سان پيسا به وڌيڪ خرچ ٿين ٿا ۽ خوبصورت وادي جي مٿان هلندڙ ڪيبل ڪار جي ائڊوينچر کان به رهجي وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪيبل ڪار ذريعي مٿي اچڻ جو به وڌيڪ مزو آهي ان مان ضرور لطف اندوز ٿيڻ گھرجي. گينٽنگ لاءِ هتان جي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد چيو هو ته گينٽنگ تان سري لم گو تونگ جي هڪ اهڙي ڪاميابي آهي جنهن جو مثال ملائشيا ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿو ملي.
تان سري لم گو تونگ جو هي قول گينٽنگ گيلري گهمڻ وقت لکيل نظر آيو ته زندگي ۾ ڪو به شارٽ ڪٽ ڪونهي، ان شيءِ جي ڪا اهميت نه ٿيندي جيڪا آساني سان حاصل ٿي وڃي. مون وٽ دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ ڪا وڏي ڪامياب ڪهاڻي نه آهي ۽ نه ئي دنيا جي انٽرپرينزرس کي ٻڌائڻ لا۽ ڪو سبق، بس مان محسوس ڪيو آهي ته منهجو فرض آهي ته ملائشيا ۾ ڪارپوريشن جي خال کي پورو ڪيان.
اسان وٽ پاڪستان ۾حڪومت 70 سال ۾ گورک هل کي ترقي نه ڏياري سگھي آهي ۽ گورک هل کي گورخ ڌنڌو بڻائي ڇڏيو اٿن جو هر سال بجيٽ ته رکن ٿا پر 70 سالن ۾ روڊ به نه ٺاهي سگھيا آهن، باقي ترقي وٺرائڻ ته پري رهي. جڏهن ته هن اڪيلي همراه گورک هل کان وڌيڪ ڏکي پهاڙي کي هڪ شاندار شهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان ملائشيا جي حڪومت ۽ سموري عوام کي فائدو ٿيو آهي. افسوس اسان وٽ حڪومتون ناڪام آهن ادارا ناڪام آهن ته اهڙا ماڻهو به نه آهن جيڪي ملڪي ترقيءَ جو سبب بڻجي سگھن، الٽو جي ڪجهه ماڻهو آهن به ته غريبن جون زمينون ڦٻائڻ لاءِ جنهن مان عام عوام کي ڪو فائدو نه ٿئي. گورک هجي يا ڪارونجهر ويندي کيرٿر، سمورن جبلن ۾ عاليشان رهائشي ۽ ترقياتي منصوبا نه سهي پر ٽوئرزم کي هٿي ڏيڻ ۽ عام ماڻهو کي تفريح پهچائڻ لاءِ ماڳن کي ٺاهي سگھجي ٿو. بهرحال پاڻ ڳالهه گينٽنگ جي پئي ڪئيسين، جتي گھمڻ لاءِ ڪيسينو سان گڏ گينٽنگ گيلري آهي ۽ ٿيم پارڪ ان کان علاوه ڪيترائي شاپنگ پلازا جا آهن جيڪي گھمي ڪري وري ٿورو ٻاهر نڪري ٿڌ جو مزو وٺي پوءِ ڪافي پيئڻ جو مزو وٺجي، اسان کي گينٽنگ تي ماني زوهيب کارائي، جنهن جا ريٽ به ڪولالمپور جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي هيا، ڪولالمپور ۾ جيڪو ناسي آيام 6 رنگٽ ۾ ملي اهو هتي 16 رنگٽ ۾ پئي مليو، ائين جيڪو ميڪڊونالڊ جو برگر ڪولالمپور ۾ 12 رنگٽ ۾ ملي اهو گينٽنگ ۾ 16 رنگٽ ۾ پئي مليو، ڪافي ۽ چانهن پڻ ڪجهه مهانگي هئي ايئن مجموعي طرح گينٽنگ تي هوٽل به مهانگا آهن، جنهنڪري ماڻهو گهمي ڦري رات جو واپس اچي ڪولالمپور ۾ هوٽلنگ ڪري ته بهتر آهي. اسان کي پهرين زوهيب گينٽنگ تي ماني کارائي ۽ پوءِ گينٽنگ کان هيٺ پنهنجي رهائشي علائقي ۾ وٺي ويو، جيڪو به چڱو خاصو شهر هو، اتي ماماڪ جي هوٽل تي چانهن پيئاري ۽ ٻڌايو ته مٿي گينٽنگ تي رهائش الاهي مهنگي آهي ۽ هتي ان جي اڌ قيمت کان به سستي، جڏهن ته ٿڌ به هتي ڪجهه برداشت جوڳي آهي مٿي تمام گھڻي ٿڌ ٿئي، ان ڪري آءٌ هتي رهان ٿو. حالانڪ گينٽنگ جي چوٽي کان هيٺ لهي، گاڏي جو رستو صرف 15 منٽن جو هو پر ٿڌ واقعي گھٽ هئي..