سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

نوجوانن کان اسان پوڙهن جي انگريزي بهتر آهي.

جوهر جي بادشاهه جو بيان اخبار ۾ ڇپيو ته اڄڪلهه حڪومت جيڪا سائنس ۽ ميٿ کي ملئي ٻوليءَ ۾ پڙهائڻ جي پاليسي ٺاهي آهي ۽ انگريزي ٻوليءَ تي اسڪولن ۾گھٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ائين نه ڪيو وڃي، جو اسان پوڙهن جي انگريزي اڄ جي نوجوان کان بهتر هجي. مسقبل جا چئلينجز نوجوانن کي فيس ڪرڻا آهن ۽ دنيا ۾ انگريزيءَ جي اهميت تمام گھڻي آهي. انڪري حڪومت، سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ انگريزيءَ تي خاص ڌيان ڏيئي، ته جيئن ملائشيا جي هر نوجوان جي پنهنجي ملئي ٻوليءَ جيان انگريزي به بهتر هجي.