ملائشيا تي هڪ نظر
هتي ڪولاالمپور کان ويندي هر وڏي شهر جي مارڪيٽن، شاپنگ سينٽرن ۾ اردو سمجهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ پاڪستاني، بنگالي، انڊين، ڪشميري، نيپالي به جام آهن، جنهنڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي تمام گھڻي آساني ٿئي ٿي. هي ملڪ ٽن آبادين تي مشتمل آهي جن ۾ ملئي، چائنيز ۽ انڊين شامل آهن. ملئي سڀ مسلمان آهن ۽ پاڻ کي هن ملڪ جا ڀوميپترا يعني ڌرتيءَ جا پٽ سمجهن ٿا، پر اهم نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه ته هنن ئي جهنگن ۾ ملئي قوم کان به اڳ جا ڪجهه ماڻهو رهندڙ آهن، جن کي اورنگ اصلي ‘orang asli’ چيو وڃي ٿو يعني اصلوڪا ماڻهو. اورنگ اصلي به آهن ته کين ملئي ۽ ڀوميپترا به سمجهيو وڃي ٿو، پر مزي جي ڳالهه ته انهن جي مقابلي ۾ ملئي ماڻهن کي اورنگ اصلي ڪونه چيو وڃي ٿو. هي سڃاڻپ صرف آڳاٽي زماني کان هتي جي جهنگن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مليل آهي. اورنگ اصلي ماڻهن کي ڀوميپترا وارا سمورا حق به مليل آهن ته وري انهن کان ڪجهه وڌيڪ قانوني حيثيت ۽ رعايتون به. ائين سمجهيو سنڌي سماٽ ملئي ڀوميپترا آهن پر هتان جا اورنگ اصلي وري ڀيل ۽ باگڙي آهن، جنهنڪري انهن کي ڀوميپترا يعني ڌرتيءَ جا پٽ (son of the soil) به چيو وڃي ٿو، ته وري اورنگ اصلي به.
مجموعي طور ملئي ۽ اورنگ اصلي ملائشيا جي آباديءَ جو 55 کان 60 سيڪڙو آهن. ان کان پوءِ سڀ کان وڏي آبادي چائنيز ماڻهن جي آهي، جيڪي تقريباَ 30 سيڪڙو ٿيندا، باقي انڊين آبادي آهي جيڪا تقريباَ سموري آبادي جي 10 سيڪڙو ٿيندي. هن ملڪ ۾ چائنيز ڪجهه انگريزن جي زماني ۾ آيا پر ڪافي اڳ ۾ به ايندا رهيا آهن، ويندي 15 صدي جي ملئي بادشاه، چائنيز راڻي به پرڻائي آيو هو، جنهن سان به سندس نوڪر ۽ نوڪرياڻين جو ڪافي تعداد ملائشيا آيو، ۽ اهڙيءَ طرح چائنا جي ماڻهن جي اچ وڃ ٿيندي رهي، ۽ ان وقت جي آسام رياست کان بچاءَ لاءِ ملئي بادشاه جو چائنا کان مدد وٺڻ جو معاهدو به ٿيل هو، پر چائنيز جي گھڻائيءَ جو اچڻ انگريز دؤر ۾ ٿيو، جو ٽن (Tin) ڪڍڻ لاءِ انگريز دؤر ۾ مزدوري ۽ واپار لاءِ چائنيز آيا يا وري چائنا ۾ قدرتي طور تباه ڪارين ۽ بيمارين کان به بچڻ لاءِ انهن جو هن پاسي ڏانهن اچڻ ٿيندو رهيو.
هتي انگريز جي اچڻ ڪري ڪافي واپار ۽ اچ وڃ ٿي رهي هئي، انڪري پسگردائيءَ جي ملڪن جا ماڻهو ايندا رهيا. ائين ئي وري انڊين جي گھڻائي به انگريزن جي زماني ۾ هتي آئي پر انهن کان پهرين به انڊين ماڻهن جو هن پاسي اچڻ وڃڻ رهيو آهي. انڊين آباديءَ ۾ سائوٿ انڊين جن ۾ تامل، مدراسي گھڻا آهن، ان کان پوءِ سردار سک، پنجابي، پٺاڻ ۽ سنڌي هندو به آهن. هي سڀ ماڻهو الڳ الڳ مذهب، ٻولي، رسم رواج، ثقافت، لباس ۽ رهڻي ڪهڻي، کاڌي پيتي جي باوجود به امن امان ۽ سک شانتيءَ سان رهيا پيا آهن، هتي مسجدن جيترا ئي مندر آهن، انڊين مندر به، ته چائنيز لاءِ الڳ عبادتگاهون، هندو مذهب لاءِ الڳ، ته ٻڌ مذهب لاءِ الڳ. وري سردار سکن لاءِ به الڳ گوردوارا ٺهيل آهن. ڪنهن کي ڪا جھل نه پل هر ڪو پسي پرين کي، واري ڪار لڳي پيئي آهي.
لباس به هر ڪو الڳ الڳ نموني جو پائي ٿو، جتي مسلمان ملئي عورتون پنهنجي روايتي لباس باجو ڪورونگ ۾ ڊگهي چولي ۽ شلوار ۾ آهن يا وڌ ۾ وڌ مڪمل پينٽ شرٽ ۾ ۽ اسڪارف سان مٿو ڍڪيل هوندن، انهن جي ڀيٽ ۾ چائنيز وري نيم اگھاڙا يعني هاف پينٽ وارا نيڪر ۽ ٽائيٽ شرٽ يا گنجي نما شرٽن ۾ پيا نظر ايندا. ائين وري انڊين پينٽ سان گڏ ساڙهين ۽ شلوار قميصن ۾ به پيا نظر ايندا، ته وري پينٽ شرٽس ۾ به. سندن لباس ملئي مسلمانن ۽ چائنيز جي ڀيٽ ۾ وچٿرو هوندو اٿن، ڀلي کڻي گھر هڪٻئي جي پاسي ۾ اٿن پر پهريندا، کائيندا، پنهنجيءَ پنهنجيءَ مرضيءَ سان. هر ڪو جيئن عبادت الڳ الڳ ڪري ٿو، رهن به ٿا ائين ئي ويجهو هوندي به الڳ الڳ. اسان کين پاڻ ۾ ايندي ويندي ته پري جي ڳالهه آهي پر ڳالهائيندي به ڪونه ڏٺو آهي، پر مجال آهي جو ڪڏهن هڪٻئي کي ڊسٽرب ڪن يا ڪجهه گھٽ وڌ چون، حڪومت جو سخت قانون آهي يا وري ماڻهن جي سوچ ڀلي آهي جو ايترو امن امان سان رهيا پيا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي ڪرت سان مصروف آهن. مسلمانن جون مسجدون ته بهترين ۽ خوبصورت ٺهيل آهن، ٿوري ٿوري فاصلي سان هر علائقي ۾ عاليشان مسجدن جو ڄار وڇايل ٿو لڳي. اتي خوبصورت چائنيز مندر به آهن پر هنن ماڻهن ۾ هر هنڌ دڪان سان گڏ به ته اسڪول سان گڏ به ننڍڙو مندر رکڻ جي عادت آهي جيڪو ٿيندو ڪوئي 3 باءِ 4 جو پر ان ۾ اندر گڏين جهڙو مجسمو رکيل هوندو ۽ ان ۾اگربتيون به ٻاريندا ته وري نارنگيون ۽ تيل جي هڪ عدد بوتل به پيل هوندي ته هڪ ننڍڙو ڏيئو به پيو ٻرندو.
هي ملڪ سمجهڻ ۾ سولو آهي. مون کي ڪولالمپور ته تمام سولو لڳو آهي، هتي تقريباَ ڪم ڪار، خريداري ۽ گھمڻ ڦرڻ وارين جڳهين تي ٽرين ذريعي به وڃي سگھجي ٿو، جو هر اهم جڳهه تي ٽرين جو اسٽيشن ٺهيل آهي، ان کان علاوه بس تي به وڃي سگھجي ٿو، اها به مفت جي بس، جيڪا صرف سياحن لاءِ مخصوص آهي ۽ چار مختلف رستن سان سڄو ڪولالمپور گھمائي ٿي وڃي. اهڙي طرح ڪرائي واريون بسون به آهن، ان سان گڏ ٽيڪسي جو ته آپشن آهي ئي آهي. باقي ملائشيا جي ٻن شهرن، ڪولالمپور ۽ پنانگ ۾ (hop on and hop off) بس سروس به آهي، جيڪا 45 رنگٽن ۾ سڄو شهر گھمائي ٿي. هتي جي ٽرين ۾ مونوريل به آهي جيڪا فلاءِ اور تي هلي سڄي شهر جو نظارو پَسائي ٿي ته وري مختلف روٽس تي هلندڙ LRT ۽ KTM ٽرينون به آهن، ته وري ايئرپورٽ کان شهر تائين فاسٽ ٽرين (KLIA Express) به آهي، هي ٽرينن جو ڄار کڻي ڪولالمپور جي سڄي شهر ۾ آهي پر ڪولالمپور کان سموري ملڪ جي اهم شهرن کي ڪولالمپور کي ڳنڍي به ٿو، جو تقريباَ هر رياست جي اهم شهر لاءِ صرف ڪولالمپور کان نه پر مختلف شهرن کان هڪٻئي ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ ٽرينون آهن.
ميٽر تي هلندڙ ٽيڪسي ڪولالمپور جي ٽريفڪ ۾ خاص طور آفيس جي اچڻ ۽ موڪل واري وقت ڪافي مهانگي پئجي سگھي ٿي. انڪري ٽيڪسي بجاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪجي ته پيسن سان گڏ وقت جي به بچت ٿيندي ته وري سڪيورٽي به وڌيڪ ٿئي ٿي. وري ڪنهن بيڪار ڊرائيور کان به بچاءُ ٿي وڃي ٿو. ڪولالمپور ۾ جتي شاپنگ مال ۽ رهائشي هوٽل ججهي تعداد ۾ آهن، اتي کائڻ پيئڻ وارا هوٽل به جام آهن. منهنجي خيال ۾ ايترا کائڻ پيئڻ وارا هوٽل شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجن. هتي سڀ کان وڏو ڪاروبار اِهي هوٽل لڳن ٿا. وڏي ڳالهه ته ڪو به هوٽل خالي نه ملندو، مون کي ته لڳندو آهي ملئي ماڻهو 4 دفعا ماني ٿا کائن، صبح ناشتو وري 12 بجي وري 4 جي وري 8 بجي. مطلب هر وقت هوٽل ڀريل ملندا. هتي کاڌو سستو هجڻ ڪري يا لوڪل ماڻهن جي نوڪرين ۽ بزنس جي ڪري جو عورتون به سڀ پڙهيل لکيل ۽ نوڪري ڪرڻ واريون ٿين يا سستيءَ جي ڪري جو ملئي خاص طور سُست قوم لڳندي آهي. شايد مٿين سببن جي ڪري هيءُ ماڻهو گھرن ۾ کاڌو تمام گھٽ پچائن يا ته پچائيندا ئي ڪو نه هجن جو هوٽلن تي هر وقت رش مان، ٻيو ڇا سمجهجي.
ملائشيا ۾ امن امان آهي اهڙو ڪو وڏو مسئلو نه ٿيو آهي پر احتياط ضروري آهي. جيئن چوندا آهن احتياط ئي علاج آهي اهڙي طرح ڪنهن به ڌارئي ملڪ ۾پوءِ چاهي سعودي عرب ئي ڇو نه هجي، احتياط ڪرڻ گھرجي، هتي اسان سان ته ڪو اهڙو مسئلو ٿيو نه آهي پر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي يا اخبارن ۾ به پڙهيو آهي ته چوري يا ڦر وغيره ٿئي ٿي. اهو الزام اڪثر تامل انڊين تي لڳندو آهي، ته اهي ٿا ڪن. اهڙيون وارداتون اڪثر اڪيلي ماڻهو سان ٿين، جڏهن ڪنهن گھٽي ۾ يا ڪنهن پارڪ مان گذرندو هجي يا وري رات جو دير سان ڪو گھمندو يا ٻاهري نڪرندو هجي، ان لاءِ احتياط ڪجي، ڪنهن سنسان يا گھٽ ماڻهن واري جڳهه تي گھمڻ کان يا رات جو دير سان نڪرڻ کان. اهو سڀ ورلي ٿئي ٿو نه ته ڪولالمپور محفوظ شهر آهي پر احتياط ڪرڻ گھرجي، احتياط ڪرڻ ئي يونيورسل نسخو آهي، هر پريشاني ۽ بيماري کان بچڻ جو. ملائشيا ۾ پبلڪ گاڏيون محفوظ آهن، اهي استعمال ڪجن ته بهتر آهي.
ملائشيا جيترو قدرتي طرح وسڪاري وارو ملڪ آهي، اوترو ئي وري وڻن ۽ گلن سان ڀريل سائو، شاداب ۽ خوبصورت ملڪ آهي. نظارن سان ڀرپور ملڪ، چاهي گھر جي گيلري ۾ بيهي ڏسو يا وري روڊ رستن سان سفر ڪندي يا فٽ پاٿ سان پنڌ ئي پنڌ ايندي ويندي، توهان کي هر هنڌ وڻ ۽ سائي ڇٻر ضرور نظر ايندي.، سواءِ وچ روڊ ۽ گھرن جي ڇتين جي، باقي هر هنڌ ساوڪ ئي ساوڪ. پر ان قدرتي خوبصورت ماحول جي برعڪس وري هتان جا ملئي ماڻهو ۽ تامل انڊين ته صفا پورا سارا آهن. ائين کڻي چئجي جيڏو ملڪ قدرتي نظارن سان سهڻو آهي ته وري ايترو ئي نارمل شڪل شبيهه وارا ملئي ماڻهو آهن. تامل ته رنگ ۾ ڪارا آهن ۽ مهانڊن ۾ پورا سارا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ ملئي مسلمان، رنگ ۾ ته نارمل آهن پر مهانڊا به صفا پورا سارا اٿن، نڪ بينو يا نُٽو ته وري جسم ٿُلهو ۽ بيڪار، ورلي ڪو سهڻن مهانڊن سان مرد يا عورت نظر ايندي آهي ته پڪ هوندي آهي ته ڪراس بريڊنگ آهي، جو پڪ ڪرڻ خاطر ڪجهه ماڻهن کان پڇيو به ته ٻڌائيندا آهن، والد پاڪستاني آهي، يا وري انڊين يا وري عرب يا وري البينين يا وري رشيا جي مختلف مسلمان رياستن جيئين ازبڪ، يا وري آفريڪن. باقي ٽيون نسل جيڪو چيني ماڻهن جو آهي، هي به يورپين يا رشين وانگي يا اسان پاڪستاني ۽ اتر انڊيا جي ماڻهن وانگي يا ايراني، افغانستانين وانگي ته سهڻا ڪونه آهن پر وري به ڪجهه ماڻهو خوبصورت به ٿين ٿا، خوبصورت شايد ان ڪري به لڳن ٿا، جو ڪجهه لباس جو ڪمال اٿن، ڪجهه سمارٽ هجڻ جو ۽ گڏوگڏ ڳاڙهو نه سهي پر سفيد يا خاڪي رنگ جو به ڪمال آهي. انهن سببن ڪري وري به چائنيز ڪجهه پر ڪشش لڳن ٿا.
ملئي عورتون ته مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿلهيون آهن، ايتري حد تائين جو هر ٽن عورتن ۾ ٻه عورتون توهان کي ٿلهيون لڳنديون. مرد به ٿُلهائپ جو شڪار آهن پر عورتن جي ڀيٽ ۾ گھٽ. ملئي ماڻهو سراسري طرح سال ۾ 85 ڪلو چانور کائي ٿو، ۽ ملائشيا ۾ ماڻهن کي چانورن سان گڏ شربت پيئڻ جي عادت آهي، ائين سمجهيو ته شربت جي گلاس کان سواءِ کاڌو کائيندا ئي ڪونه، جيئن اسان وٽ ڪجه ماڻهن کي هر گره سان پاڻي پيئڻ جي عادت هوندي آهي، بلڪل ائين ئي هتي هر ماڻهو کي چانورن سان گڏ شربت جو گلاس لازمي هوندو آهي. جنهن ڪري به شايد سندن ٿُلهائپ ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو. صبح جو پارڪ مان گذر ٿيندو ته چيني ماڻهن سان پارڪ ڀريل نظر ايندو، جيڪي مارننگ واڪ سان گڏ مختلف مشقون به پيا ڪن، ته وري ڊانسون به پيا ڪن، پر انهن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪو هڪ يا ٻه ملئي مسلمان واڪ ڪندي نظر ايندا. پارڪ ۾ نظر گھمائيندي ائين لڳندو آهي ڄڻ چائنا ۾ هججي، پر وري جڏهن صبح جو ڪنهن هوٽل اڳيان گذر ٿيندو آهي، ته ناشتي تي ايترا ته ملئي نظر ايندا آهن جو پڪ ٿي ويندي آهي ته ملائشيا ۾ ئي آهيون.
ملئي مسلمانن جي اڪثريت سرڪاري نوڪرين ۾ آهي ۽ چينين جي اڪثريت وري ذاتي ڪاروبار ۽ انڊسٽري ۾ آهي. انڊين جي گھڻي تعداد هوٽلنگ جي ڪاروبار ۾ به، ته وري زمينن سنڀالڻ ۾ به. هتي رهندڙ ڪاري رنگ جي تاملن کان منهن مهانڊن ۾ آفريڪن ماڻهو وڌيڪ پرڪشش لڳن ٿا. هتي هزارن جي تعداد ۾ آفريقا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو به رهن پيا. ڪجهه اقوام متحده جا پناهگير آهن ته وري اڪثريت هتي اعلٰي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل شاگردن ۽ سندن فيملين جي آهي، جو آفريقا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ امن امان نه هجڻ يا وري يورپ ۾ سختي هجڻ يا وري ويزا جا مسئلا ۽ مهانگائي هجڻ ڪري هيڏانهن اچن ٿا، ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي بهاني رهيا پيا آهن يا اقوام متحدا جي امداد ۽ سهولتن جي ڪري رهيل آهن.
مقامي ملئي ماڻهن کي هر سهولت سَستي ڪوٽا ۾ مليو وڃي ٿي، ته وري تامل ۽ چيني کي امن امان ۽ بهتر ڪاروبار ڪرڻ جون سهولتون ۽ ماحول مليل آهي، جنهنڪري انهن جو ڌنڌو به بهترين هلي ٿو. جنهنڪري هتان جا چيني ۽ تامل به ملئي ماڻهن جهڙي سکي ستابي، خوشحال زندگي پيا گذارين پيا. ملائشيا ۾ پاڪستانين جو به چڱو تعداد آهي، پر گھڻائي انڊونيشيا ۽ بنگلاديش جي ماڻهن جي آهي. هتي پاڪستاني اڪثر سيڪيورٽي گارڊ يا وري وڏن اسٽورن تي ڪم ڪندي نظر اچن ٿا. ان کان علاوه پٺاڻ پاڪستانين جا ۽ پنجابين جا گارمينٽس، ڪارپيٽس وغيره جا دوڪان به نظر اچن ٿا. هوٽلون به جام اٿن ته سيڪنڊ هينڊ فرنيچر، ٽي وي، فرج جا دوڪان به پنجابين ۽ پٺاڻ پاڪستانين جا آهن، اسان جي سنڌين جا به ايڪڙ ٻيڪڙ دوڪان آهن جيئن جي ايم پلازه ۾ سرويچ اوڍي صاحب جو گھڙين، گھڙيالن ۽ پرس وغيره جو دوڪان يا وري لويت پلازه ۾ سميجن جو ڪمپيوٽر سيلنگ ۽ ريپيئرنگ جو ڪاروبار آهي، ائين هڪ هوٽل شاه صاحب جو به آهي.
ملئي مسلمان ته صفا رِزَرو طبعيت جا آهن، ملڻ جلڻ ۽ ڳالهائڻ جا صفا پڪا آهن، پنهنجي منهن سان رهن، جي ڪم ڪار يا پڙهڻ دوران يا گھمڻ دوران ڪنهن سان واسطو پئي به، ته ٻئي دفعي ملڻ سان ڪو تاثر ڪونه ڏيندا. پاڻ ڪو ملي خير خيريت پڇين ته ان جو فقط جواب ڏيندا، وڌيڪ پاڻ ڪونه پڇندا. مطلب ڄڻ چوندا هجن پنهنجي ڪم سان ڪم رکو، گھڻو فري نه ٿيو. باقي رستي ۾ گڏ هلندي يا ڪنهن بس ٽرين ۾ گڏ ويٺي هوندي سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته ڪو پاڻ اڳرائي ڪري ڳالهائين، پر ڪا ڳالهه پڇبن ته اهو ٻڌائيندا. پر ان جي ڀيٽ ۾ چينين ۾ صرف اها عادت آهي ته جي ننڍا ٻار گڏ ڏسندا ته ضرور انهن کي پيار ڪندا ۽ پڇندا ته ڪٿان آيا آهيو، پر ملئي ماڻهن جي رويي تي ته ٻارن جي موجود هجڻ سان به ڪو اثر ڪونه پوي ٿو.
ملئي ڪم ڪار جا سست ٿين
ملئي مسلمان جيترا کائڻ جا شوقين آهين، ايترا ئي ٿولهه جو شڪار آهن، تنهنڪري سست به جام آهن جو 10 منٽن جو ڪم اڌ ڪلاڪ ۾ پيا ڪندا، پر ڪم ۾ لڳا پيا هوندا آهن ۽ جيستائين پهريون ڪم پورو نه ڪن، تيستائين ٻيو ڪم شروع ڪونه ڪندا، پوءِ چاهي پهرين ڪم ۾ هڪ کان ٻه ڪلاڪ لڳي ڇونه وڃن. حقيقت ۾ سسٽم ٺهيل به اٿن، انڪري به سندن ڪم نبريو وڃن ٿا. ڪنهن به ڪم ۾ ڪنهن سبب ڪري اڙي ڪن ته اهو ڪم بلڪل به نه ڪندا، پر عام طور تي ڄاڻي ٻجهي ڪونه رولائين. جنهنڪري ڪم ۾ ٽائيم لڳي پر ڪم ٿيو وڃي. آفيس ۾ به پوري ٽائيم تائين ويهڻ جي عادت اٿن، جنهنڪري به روزاني جا ڪم ڪري ڪري نڪرن. حقيقت ۾ ڪنهن به آفيس ۾ مينوئل ڪم ته ٿين ڪونه هر شعبي ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم اٿن، جنهنڪري اڌ ڪم يا اڌ رڪارڊ ته پهرين داخل ٿيل هجي ٿو باقي رهيل معلومات اڳيان واري کان پڇي پورو ڪن.
مطلب ته سُسُت طبعيت جا مالڪ ضرور آهن پر ڪم نه ڪرڻ جي نيت ڪونه هوندي اٿن. اسان وٽ ته نه صاحب ملندو نه صحي ڪندو، پر جي صاحب هوندو ته پٽيوالو سولو ملڻ ڪونه ڏيندو، بس ماڻهو پيو پنهنجي جائز ڪم لاءِ جتيون گسائي پر هتي ائين ڪو نه آهي، نه پٽيوالو ٿئي نه وري ڪو اسٽاف سان ڊائريڪٽ سڃاڻپ جي ضرورت پئي، اجائي ٽال مٽول به ڪونه ڪن، ڪاغذ پورا آهي ته جلد کان جلد ڪم ٿيو وڃي باقي جي نه آهي ته پوءِ هتان ٿيڻ مشڪل آهي، ڪو به آسرا ڏيئي ڪونه رلائيندا. هتي سڄو سسٽم ڳنڍيل هجڻ ڪري هڪ جڳهه تان فائل آيو ته ڄڻ سڀني کي خبر آهي. اسان وٽ ائين نه آهي، جنهن وٽ درخواست جمع ٿي، جي اهو ملازم نه آيو، نه مليو، يا نه ٺهيو ته ماڻهو پيو رلي، پر هتي هر شيءِ جو سسٽم آهي، ۽ جائز ڪم آرام سان ٿي وڃي ٿو. ها باقي جيترا ڪم ڪرڻ جا ڍرا آهن، ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم نه هجي ها ته ضرور ڪم کي اڪلائڻ ۾ ٽائيم وٺن ها پر روڪين يا رلائين ڪونه ها.
ملائشيا ۾ ميڊيا جو ڪردار
ملائشيا ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ٻه الڳ الڳ رخ آهن، جتي پرنٽ ميڊيا ۾ هر ڳالهه پوءِ اها مذهبي هجي يا وري سياسي، تي کليل لکيو وڃي ٿو، ها باقي اليڪٽرانڪ ميڊيا يعني ٽيليويزن چينلن تي اجايا بحث مباحثن وارا پروگرام نه آهن ۽ نه ئي وري ڪو 24 ڪلاڪ خبرون هلن، اڪثر حڪومت جي ڪارڪردگي جي تعريف ۾ خبرون هلن يا وري روز عام جو خبرون، اسان جي ملڪ جي چينلز جيان نه ڪا هاٽ نيوز، نه ڪا بار بار بريڪنگ نيوز، صفا سڪون لڳو پيو آهي، البته ڪجهه بريون خبرون به هونديون آهن، جيئن ڪٿان چوري ٿي يا وري ڪو فراڊ ٿيو يا وري غير قانوني رهندڙ ماڻهن مان ڪجهه پڪڙيا ويا، يا آنلائين فراڊ ڪندڙ لاٽري هلائيندڙ ٽولو پڪڙيو ويو يا غير قانوني طرح جسم فروشي جي الزام ۾ ڪجهه گروه جي پڪڙ وغيره وغيره واريون خبرون نشر ٿينديون. خبرون ٽنهي ٻولين ۾ مقرر ٽائيم تي هلن ٿيون. روزاني 8 کان 9 رات جو پهرين ملئي پوءِ چائنيز ۾ پوءِ وري تامل زبان ۾ خبرون نشر ٿين ٿيون. بهرحال پوليس جي تعريف ۾ تمام گھڻيون خبرون هلن ٿيون، ايتريون گھڻيون تعريفون هلن جو هتي جو IGP ( انسپيڪٽر جنرل پوليس) جيڪو پوري ملائشيا جي پوليس جو سربراه آهي، ان جي باري ۾ به خبر ايتري لڳندي آهي جيتري خبر هتان جي وزيراعظم جي سرگرمين جي باري ۾ لڳندي هوندي. حالانڪه حقيقت اها آهي ته هتان جي پوليس انٽرنيشنل ماڻهن لاءِ ڀلي نه آهي، بين الاقوامي رهاڪو جيڪڏهن ٿورو به وڪڙ ۾ آئين ته خرچي وٺي پوءِ ڇڏيندس. ان لاءِ پوليس واري وٽ عام لفظ آهي ته آءٌ توهان جي مدد ڪري سگھان ٿو، جي توهان منهنجي مدد ڪريو ته. سندن مدد ڪرڻ معنيٰ کيس رشوت ڏيڻ آهي. هتان جا پوليس وارا 20 رنگٽ کان 200 تائين رشوت وٺن ٿا. ان لاءِ کين سڀ کان سولو ماڻهو اهو آهي، جنهن وٽ گاڏي هجي پر ملائشيا جو ڊرائيونگ لائسنس نه هجيس، پوءِ ڀلي کڻي انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس هجيس پر ملائشيا جو نه هوندس، ته ڪونه ڇڏيندس. ٻيو جي اتفاق سان پاسپورٽ ساڻ نه آهي ۽ گھر رهجي ويو، ته به ڪوشش ڪري اسٽوڊنٽ ڪارڊ ڏيکارڻ کان پوءِ به خرچي وٺندس يا ٿاڻي تي وٺي ويندس. تنهنڪري ملائشيا ۾ پاسپورٽ هر وقت پاڻ سان گڏ رکجي ته بهتر آهي. بهرحال ڳالهه پئي ڪئي ميڊيا جي ڪردار جي سو مجموعي طرح هتي خبرن ۾ سڪون آهي، نه ته اسان وٽ ڳڻڻ کان وڌيڪ نيوز چينل ٿي ويا آهن جو هر هنڌ ٽي وي تي خبرون پيو هلنديون، پوءِ کڻي اسپتال هجي يا گھر يا دوڪان يا آفيس، هر پنجن منٽن کان پوءِ ڪا نه ڪا بريڪنگ نيوز هوندي ئي هوندي آهي، جنهنڪري ڄڻ اسان سڀ يرغمال لڳا پيا هوندا آهيون، پر ملائشيا ۾ اهڙو ڪو مسئلو نه آهي. هتي سياست سياسي پارٽين حوالي آهي، نه ڪي ٽيليويزن چينلن جي. عام ماڻهو پنهنجي ڪم ڪار ۾ لڳو پيو آهي، جنهن ڪري هتي نه ڪنهن آفيس جو ڪم ڪار پينڊنگ ۾ رهي ٿو، نه وري ڪنهن شاگرد جو هوم ورڪ رهجي ٿو ۽ نه ئي وري ڪو دوڪاندار ڪنهن واقعي جي خبر ٻڌندي دوڪان جا ڇٽر هيٺ ڪري گھر وڃڻ جي ڪري ٿو.
ملائشيا ۾ بنيادي سهوليتون
ملائشيا جي هر شهريءَ لاءِ بغير ڪنهن فرق جي، تقريباَ هر بنيادي سهوليت ميسر آهي. امن امان آهي، روڊ رستا بهترين ٺهيل آهن، شهر کان ٻهراڙين تائين بهترين رستا آهن، سڀ وڏا شهر پاڻ ۾ ريلوي لائين ذريعي ڳنڍيل آهن. توانائيءَ جو ڪو بحران نه آهي، بجلي وڃي ئي ڪانه، ۽ نه ئي وري گئس جي ڪا گھٽتائي آهي. ٽرانسپورٽ بهترين آهي، شهرن ۾ هلڻ لاءِ گورنمينٽ جي بهترين ايئرڪنڊيشنڊ لوڪل بس سروس به آهي ته مختلف شهرن جي وچ ۾ هلندڙ مختلف بس سروسز به آهن. هتان جي لوڪل ٽرانسپورٽ، اسان جي ڪراچيءَ کان حيدرآباد يا وري ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ بسن کان بهتر ۽ ڪُول آهي. فضيلت سان بيهي ۽ ماڻهو لاهي ٿي، نه ڪي اسان جي ڪراچيءَ جي بسن وانگي ڀڄائي ڀڄائي چاڙهي ۽ لاهي ٿي. هتي جي ماڻهن کي ڌنڌو ڌاڙي لاءِ قرض به آساني سان ملي ٿو، ته وري آسانيءَ سان ئي نوڪريون به مليو وڃن ٿيون. هتي پنهنجو بزنس ڪرڻ جو رجحان به گھڻو آهي. مجموعي طرح ملڪ مستحڪم آهي، جنهنڪري هتي بزنس ڪندڙ ماڻهو آسانيءَ سان ڪامياب ٿيو وڃي ٿو. صحت ۽ تعليم جون سهوليتون هتي جي ماڻهن لاءِ مفت آهن. هتان جي ماڻهن جي آمدنيءَ جي حساب سان مهانگائي ايتري گھڻي نه آهي، جنهنڪري هتان جا ماڻهو کائڻ پيئڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ ۾ لڳا پيا آهن. ائين کڻي چئجي ته ٻهراڙي جي ماڻهو کي زمين آهي، گھر آهن، پاڻي، بجلي، گئس، روڊ، اسپتال، اسڪول ويندي فيڪٽرين جي سهولتون به آهن ته وري شهر جي ماڻهو کي انيڪ روزگار جا موقعا ۽ نوڪريون وغيره ميسر اٿن.
ملائشيا ۾ سياحت
ملائشيا ۾ سياح تمام گھڻا اچن ٿا. سياحن جو تعداد تمام گھڻو هجڻ ڪري ملائشيا، دنيا جي ٽوئرزم جي حوالي سان ٽاپ ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو، جنهنڪري ملائشيا جي معيشيت ۾ ٽوئرزم جو به تمام گھڻو حصو شامل ٿئي ٿو، ويندي ملائشيا جي ٻهراڙين جا گھٽ پڙهيل به ڪمايو ويٺا آهن، حالانڪه هي ملڪ نه ايڏو پراڻو آهي، نه ئي وري ڪو ايڏو تاريخي آهي پر هتي جي جيڪا به تاريخ آهي، سا رڳو محفوظ نه پر سنواري سينگاري دنيا آڏو پيش ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري هتي ايندڙ سياحن جي ايتري رش آهي، جيتري انڊيا جي تاج محل تي سياحن جي هوندي آهي. هتي گھمڻ لاءِ ڪوٽ قلعا به آهن، ته مسجدون، مندر ۽ گرجا گھر، ديول، گردوارا به، ته وري عاليشان باغ باغيچا، گھڻ ماڙ عمارتون به، ته شاپنگ پلازا به ته، جوا خانا به، خوبصورت ترين پهاڙي علائقا به آهن، ته وري سهڻا ٻيٽ ۽ سامونڊي ڪنارا به آهن. هتي جا شهر پر رونق، روشنين ڀريا، سهڻا ۽ ترتيب وارا آهن، جن مان ملائشيا جو ماڊرن شهر ڪولالمپور سر فهرست آهي، ته وري تاريخي شهر ملاڪا به پنهنجي پوري تاريخ سميت خوبصورت ۽ تازو توانو لڳي ٿو. ائين ئي پنانگ آهي، جتي به جديد زندگيءَ جا سڀ رنگ به آهن ته قدرتي سڪون به، ائين لنڪاوي ٻيٽ آهي، جتي پهچي ماڻهو پنهنجون سڀ پريشانيون وساري قدرت جي قريب ٿي وڃي ٿو. پتراجايا به آهي جتي وزيراعظم ۽ سندس سيڪريٽريٽ آهي، اهوبه ڏسڻ وٽان آهي. ائين وري ڪولالمپور ڀرسان شهر شاه عالم به آهي جيڪو به گھمڻ وٽان آهي.
ملائشيا جي موسم
ملائشيا جو هر شهر ۽ ڳوٺ قدرتي طرح سهڻو ۽ سائو ستابو آهي جو هتي روز برسات نه سهي پر هفتي جا ٻه چار ڏينهن ضرور پوي ٿي. هتي جڏهن برسات آهي، ته موسم وڻندڙ ٿئي ٿي، نه ته موسم جھڙالي آهي، ته به مزو آهي پر جي نه برساتي موسم هجي، نه ئي جهڙالي ته وري پوءِ سج جي تيز تپش ٿئي ٿي ۽ تمام گھڻي گرمي جنهنڪري پنڌ هلڻ سان ماڻهو ٿڪجي پوي ٿو. هتي ڇَٽِيءَ کان سواءِ نڪري نه ٿو سگھجي جو اها برسات ٿئي ته مينهن کان بچڻ لاءِ ڪم ايندي ۽ جي سج نڪتل آهي، ته به سج جي سڌي پوندڙ ڪرڻن کان بچڻ ۾ ڪم ايندي.
ملائشيا جي ترقي ۽ مستقبل
ملائشيا جي سموري ترقيءَ جو راز، هتان جي ليڊرشپ جو ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ ۽ تعليم تي خصوصي توجهه ڏيڻ آهي. هتي ٻاهرين ڪمپنين کي تحفظ مليل آهي، جنهنڪري اهي تمام گھڻي تعداد ۾ آهن. حڪومت کي انهن مان ججهو ٽيڪس ملي ٿو ته وري هتان جي عوام کي روزگار. منهنجي اندازي ۽ خيال مطابق، هي ملڪ ٺهي چڪو آهي، بنيادي سڀ ضرورتون پوريون آهن، روزگار جا وسيلا تمام گھڻا آهن، روڊ رستا بهترين آهن، ڪارخانا، فيڪٽريون، اناج، تيل، گيس هر شيءِ موجود آهي، بس هاڻي هن ملڪ کي مستقل مزاجيءَ سان هلائڻ جي ضرورت آهي، ترقيءَ جي ان رفتار کي جيڪڏهن وڌائي نه ٿا سگھن، ته گھٽائي به نه، ته به هي ملڪ آسانيءَ سان ترقي يافته ملڪن جي لسٽ ۾ اچي سگھي ٿو، پر هن وقت جي ليڊرشپ ۾، ڊاڪٽر مهاتير محمد، تن عبدالرزاق ۽ تنڪو عبدالرحمان واري مستقل مزاجي ۽ ليڊرشپ يا ويزن نظر نه ٿو اچي. پر باوجود ان ڪَمي جي، هاڻي به نارمل ٿي ملڪ کي هلائين، ته به ملڪ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، ڪو مسئلو نه اٿس، بس ضرورت شڪر سان گڏ شين جي حفاظت ڪرڻ جي آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جو ملائشيا ترقي يافته ملڪن، جپان يا سوئيڊن جهڙو ٿي وڃي. پر ان لاءِ منهنجي دل ۾ ڪجهه گمان ضرور آهن جو هاڻي هتان جي ماڻهن جو رويو پيٽ ڍوءُ وارو لڳي ٿو ۽ حڪومت ۾ ڪجهه ڪرپشن به وڌي آهي.
* هي مضمون مون 2016ع ۾ لکيو هو، پر سال 2018ع جي اليڪشن ۾ مهاتير محمد جي ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ مان لڳي ٿو ته ملائشيا وري صحيح ڊائريڪشن ۾ اچي ويو آهي، ۽ جن خدشن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، اهي ڪنهن حد تائين گھٽ ٿي ويا آهن.، پر اها به حقيقت اها ته مهاتير محمد آخر ڪيستائين هوندو، ان جو نعم البدل ملائشيا کي ڏاڍو ڏکيو ملي.
منهنجو خيال آهي ته بهترين دورانديش حڪمران ملڪ کي جيڪڏهن وقفي وقفي سان ملندا رهن، ته به ملڪ خوشحال ۽ مستحڪم رهن ٿا پر جي هميشه بهتر حڪمران ملندا رهن ته اهي ترقي يافته ملڪ بڻجي وڃن ٿا. ان جي ابتڙ ملڪ تي ڪرپٽ حڪمرانن جو غلبو رهي، ته اهڙا ملڪ هميشه مسئلن جي ور چڙهيل رهن ٿا، جتي جي عوام کي بنيادي سهوليتن کان محروم رهڻو پوي ٿو. اهڙن ملڪن ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو به وٺي سگھجي ٿو.