ملائشيا جي ڪامياب قومپرست سياست
نوٽ: هي آرٽيڪل 2018ع جي اليڪشن کان اڳ جو آهي، اتفاق سان ملائشيا ۽ پاڪستان ۾ اليڪشن ساڳئي سال ۾ ٿي. ملائشيا ۾ ڊاڪٽر مهاتير محمد جي اتحاد ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ملائشيا ۾ 60 سال اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين اليڪشن هارائي ۽ پاڪستان ۾ به هڪ نئين پارٽي اليڪشن کٽي. ڊاڪٽر مهاتير جتي سندس هميشه مخالف رهندڙ چائنيز جي سخت گير ڊي اي پي پارٽي کي پنهنجو اتحادي بڻايو ته اتي پنهنجي سخت مخالف ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم انور ابراهيم جي پارٽي کي به پنهنجو اتحادي بڻايو. هڪ نئين اتحاد ئي ملائشيا جي تاريخ ۾ تبديلي آندي ۽ ملڪي تاريخ ۾ هميشه حڪومت ڪندڙ اتحاد کي شڪست ڏني.