سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ملائشيا ۾ توهان کي ڪير بهتر لڳا

هيءُ سوال عابده کان سندس ڪلاس فيلو ملئي ڇوڪري ڪيو، عابده کيس جواب ڏنو ته: سڀ سٺا آهن پر تامل انڊين اسان کي وڌيڪ بهتر لڳا. جنهن تي اها ملئي مسلمان ڇوڪري ته حيران ٿي پر مان سمجهان ٿو، ته اڪثر ملائشيا بابت معلومات رکندڙ ماڻهو ٿي سگھي ٿو حيران ٿين. هر ڪنهن جو پنهجو تجربو آهي، ان ڪري ڪير ڪنهن کي بهتر لڳي ٿو، ڪجهه چئي نٿو سگھي. پر اسان جو مجموعي تجربو اهو رهيو ته ٽئي قومون مجموعي طرح امن امان واريون به آهن ته وري ٽنهي جو ڪم يا ڌنڌو ويندي رسم رواج ۽ مذهب به الڳ الڳ آهن پر سندن قومي نعري سَتو ملائشين يعني صرف ملائشيا جي نعري هيٺ سڀ متحد آهن.
اها شڪايت اڪثر ٻڌڻ ۾ آئي ته تامل چوريون به ڪن ٿا ۽ ڦڏئي به آهن، بهرحال اسان جو تجربو اهڙو خراب نه رهيو، جيئن ٻڌوسين. ملئي ماڻهن سان تقريباَ آفيسن ۾ واسطو پوي يا تعليمي ادارن اندر، جيڪي انتهائي درجي جا رزرو آهن البته خير خيريت جو جواب ها يا نه مون ضرور ڏيندا، وڌيڪ فري ٿيندڙ ماڻهو کي ڪجهه چوندا ته ڪو نه پر ان کي فضول ماڻهو ضرور سمجهندا، ۽ ڪوشش ڪندا ته ڪم سان ڪم رکجي. ائين چيني جيڪي بزنس ۾ آهن انهن سان خريد فروخت يا وري سير سفر ۾ ملڻ جلڻ ٿئي ٿو، اهي ان معاملن ۾ انتهائي هوشيار ۽ خوش مزاج ٿين پر تيز ڏاڍا آهن، انهن سان تعلق ڪجهه گھڙين جو آهي جهن ۾ ڪا بدمزگي ته نه ٿئي پر ٻئي ماڻهو جي پنهنجي سياڻپ تي آهي ته چيني ماڻهن سان ميل جول ۾ ڪيترو رعايت يا فائدو وٺي سگھي ٿو. ان کان علاوه انڊين جن ۾ خاص طور تامل قوم آهي جن سان وري هوٽل تي ماني کائڻ دوران يا وري ٽيڪسي ڪرڻ يا ڪنهن اسپتال ۾ يا رستي ۾ يا وري ڪنهن اتفاق سان ماڻهو منهان منهن ٿئي ٿو. هي ماڻهو گھڻي ڀاڱي سٺا آهن، بلڪل ملئي ماڻهن جيان، پر ڪجهه ماڻهو ملئي ماڻهن کان وڌيڪ بهتر آهن، نه صرف ملڻ جلڻ ۾ پر خيال ڪرڻ ۾ ۽ ڳالهه کي سمجهڻ سمجهائڻ ۾. جتي ملئي ماڻهو وڌيڪ بحث ڪري قائل ڪرڻ جي عادت نٿا رکن اتي تامل ماڻهو بحث ڪري قائل ڪري جي ڪوشش به ڪندا ته منهن جي تاثر سان پنهنجائپ ۽ پيار سان ڳالهه به رکندا. پر انڊين جي ڀيٽ ۾ ملئي جي خبر نه پوندي ته همراه ڪاوڙ ۾ آهي يا خوش آهي، آيا اسان جي ڳالهه خراب پئي لڳيس يا سٺي. پر هو ڪو به تاثر نه ڏيندا، بس ها يا نه ۾ ڳالهه جو جواب ڏيندا، جنهن ڪري ماڻهو انهن جي رويي کي نارمل سمجهي ٿو. عابده جو تاملن بابت همدردي وارو خيال شايد ان ڪري به ٿيو جو، اسان جو تاملن سان يونيورسٽي کان ٻاهر واسطو رهيو، پنهنجي پلازا واري دڪانن تان تامل دوڪاندار کان سودو وٺندا رهياسين، عام طرح ڪڏهن ڪڏهن ماني تامل هوٽلن تان کائيندا رهياسين، ٽيڪسي وارن ۾ به تامل ڊرائيورن سان ڪافي ڀيرا اچڻ وڃڻ ٿيو، ويندي اسان کي رباب جڏهن ملائشيا ۾ پيدا ٿي ته ڪجهه مهينا ملئي مسلم ڊاڪٽر سان ۽ پويان ڪجهه مهينا تامل انڊين ڊاڪٽر سان واسطو رهيو، تامل عورت جو ورتا ملئي مسلم عورت جو ڀيٽ ۾ ڪيئي دفعا وڌيڪ بهتر هو، ملئي مسلم سمجهندو آهي ته هر ٻاهرين ماڻهو وٽ پيسو آهي سو ان کان ڪمائجي، يا ٻاهريون ماڻهو سندن ملڪ ۾ آيو آهي ته انهن جي ملڪ مان ڇو ڪمائي وڃي ٿو. پر هن تامل ڊاڪٽرياڻي کي پيسي جي نه مريض جي پرواه هئي ۽ پنهنجي ذميواري جي، ائين حسنين جنهن اسڪول ۾ پڙهندو هو، اهو به تامل عورت جو هو جيڪا به انتهائي خيال ڪندڙ ۽ ذهين عورت آهي، اسان وار جنهن کان ٺهرايا، اهو سيلون وارو به تامل ملائشين هو. ائين جن به تامل انڊين سان واسطو پيو، انهن جي رويو وڌيڪ بهتر لڳو بنسبت ملئي ۽ چينين جي. بهرحال اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ ضرور آيون ته جيڪي ٿوريون گھڻيون چوريون چڪاريون يا موبائيل ۽ ليپ ٽاپ سنيچنگ جا واقعا ٿين ٿا، انهن ۾ تامل ملوث آهن. يا ايتري تائين جو اڪثر اهو به ٻڌڻ ۾آيو ته تامل اوباش ڇوڪرا ڄاڻي واڻي ٻاهرين ماڻهو جي گاڏي سان اچي پنهنجي گاڏي ٽڪرائين ٿا، پوءِ سڄي گينگ گھرائي ٿا وٺن ۽ ٻاهرين ماڻهو کي پريشان ڪري ڪجهه هزار رنگٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جنهن جو هڪ مثال ته منهنجي دوست ٻڌايو ته هن جي گاڏي پويان ٽچ ٿي تاملن سان، جنهن کيس 2 هزار ڏيڻ لاءِ چيو ۽ يڪدم 8 کان 10 تامل به اچي ويا پر ان پنهنجي پروفيسر کي ڪال ڪئي جنهن پوليس کي ٻڌايو ۽ پوليس بروقت اچي ويئي، جنهن کان پوءِ پوليس رپورٽ ٿي ۽ منهنجي دوست تي 300 رنگٽ ڏنڊ پيو، تامل پنهنجي گاڏي اڳيان هلندي ڄاڻي واڻي اچانڪ آهستي ڪن پوءِ هلڪو ٽچ ٿئي ته لهي اچي بليڪ ميل ڪن، اهڙا واقعا ڪافي دوستن ٻڌايا. بهرحال واقعا ايڏا گھڻا ڪونه آهن پر وري به ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ اچن ٿا، خاص طور اهڙا واقعا انهن علائقن ۾ ٿين، جتي ٻاهرين ماڻهن جي گھڻائي رهائش پذير هجي. اسان جي چار سال رهڻ دوران اهڙا واقعا اسان پاڪستانين مان ته ڪنهن سان ڪونه ٿيا، پر هڪ دفعو اسان جي پلازه جي سامهون هڪ آفريڪن عورت کان موٽرسائيڪل سوار پرس کسي نڪري ويا، اسان جنهن علائقي ۾ رهياسين ان جڳهه تي اڌ جيترا اسان فارينر هياسين ته اڌ ۾ ملئي ماڻهو. ملائشيا جي پوليس جنهن ۾ تقريباَ ملئي ماڻهو آهن ۽ ڪجهه انڊين نسل وارا. پوليس جي مجموعي ڪارڪردگي ته بهتر آهي جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته پوري ملائشيا ۾ ڪو وڏو واقعو اڄ تائين نه ٿيو آهي، نه دهشتگري جو نه وري ڦر جو، پر پوليس به فارينرس کان خرچ پاڻي، بهاني سان ڪڍي ٿي. آءٌ نٿو سمجهان ته ڪو فارينر خاص طور شاگرد جيڪو گاڏي رکندو هجي يا موٽرسائيڪل اهو پوليس وارن کان بچيل هجي، پوليس وارا ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان 20 کان 100 رنگٽ خرچي وٺيو وڃن. حالانڪه ملائشيا ۾ گاڏي خريد ڪرڻ مهل هر گهربل شيءَ پوري ڪري ڏني وڃي ٿي، تڏهن ئي گاڏي نالي تي منتقل ٿئي ٿي. پر پوليس وارا اچي اچي فارين جو انٽرنيشنل لائسنس هجڻ جو بهانو ڪري، چوندا توهان ملائشيا ۾ آهيو ته توهان وٽ ملائشيا جي حڪومت جو لائسنس هجي، حالانڪه انٽرنيشنل لائسنس ڪيترن ئي ملڪن جو ملائشيا حڪومت طرفان قبول ڪيو وڃي ٿو جيڪا ڳالهه سندن ويب سائيٽ تي به رکيل آهي، ۽ پاڪستان جو انٽرنيشنل لائسنس به ان ۾ شامل آهي پر پوليس وارا ضد ڪندا، جي ڪو ماڻهو کين بحث ڪندو کين کي ويب سائيٽ تان پرنٽ ڪيل پنو ڏيکاريندو ته ڪنهن کي ڇڏي ڏيندا، پر ڪنهن کان خرچي ضرور وٺندا. منهنجو هڪ دوست جيڪو سدائين ٻين جي گاڏي کڻي نڪرندو هو يا وري رينٽ تي ڪار کڻندو هو، ان سان اهو اعتراض هوندو هين ته گاڏي جي هلائيندڙ ۾ تنهنجو نالو شامل نه آهي يا وري تنهنجو لائسنس ملائشيا جو نه آهي، تقريباَ ساڍا ٽي سالن دوران ان 10 کن دفعا پوليس وارن کي خرچي ڏيئي جان ڇڏائي هڪ دفعو گڏ هياسين ته 80 رنگٽ ڏيڻا پيا، جيڪو هن مطابق وڌ ۾ وڌ رقم هئي جيڪا پوليس وارن ان ڏينهن ورتي، بهرحال اها ڳالهه اتي عام طرح چئي ويندي هئي ته اهو شاگرد جيڪو پنهنجي گاڏي رکي ٿو۽ هجي به ايشين يا آفريڪن پر عرب نه، ته ضرور هڪ دفعو گھٽ ۾ گھٽ پوليس وارن کي پيسا ڏيڻا پيا هوندس، حالانڪه پوليس ۾ تقريباَ ملئي مسلم ئي آهن پر فارنر سندن آسان ٽارگيٽ آهي. جنهن کي نهايت چالاڪي سان ٿورا پيسا وٺي پنهجو ڪم هلائِين پيا جنهن ڪري نه ملئي گورنمينٽ وٽ شڪايت ٿئي ٿي يا وري حڪومت ان کي درگذر ڪري ٿي، جو اتان جو لوڪل ماڻهن کي پوليس کان اهڙي شڪايت نه آهي، پر هڪ ڳالهه جيڪا شاگردن وٽ اڪثر ذڪر ۾ ايندي هئي ته اميگريشن يا پوليس وارا تنگ ڪن ٿا. جيڪا اڪثر بين الاقوامي شاگردن جي گروپس تي ڊسڪس ٿيندي ٻڌڻ ۾ آئي. سو احتياط ضرور ڪجي ۽ پاسپورٽ يا اميگريشن ڪارڊ ۽ اسٽوڊنٽ ڪارڊ ضرور رکجي پاڻ وٽ ملائشيا ۾ يونيورسٽي کان ٻاهر نڪرڻ وقت. ڪيڏي مهل به ۽ ڪٿي به پوليس وارا يا اميگريشن جو عملو پڇي سگھي ٿو. مجموعي طرح ملائشيا ۾ گھٽ پڙهيل قوم انڊين تامل ئي آهن، جنهن ڪري سندن بابت خراب تاثر آهي، حالانڪه ملئي ۽ چيني ٽين ايجز جا ڇوڪرا به ٿوريون گھڻيون چوريون ۽ بليڪ ميلنگ ڪن ٿا. ايئرپورٽ تي واپسي ايندي هڪ خيرپور ميرس پاسي جو نوجوان مليو، جنهن ٻڌايو ته رات جو جوهر بارو بس اسٽينڊ تان تامل ٽيڪسي ڊرائيور سان ويٺس ته گاڏي شهر کان ٻاهر جهنگ ۾ کڻي ويا ۽ مون کان سمورا پيسا ۽ پاسپورٽ به کڻي ويا، نيٺ هاءِ وي تي ڪلاڪ ٻه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ پهتس جتي پوليس وارا مليا جن مدد ڪئي ۽ دوستن سان رابطو ڪرايائون.
تنهنڪري احتياط ضرور ڪجي. باقي اهڙا واقعا ملائشيا ۾ عام نه آهن. خاص طور تفريحي ماڳن تي نه هجڻ برابر آهن.