سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ملائشيا جو بادشاهه ۽ سندس پرائمري استاد

ملائشيا جي رياست جوهر، جيڪا سڀني رياستن مان وڌيڪ مضبوط رياست ۽ هتان جو بادشاه طاقتور بادشاه طور مشهور آهي. هي واحد رياست آهي جتي بادشاه کي الڳ سان پنهنجي فوج آهي، ان رياست جي بادشاه بابت خبر پڙهيم ته هو استادن جي عالمي ڏهاڙي تي اچانڪ بغير ڪنهن پروٽوڪول جي سندس پرائمري ٽيچر جي گھر پهتو ۽ ان کي ڪجهه تحفا ڏنا ۽ سندس صحت بابت معلوم ڪيو.