سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ملائشيا سچي پچي ايشيا

ملائشيا ملڪ ته ملئي ماڻهن جو آهي پر ان جي شهرين ۾ چيني ۽ انڊين نسل جا ماڻهو به شامل آهن، هي ٽئين نسل هتي جا رهواسي آهن، جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري نسلن مان به آهن، جو دنيا ۾ چيني نسل جي سڀ کان وڌيڪ آبادي آهي ته ٻئي نمبر تي انڊين نسل جي جيڪي برصغير تي مشتمل آهي، ٽيون نمبر نسل آهي ملئي جيڪو آهي ته چيني بڻ بڻياد مان پر الڳ ٻولي، ثقافت ۽ علائقي ڪري مختلف ملڪ جيڪي ملائشيا، انڊونيشيا، فلپائين، برونائي، ڪمبوڊيا وغيره شامل آهن. هي سڀ ملي ڪري دنيا جي آبادي جو ٽيون نسل جوڙين ٿا. ۽ اِهي ٽئين نسل ملي ڪري ايشيا کي سڀ کان گھڻي آبادي وارو کنڊ بڻائين ٿا. حالانڪه ملائشيا جي آبادي فقط ٽي يا سوا ٽي ڪروڙ آهي پر سندس شجرو دنيا جي وڏين آبادين واري نسلن سان آهي. ان کان علاوه هتي ايشيا جي تقريباَ هر نسل جا ماڻهو آباد آهن، جن ۾ چين جي ماڻهن ۽ انڊيا جي مڙني آبادين کان ويندي بنگلاديشي، پاڪستان، نيپال، فلپائين، برما، عرب ملڪن خصوصاَ يمن، سعودي عرب ۽ شام کان ويندي ايران تائين ۽ آفريقا جي مصر، نائيجيريا، صوماليا، سوڊان، گني ۽ سينٽرل آفريقا جا ماڻهو هتي نظر اچن ٿا. يورپ جي مسلمان رياستن البانيا، بوسنيا وغيره جا باشندا به هتي نظر اچن ٿا، جيڪي سالن کان روزگار يا تعليم خاطر هتي آيل آهن. ملائشيا جو شهر ڪولالمپور شايد انگلينڊ جي لنڊن کان پوءِ اهڙو شهر هجي جتي بين الاقوامي آبادي جي گھڻائي رهائش پذير هجي. هتي يورپ جي ماڻهن يا آمريڪا جي ماڻهن جي آبادي رهائش پذير گھٽ آهي پر گهمڻ لاءِ اهي به اچن ٿا. جنهنڪري ائين چئجي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو هتي گھمڻ اچن ٿا ته غلط نه ٿيندو. ۽ جي ائين چئجي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مسلمان هتي رهائش لاءِ آيا آهن يا رهائش چاهين ٿا ته به غلط نه ٿيندو. انڊين آبادي جيڪا ڏکڻ هندستان جي تامل، ڪيرالا، تلنگانو آبادي سان گڏ بئنگلور ۽ مهاشسٽر آبادي، سنڌي هندو، گجراتي ۽ پنجابي آبادي تي مشتمل آهي، اها برطانيا جي دؤر کان هتي رهائش پذير هجڻ ڪري هتي جي مستقل قوم آهي، ان سان گڏ چيني نسل به انگريز يا ان کان به اڳ جي دؤر ۾ هتي آيو، اهو به هتان جو مستقل شهري آهي، پر اڄ ڪلهه هتي برما جا روهينگيا، يا وري عرب اسپرنگ جا ستايل عرب، آفريقا جي گھرو ويڙه جو شڪار ملڪن جا رهاڪو به هتي اچي ويا آهن، جن کي يا ته اقوام متحده جي پناهگير هجڻ ڪري رکيو ويو آهي يا وري اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو مال ملڪيت جمع پونجي گڏ ڪري هتي تعليم يا وري واپار جي بهاني سان آيا آهن، جنهنڪري هتي هاڻي آفريقن نسل يا عرب نسل جا به جام ماڻهو نظر اچن ٿا، جن کي ڪا مستقل شهريت ته نه ملي آهي پر اهي هتي ڪافي تعداد ۾ موجود آهن.
ائين به نه آهي ته ملائشيا جي حڪومت ڪو انهن تي ترس کائي کين هتي رهايو آهي پر جيڪي اقوام متحده جا رجسٽرڊ پناه گير آهن، انهن کي ايترا پيسا ملن ٿا جو انهن مان ملائشيا جي حڪومت جو ئي فائدو آهي، ٻيو جيڪي عرب يا آفريقا جا ماڻهو رهن ٿا، اهي اتان جا آسودا ماڻهو آهن جو هتي يا تعليم پرائي رهيا آهن يا وري ڪو نه ڪو ڌنڌو ڪري رهيا آهن. جو اهي حالتن جي خرابي ڪري پنهجو مال، دولت هتي کڻي آيا آهن. انڪري انهن مان به في الحال ملائشيا ڪمائي رهيو آهي. ٽيان ماڻهو اهي آهن جيڪي غير قانوني طور تي هتي آيا آهن، جن ۾ به آفريقا، انڊيا، بنگلاديش برما يا وري ڪجهه عرب ملڪن جا ماڻهو آهن، جن کي ملائشيا جي حڪومت ان ڪري برداشت ڪري رهي آهي، جو اهي هتي جي حڪومت موجب 3D يعني (Dirty, Dangerous and Difficuilt) ڪمن ڪرڻ لاءِ ڪم اچن ٿا ۽ تمام گھٽ پگھار تي به ڪم ڪن ٿا. انڪري اهڙن ماڻهن لاءِ هتان جي حڪومت ڄاڻي واڻي اک ٻوٽ ڪري ٿي، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن کي گرفتار ڪري جيل به ڀريا وڃن ٿا، ۽ مٿن ڏنڊ هڻي پيسا به ڀرائي سندن مالڪن کي چتاءُ ڏيئي انهن جي ٽڪيٽ به سندن مالڪن کان ورتي وڃي ٿي، پوءِ ئي کين سندن ملڪ واپس موڪليو وڃي ٿو. انڪري هي ملڪ، سعودي عرب يا وري دبئي جي ملڪن کان وڌيڪ ڏکيو لڳي ٿو جو جيڪڏهن ڪو غير قانوني رهندڙ هتي گرفتار ٿئي ٿو، ته دبئي ۽ سعودي وانگي ان کي جهاز ۾ واپس پنهنجي وطن ڪونه ٿو موڪليو وڃي پر ڪجهه مهينا جيل ۾ رکي ان کان ڪم ڪرائي ان جي مالڪن کي فون ڪرائي ڏنڊ ۽ ٽڪيٽ جا پيسا گھرايا وڃن ٿا، پوءِ ئي کيس سندس وطن وڃڻ جي اجازت ملي ٿي.