سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ملئي ماڻهو چوڻ تي قانوني ڪم به نه ڪندو

ملئي ماڻهو يعني چيني ۽ انڊين ملائيشين کان علاوه خالص ملئي ماڻهو، جيڪو تقريباَ سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين تي آهي. اهو اڻ ڄاڻائيءَ ۾ يا ڄاڻي ٻجهي ته غلط ڪم ڪري ويندو پر ڪنهن غير ملڪيءَ جي چوڻ تي قانوني ڪم ۾ ٿوري تڪڙ يا مدد گھرڻ تي شڪ ڪندو ۽ ڪم ۾ رڪاوٽ وجهندو. اهو مون ڪافي دفعا اميگريشن ۽ يونيورسٽي انتظاميه کان ويندي بئنڪن يا اسپتالن ۾ نوٽ ڪيو، سندن ان رويي بابت جيڪو مون کي محسوس ٿيو ته هو ائين سمجهن ٿا ته کين سندن ڪو ماتحت ڄڻ هدايت ڪندو هجي ته هيئن ڪيو، يا ڪري ڏيو يا هن طريقي سان هيءُ ڪم ٿيندو. ملائيشين هاڻي پاڻ کي عربن جيان ڪجهه بهتر سمجهڻ لڳا آهن ۽ وٽن اها ڳالهه منفي سمجهي وڃي ٿي ته ڪو ٻاهريون جيئن ته ڪا فيور گھري رهيو آهي ته معنيٰ يا هو غلط آهي يا وري اسان کي ڪجهه نٿو سمجهي جو سمجهائي رهيو آهي. يا پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪرڻ جو چئي رهيو آهي. ان ڪري ملائشيا ۾ ڪنهن به آفيس ۾ ڪم سان وڃجي ته تڪڙ بلڪل به نه ڪجي ۽ نه چئجي ته ڪم جلدي ڪري ڏيو، يا ماڻهو پاڻ ئي چئي ته گھربل ڊاڪومينٽ سمورا پورا آهن، يا ويهي چئجي ته هن ڪم بابت آيو آهيان جنهن جي لاءِ هي گھربل شيون هيون جيڪي سڀ کڻي آيو آهيان، يا چئجي ته هي ڊاڪومينٽ وسري ويو وغيرهه. مطلب جڏهن به ڪنهن ٻاهرين ماڻهو پاڻ اچي وضاحت ڪئي يا پنهنجي سياڻپ ڏيکاري ته ضرور ان کي موٽائيندا، پر جنهن هنن کان پڇيو ته هي ڊاڪومينٽ آندا آهن، وڌيڪ توهان ڏسو ۽ رهنمائي ڪيو ته ان جو ڪم ضرور ٿيو. جتي منجهندا ته پڇندا يا سوال ڪندا پر بغير انهن جي پڇڻ جي پاڻ مرادو وضاحت ڪرڻ تي شڪ ڪندا يا ڪم ۾ رڪاوٽ وجهندا ته پاڻ کي سياڻو ٿو سمجهي ۽ وري اسان کي اياڻو. ان ڪري ملائشيا ۾ تڪڙ ته ڪنهن به ڪم ۾ نه ڪجي ٻيو پنهنجي طرفان خيالن جو گھٽ کان گھٽ اظهار ڪجي ته بهتر آهي. انهن جي پڇڻ تي يا وري انهن طرفان غلط سمجهڻ تي ضرور وضاحت ڪرڻ گھرجي پر ڊائريڪٽ بلڪل به وضاحت يا سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪجي.