سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ملئي ڀاڳوند آهن

منهنجي ننڍڙي حسنين ۽ مان مسجد انڊيا ۾ هڪ ملئي فروٽ کپائڻ واري ڇوڪري کان ڪٽيل فروٽ جون ٻه ٿيلهيون ورتيون. جيئن ته حسنين پاڻ پسند ڪري کنيو پر پيسا ڏيڻ دوران ئي هڪ مان ذرو کڻي جو کاڌائين ته چيائين، بابا سٺو نه آهي، مون کي واٽر ميلون وٺي ڏي. مون ڇوڪري کي چيو: هي ٻئي واپس ڪيو اسان کي واٽر ميلون ڏيو، ته ان ڇوڪريءَ منهن خراب ڪري جواب ڏنو جهڙوڪ دڙڪو ڏيئي وئي ۽ ڪجهه ڀڻڪي ڪري ٻئي گراهڪ کي فروٽ ڏيڻ لڳي. ايتري ۾ مان پهرين ورتل فروٽ واپس رکي ٻيو کڻي هلڻ لڳس، پوئتي نهاريائين ڪونه . اهو پهريون دفعو هو جو مون مرضي هلائي نه ته ملائشيا ۾ اڪثر ملئي ماڻهن جي ڳالهه مجبورَ رکڻي پوندي آهي يا وري پنهنجي صبر واري طبعيت ڪري درگذر ڪندو رهندو آهيان . اهڙو تجربو مون کي ڪافي ڀيرا ٿيو ۽ ملئي دوڪاندارن سان ڏيتي ليتيءَ م اندازو ٿيندو هو ته همراه نه گھڻو ڳالهائڻ چاهي ٿو نه وري گراهڪ کي آمادهه ڪرڻ. الٽو جي گراهڪ وڌيڪ دلچسپيءَ سان شين کي ڏسندي ڏسندي دير ڪري، ته به بيزار ٿيو پون. پر ان جي ڀيٽ ۾ چيني دوڪاندار هجي يا انڊين ويندي عرب، مون کي عرب دوڪاندار به جام نظر آيا. اهي پوري ڪوشش ڪندا ته گراهڪ خالي واپس نه وڃي پر جي وڃي به ته ٻئي دفعي سندن وٽ اچي، پر ملئي دوڪاندار جو ڪم سان ڪم رکڻ واري طبعيت آهي، واپار ڪرڻ واري جهان ۾ جيڪا مسڪراهٽ هوندي آهي، عاجزي هوندي آهي، اها سندن کان ڪوهين ڏور آهي، پهريون دفعو اهڙو تجربو شروع واري ڏينهن ۾ ئي ٿيو هو، مان اسلامڪ يونيورسٽي ڀرسان واري مارڪيٽ ادامن ڪامپليڪس ۾ جتي بس تي چڙهي وڃبو هو، تقريباَ 10 کان 15 منٽ بس وٺندي هئي، اتي هڪ ملئي مائي جي دوڪان تي ٽرائوزر ۽ شرٽ وٺڻ لاءِ ويس. پهريون ٽرائوز جيڪو هن ڏيکاريو اهو پسند نه آيو، ٻيو منهنجي چوڻ تي کڻي ڏيکاريائين پر مون اڃا هڪ ٻيو جيڪو مٿي ٽنگڻي ۾رکيل هو، ان ڏانهن اشارو ڪيو، ته هيءُ ڏيکاريو ته منهن خراب ٿي ويس، چيائين ته توهان پهرين جيڪا لهرائي اها ڇو پسند ڪونه آهي، هاڻي هنن ٻنهي مان پسند ڪيو، وڌيڪ مان ڪونه ڏيکاريندس، هن جي ائين چوڻ تي هڪدم مون کي کل اچي ويئي ۽ چيم زبردستي آهي ڇا؟! مان ڪسٽمر آهيان توهان مون کي قائل ڪيو يا ڪا شيءَ پسند ڪرايو باقي ائين رويو ته دوڪانداري ۾ نه ٿيندو آهي، ته ڪاوڙ ۾ چيائين توهان بنگالين کي عادت آهي وٺندا ڪونه پر ڏسندا ڪيتريون ئي شيون. انڪري پهرين پسند ڪيو ۽ فائنل ڪيو . مون چيو مان بنگالي نه آهيان پر پاڪستاني آهيان ته چيائين آهيو ته فارنر، ملئي ته نه آهيو. اها مون کي ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ خبر پوي ته ملئي ماڻهو هر فارنر کي بنگالي چون، هنن لاءِ ٻاهريون بنگالي آهي، جيئن اسان لاءِ هر گورو يورپين، انگريز آهي، خير اهو ته ڪجهه به نه آهي، مسجد انڊيا ۾ سائين عمران بيگ ڏسندي هڪ بيگ پسند ڪيو 70 بجاءِ 50 رنگٽ چيائينس ته همراه جيئين ويٺو هو اتان ئي جواب نه ۾ ڏنائين، مون چيو هي اسان کي راضي ڪرڻ لاءِ يا روڪي 50 ۾ ڪا ٻي شيءِ ته ڏيکاري سگھيو پئي ته سائين چيو ملئي ائين اٿئي، مون چيو اصل ۾ همراه سمارٽ فون تي راند کيڏڻ ۾ مصروف هو تنهنڪري موصوف کي گراهڪ جو اچڻ ئي پسند ڪونه هو، جڏهن واندو ٿيندو راند مان ته بارگيننگ به ڪندو، خير هڪ ٻئي دوڪان تي وياسين ته همراه 60 تي آيو پر ڪجهه گھڙيون انتطار ڪرڻ جي باوجود اٿي کڻي ڪونه پئي ڏنائين. نيٺ سائين عمران جو موڊ تبديل ٿي ويو ۽ چيائين ٻئي دفعي وٺنداسين ۽ هلڻ لڳاسين ته به آواز نه ڏنائين ته ڇا ٿيو، بهرحال عام دوڪانن يا ننڍين بازارن ۾ جتي ملئي ماڻهو جو دوڪان هوندو، اتي اهڙو ئي رويو هوندن، البته وڏن شاپنگ پلازائن ۾ جتي انڊين، چيني، ۽ ملئي سروس ڪرڻ وارا هجن ته به ملئي ڇوڪري يا ڇوڪرو ٻين جي ڀيٽ ۾ خوش طبع گھٽ هوندو، اهڙو تجربو اسان کي ڪافي دفعا ٿيو، مجموعي طرح ملئي ماڻهو دوڪان تي ايندڙ گراهڪ جو گرمجوشي سان آڌر ڀاءُ ڪونه ڪن ۽ نه ئي ڪا ڀل ۾ سودو ٿي وڃڻ کان پوءِ به مسڪراهٽ ڏين، بغير ڪنهن تاثر جي اٿي بيهندا، اشارو ڪري چوندا پسند ڪيو پوءِ جتي ويٺل هوندا اتي ئي ويهندا، يا پاسي تي بيهي رهندا، ڪٿان به ڪنونس ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندا، پر جي گراهڪ پسند ڪرڻ ۾ ۽ شين کي جاچڻ ۾ دير ڪئي ته بي چين ٿي پوندا، پر چيني يا انڊين دوڪاندار قربان قربان پيا ويندا، شين جي تعريف ڪرڻ ۾ ۽ مختلف شيون ڏيکارڻ ۾ مشغول ڪري رکندا، ويندي جي گراهڪ ڪجهه به نه وٺي ته به چوندا ٻئي دفعي ضرور اچجو ٿي سگھي ٿو ڪا نئين شيءِ اچي وڃي ۽ اها توهان جي پسند جي هجي. مجموعي طرح مون نوٽ ڪيو ته ملئي ماڻهو بزنس ۾ ايترو آهن به ڪونه، سڀ يا سرڪاري نوڪرين ۾ يا وري اڪثر ملڪيتون سندن هجڻ ڪري ڪرايا حاصل ڪري زندگي بسر پيا ڪندا يا وري گورنمينٽ طرفان قانوني طرح کين سهولتون مليو وڃن جو اڪثر پرڏيهي ماڻهن جي ڪمپنين لاءِ مسواڙ تي ملندر جڳهن کان ويندي پلاٽن تائين جا ٺيڪا ملئي ماڻهن جي نالي تي حڪومت ڪري ٿي پوءِ اها پراپرٽي ملئي ماڻهو وري ڪنهن ٻاهرين ماڻهو کي ڏي يا وري ديسي تامل ۽ چيني کي، جنهن مان به چڱو خاصو ماهوار پيسو ملئي ماڻهو کي ملي وڃي ٿو. سرڪاري ادارن ۾ موجود سمورين ڪينٽينن يا ڪنهن به سروس مهيا ڪرڻ لاءِ جڳهه جو ٽينڊر ملئي ماڻهن کي سستي اگهه ۾ ملي، پوءِ پنهنجي مرضي سان ٺيڪو ڪنهن ٻاهرين ماڻهو کي ڏين، مثال طور آءٌ جتي بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي ۾ پڙهان پيو، ان جي هڪ محلي جي تمام وڏي هال واري ڪينٽين جو ٺيڪو ملئي ماڻهو جي نالي تي يونيورسٽي ڪندي جيڪو 500 کان 1000 رنگٽ جي وچ ۾ هوندو پر اهو ملئي ماڻهو وڏي هال ۾ 5کان 8 ماڻهن کي مختلف پورشن ڪري ڏيندو ۽ هر هڪ کان گھٽ ۾ گھٽ 1000 کان 2000 هزار هڪ حصي جا وٺندو، سڀ کان وڏو فائدو وري ملئي ماڻهن کي، اهو به آهي ته ڪجهه قانون اهڙا به آهن ته ملائشيا ۾ هوٽل، يا ڪنهن به ڪارخاني جو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ لوڪل ملئي پارٽنر هجڻ لازمي آهي، سو سمجهو اهو ملو ته فائدي مان اڌ بغير سيڙپ جي وٺيو وڃي ٿو، ائين ڏسجي ته ملئي قوم کي يا ليڊر سٺا مليا آهن يا وري سندن ڀاڳ آهي جو خوشحال ۽ سهولتن واري زندگي گذاري رهيا آهن، نه ته ڏسجي ته ايڏا محنتي نه آهن، پر هڪ ڳالهه جيڪا مون کي وڻندي اٿن، اها آهي مستقل مزاجي ۽ ڊسيپلين. جيئن حڪومت چئي ائين ئي ڪن ٿا، پنهجي سياڻپ تي هلڻ وارا ڪونه آهن، تنهن ڪري به شايد ملڪ بيٺل آهي، ۽ بهتر نموني سان هلي پيو. پر ائين به آهي ته اخبارن ۾ مختلف تبصرا پڙهندي هي خيال به پڙهڻ لاءِ مليو ته اڄ جي نسل کي وڏن جي محنتن ۽ تڪليفن جو احساس نه آهي، جيڪي هر شيءَ وٽن هجڻ ڪري غير ذميواري يا عدم دلچسپي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن پر انهن کي يونان جي عظيم قوم مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي، جيڪي اڄ بري حالتن ۾ آهن، جن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو ته کين قرض وٺڻو پوندو، دنيا جي عظيم جنرلن ۽ فلاسافرن جي ملڪ جو ڏيوالو نڪري سگھي ٿو ته اسان ملائشيا ان سامهون ڪهڙي وڏي ڳالهه آهيون. ان ڪري اسان جي نوجوان نسل کي هر ڪم ۾ محنت ڪرڻ گھرجي. خير بزنس انڊسٽري ته سڄي تقريباَ چيني ماڻهن جي حوالي آهي، مهاتير محمد جو خيال هيو ته 2000ع تائين گھٽ ۾ گھٽ 30 سيڪڙو بزنس ۽ انڊسٽري ملئي ماڻهن جي هجي پر سندس 2015ع ۾ آيل يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته اهو ٽارگيٽ پورو نه ٿيو ۽ اڄ ملئي ماڻهو ملڪ جي انڊسٽري ۾ صرف 13 سيڪڙو آهن. جيڪا ڳالهه 2015ع جي ٿي، ائين مهاتير پنهنجي ملئي قوم تي ڪافي تنقيدي به لکيو آهي ته ڪولالمپور ۾ وچ بازارن ۾ مليل دوڪانن ۽ ننڍين ننڍين انڊسٽريز لاءِ مليل ٺيڪن کي چائنير ماڻهن کي کپائي ڏنائون، پاڻ سنڀالي نه سگھيا. خير باوجو انهن سڀني ڳالهين جي اڄ به ملائشيا تي حڪومت ۽ پاليسي ملئي ماڻهن جي هلي ٿي، چيني ۽ انڊين جي محنت جي مڃتا کين حڪومت ڏيئي ٿي. جنهن ڪري ٽئين قومون باوجود الڳ الڳ مذهب، طبعيت جي گڏ امن امان سان آهن، ڪير به ڪنهن سان حسد ڪونه ڪري ٿو. چيني کي خبر آهي ته ملئي پگهار جا پيسا سندس دوڪان تي اچي کپائيندو، انڊين کي خبر آهي ته ملئي سندن هوٽل تي اچي ماني کائيندو، ائين ملئي کي خبر آهي ته چيني جو بزنس سندن ملڪ ۾ ٽيڪس آڻيندو، خوشحالي آڻيندو، انڊين سندن زمينون آباد ڪرڻ سان گڏ، بزنس يا انڊسٽري يا ريسٽورنٽ ۾ سندن لاءِ ئي سهولتون پيدا ڪري رهيو آهي، ان ڪري ڪنهن کي ٻئي مان تڪليف نه آهي. سندن ڀاڳُ به شايد ان صبر ۽ شڪر ۾ آهي.