سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ڪردار سان گڏ ڄاڻ جو هئڻ لازمي آهي

اسلامڪ يونيورسٽي جي شاگرد سوسائٽيءَ طرفان، پروفيسر عارف جيڪو اصل انڊيا جو آهي ۽ ڪافي عرصي کان ملائشيا ۾ پڙهائي پيو. ان جو ريسرچ اخلاقيات تي ليڪچر رکيل هو. ان ۾ مخلتف اڪيڊمڪ ڳالهين سان گڏ عام مثال ۽ بحث دوران پروفيسر عارف اظهار ڪيو ته ڪردار (character) سان گڏ ڄاڻ (Knowledge) به لازمي هجڻ گھرجي. ٻئي هڪٻئي کان الڳ ڪم جا نٿا رهن. ڪردار سان گڏ ڄاڻ جو هجڻ لازمي آهي جنهن سان اعتماد (Trust) پيدا ٿئي ٿو. خالي ڄاڻ ڪردار کان سواءِ خطرناڪ آهي. ان سان ماڻهو پيار يا عزت حاصل ڪو نه ڪري سگھندو، ۽ خالي ڪردار سان ماڻهو ٻين جي لاءِ ڪارائتو نٿو ٿي سگھي يا بهتر کان بهتر نٿو ڪري سگھي. انڪري سٺي ڪردار سان گڏ ڄاڻ يا علم جو هجڻ به لازمي آهي.
هن وقت جڏهن هي جملو ڊائري مان ٽائيپ ڪري رهيو آهيان، ته ڪجهه ڏينهن پهرين بابا جي ڪيل ڳالهه به ياد اچي ويئي آهي اها به ڪجهه ان قسم جي هئي، ٿيو ائين جو ملائشيا کان واپس اچي حيدرآباد ۾ ڪرائي تي نئين گھر ۾ شفٽ ٿيو آهيان ته ڪافي ڪم ڪار ڪرائڻا پيا. هڪ ڏينهن سامان کڻائي آيس واره مان ته منهنجو سالو عباس حيدر به آيو، سامان اڃا مٿي کڻائي بس ئي ڪئي ته عباس بيڊ کي ٺاهي سيٽ ڪري رکيو، الماڙي جا مختلف خانا پاڻ ۾ ملائي بيهاريا، گئس جو چلهو فڪس ڪري ڇڏيو ۽ ڇت وارو پکو لڳائي رهيو هو ته بابا جي فون آئي، ٻڌايو مانس ته سامان ته گھر مزدور پهچائي هليا به ويا پر عباس هينئر پکو پيو لڳائي، ته چيائين واه سائين واه هڪ ته مائٽ صفا ڀلا مليا اٿئي، ٻيو وري ڪم ڪرڻ به اچين ٿو، ٺلها ڀلا نه آهن، هوشيار به آهن سڀ ڪم ڪرڻ اچين ٿو. مون چيو، ها بابا! ڀلي هجڻ سان گڏ جي هنر به هجي ته ماڻهو ائين آهي، جيئن سون تي سهاڳو. ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته سٺن گڻن سان گڏ ڄاڻ هجي، سٺي ڪردار سان گڏ هنر به هجي ته ماڻهو نه صرف پنهنجي لاءِ پر ٻين لاءِ به ڪارائتو ٿئي ٿو.