سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ملائشيا جو تاريخي شهر ملاڪا

ملاڪا ملائشيا جي ننڍي ۾ ننڍي پر سڀ کان اهم رياست آهي، ملاڪا نه صرف ملائشيا جو پهريون بندرگاه ۽ تاريخي شهر رهيو آهي، بلڪ هي ملڪ پهرين، ملاڪا سڏبو هو جيڪو صرف ملاڪا رياست تي مشتمل هو. پوءِ وڌيڪ رياستن جي اڀرڻ ڪري وڌي ملايا ٿيو ۽ آزاديءَ کان پوءِ ملائشيا سڏجي ٿو.
ملائشيا جي تاريخ ۽ ثقافت سان ڀرپور هيءُ شهر ضرور گھمڻ گھرجي. هن شهر جي اهميت هجڻ جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته ملائشيا جون اڪثر يونيورسٽيون جڏهن به نئين آيل بين الاقوامي شاگردن کي ملائشيا جو تعارف، تاريخ ۽ ثقافت کان روشناس ڪرائڻ چاهينديون آهن ته هن ئي شهر جو ٽوئر ڪرائينديون آهن. منهنجو ٽي دفعا هن شهر وڃڻ ٿيو، حالانڪه جڏهن منهنجي داخلا ٿي ته آءٌ دير سان اچڻ ڪري پنهنجي بيچ سان ٽُوئر ڪري ڪونه سگهيس پر ٻئي سال جيئن ته آءٌ اسٽوڊنٽ سوسائٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر چونڊجي ويو هئس ۽ اها ذميواري به اسٽوڊنٽ سوسائٽي جي ئي هوندي آهي ته نون آيل شاگردن کي ٽوئر ڪرائي اچي، جنهن لاءِ يونيورسٽي پوائنٽ بسون، کاڌي پيتي جو بندوبست به ڪري ڏيندي آهي ۽ رهنمائي طور يونيورسٽي شاگرد سوسائٽي جا سمورا ميمبر ۽ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ افيئرس ڊويزن جي اسٽاف مان ڪجهه ماڻهو گڏ هلندا آهن، اسان جڏهن ٽوئر ڪرڻ وياسين ته ان وقت شاگرد سوسائٽي جو صدر نائيجيريا جو برادر هارون هو ۽ سيڪريٽري هڪ ملئي ڇوڪري هئي، جيڪا صرف هڪ دفعو آئي سڄي سال ۾ ۽ نائب صدر بنگلاديش مان برادر زاهد السلام هو، پاڪستان مان آءٌ ۽ سائين عمران اڄڻ ڪميٽي ميمبر هئاسين، نائيجيريا مان مرحوم عبدالهادي ۽ انڊيا مان بهار صوبي جي راڻيپور شهر جو شڪيب ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا ميمبر هئا. يونيورسٽي انتظاميا طرفان صرف هڪ اسٽاف ميمبر هلي، جيڪا به ملاڪا جي هئي ۽ ملاڪا ۾ ڪجهه نصيحتون ڪري پنهنجي گھر هلي ويئي. بس ۾ هر سيٽ سان گڏ هڪ پلاسٽڪ بيگ لڳائي ويئي ته جي ڪجهه کائو ته ڪچرو هن پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيو، يا ڪنهن کي جي الٽي وغيره اچي ته هي ٿيلهي استعمال ڪري سگھي. اسان سڀني مان بنگلاديش جي برادر زاهد، ملئي ٻولي ۽ ملاڪا مان اهڙو واقف هو جهڙوڪه هجي ئي ملائشيا جو. اسان ٻن بسن ۾ آيل تقريبن 70 بين الاقوامي شاگرد سڀ پهرين ته برادر زاهد جي پويان هلندا رهياسين. پوءِ بعد ۾ مختلف ٽولن جي صورت ۾ هر ڪو گھمندو رهيو، اهم ڳالهه اها آهي ته ملاڪا ۾ تاريخي جڳهون تقريباَ سڀ جو سڀ هڪ علائقي ۾ آهن. جنهن کي يونيسڪو هيريٽيج سائيٽ جو نالو ڏنو ويو آهي. ملاڪا جي وچ شهر مان ملاڪا نديءَ جو گذر ٿئي ٿو، جنهن مان اسپيڊ بوٽ هلي ٿي، جنهن تي ويهي ماڻهو پوري ملاڪا شهر جو سير نديءَ ذريعي ڪري سگھي ٿو. ملاڪا ۾ وندر ۽ ڏسڻ لاءِ ڪافي جڳهون آهن ۽ هر دفعي ڪا نه ڪا نواڻ محسوس ٿئي ٿي يا ڪا نئي جڳهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي. آءٌ ملائشيا ۾ رهڻ دوران هينئر تائين 3 دفعا ملاڪا مان ٿي آيو آهيان پر هر دفعي ڪانه ڪا نئين جڳهه ڏٺي اٿم جيڪا اڳئي دفعي ڏسڻ کان رهجي ويئي هوندي آهي. اهو شايد ان ڪري جو ٽئين دفعا هڪ ڏينهن جي ٽُوئر تي ۽ تڪڙو تڪڙو گھمي ڪري واپس ڪولالمپور اچڻ ڪري ٿيو. جڏهن پهريون دفعو وياسين، ته سڀ کان پهرين فاموسا قلعو جيڪو هڪ پهاڙي تي ٺهيل آهي ۽ ملاڪا ۾ پورچوگيز حڪومت جو هيڊڪواٽر رهيو آهي، اهو گھميو ۽ ان جي هيٺان ڪجهه ميوزيم ٻاهران ئي ٻاهران ڏسي، اچي ملاڪا ندي جي ڪناري بيٺل تاريخي ڪاٺ جو ٺهيل بحري جهاز يا وڏو ٻيڙو ڏٺو هيوسين، پوءِ ايئريل ويو ڏيکاريندڙ لفت ڊيڪ وٽ آياسين، جنهن ۾ ڪو به شاگرد ڪونه ويٺو. بحرحال مان، زاهد ۽ هارون وڃي ٽڪيٽ پڇا ڪئي، جنهن جي قيمت 15 رنگٽ هئي، ته برادر هارون چيو، ته ڏاڍي مهانگي آهي، آءٌ ته هونءَ ئي ڪونه چڙهان هان، جو مٿائين تي چڙهندي مون کي ڊپ لڳندو آهي، ائين ملاڪا هيريٽيج وليج ۾ تقريباَ ٻه ڪلاڪ چڪر ڏيئي وري بسن ۾ چڙهي سڌا ملاڪا سمنڊ ڪناري ٺهيل فلوٽنگ مسجد آيا هياسين، جتي پهرين لنچ ڪري، ظهر جي نماز به پڙهي، مسجد ۾ ٿڌي ٿڌي هير مزو ڏيئي ڇڏيو هيو، مسجد جي پويان کان سمنڊ مٿان ڪجهه کليل خالي جڳهه ڇڏيل هئي، جيڪا شايد سمنڊ جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڇڏيل هئي، ان ۾ بيهي به سڪون پئي آيو، اتان نڪري ملاڪا اسٽيٽ مسجد آياسين، جيڪا ملاڪا رياست جي وڏي ۾ وڏي مسجد هئي. ان قسم جون مسجدون جن کي رياست جي وڏي ۾ وڏي مسجد جو درجو مليل هجي، اهڙي مسجد ملائشيا جي هر اسٽيٽ ۾ آهي، جنهن مسجد نگري ڪري سڏين ٿا، جتي حڪومت جون پاليسيون پهچايون وڃن ٿيون ۽ اتان کان ٻين مسجدن ڏانهن، ويندي پوري اسٽيٽ ۾ هڪ ئي جمعي جي نماز جي خطبو پڙهيو وڃي ٿو، ڪجهه ماڻهن ٻڌايو ته جمعي جو خطبو مذهبي معاملن واري وزارت طرفان اِي ميل ڪيو ويندو آهي، ۽ هر رياست جي سمورين مسجدن جا پيش امام اهو ئي خطبو پڙهندو آهن. ائين ملاڪا مان اسان جي پهرين ايجوڪيشنل ٽوئر، هيريٽيج سائيٽ، فلوٽنگ مسجد ۽ اسٽيٽ مسجد گھمي شام جو واپسي ٿي هئي ڪولالمپور، ٻئي دفعي به اسٽوڊنٽ لاءِ ٽوئر سان گڏ ويس پر فيملي سان عابده ۽ ٻار به گڏ هيا، جنهن ته اسٽوڊنٽ سوسائٽي 2016 جو صدر جيڪو ان وقت اسان جو پاڪستاني دوست هو، تنهن ملاڪا ۾ چيو ته توهان نه هجو ها ته آءٌ بنگالين کي چڱي سمجهاڻي ڏيان ها جيڪي به ڪافي سينيئر شاگرد به وٺي آيا آهن ته ٻارين ٻچي به آيا آهن، مون کي اندازو نه هيو ته ٻار نه وٺي هلبا آهن ٽوئر تي، نه ته عابده ته شاگرد ئي هئي ۽ مان به شاگرد ۽ مونکي اها به خبر هئي ته ٽوئر نون آيل شاگردن لاءِ آهي. پر ٿيو ائين جو نائيجيريا جي هڪ شاگرد سوسائٽي جي ميمبر جيڪو اسان جي فيڪلٽي جو هو، ان ميسيج ڪيو ته هن دفعي سڀني شاگردن کي هلڻ جي اجازت آهي، جنهنڪري آءٌ موقعو غنيمت سمجهي ته وري موقعو ملي الائي نه ۽ بجيٽ به سدائين خساري ۾ رهي ٿي ڇو نه فيملي کي ملاڪا گھمائي اچان انڪري ويس. ائين هن دفعي به ساڳيون شيون گھميون پر وڌيڪ ڪرسچن چرچ ۽ فائونٽين ۽ ريڊ اسڪوائر هن دفعي نظر آيا، جيڪي اڳئي دفعي ڪونه گھمي سگھيا هئا. ٽين دفعي اسان جو دوست گلشير لغاري ملائشيا آيو ته ان سان گڏجي وياسين. مزي جي ڳالهه ته انهن ڏينهن ۾ حج جي عيد هئي ۽ اسان ڪرائي جي ڪار کنئي هئي جيڪا يعقوب ڪونڌر پئي هلائي، ٻه ڏينهن پوِءِ عيد هجي پر سڄو روڊ گاڏين سان ڀريل هجي، اسان کي ملاڪا پوڻا 2 ڪلاڪ لڳڻ جي پنج ڪلاڪ لڳي ويا. رستي ۾ ڪٿي بيٺاسين ته ڪونه پر گاڏي آهستي ئي هلندي رهي، واپسي ۾ رستو بلڪل ڪليئر هو سو آرام سان پڳا هياسين، ڇوته ماڻهو ڪولالمپور کان پنهنجي ڳوٺن ۽ سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن عيد ڪرڻ وڃن ٿا . اسان گلشير لغاري لاءِ پهرين لنڪاوي جو پروگرام ٺاهيو هو پر هن چيو ته، آءٌ سمنڊ ڪناري ڪونه هلندس، اڳ ئي سنگاپور جا سمنڊ ڪنارا گھمي ويٺو آهيان، جنهنڪري مون کي ڪو تاريخي شهر گھمايون، پهرين اسان چيو ته پنانگ ٿا هلون جو اهو منهنجو به گھميل نه آهي ته چيائين نه ملاڪا ئي گھمڻي آهي، متان الطاف شيخ نه ڪاوڙجي پئي، اسان کان کلي پياسين ۽ چيوسين ته ڀائو توهان الطاف شيخ کي ڪڏهن پڙهيو، تو جهڙي ماڻهو کي ڪورس جي ڪتابن مان ڪڏهن واندڪائي ملي، ته چيائين مون الطاف شيخ کي ڪڏهن به ڪونه پڙهيو آهي، پر توهان جهڙن دوستن کان جام ٻڌو آهي، ملاڪا ۽ الطاف شيخ جي باري ۾. انڪري گهمبو ته ملاڪا. گلشير جي اهڙي فرمائشي انداز تي مان ۽ يعقوب ڪونڌر تمام گھڻو کليا هياسين. پر اها ڪاميابي الطاف شيخ جي آهي، جنهن جا ڊزن کان وڌيڪ ملائشيا تي لکيل ڪتاب ۽ سوين آرٽيڪل هوندا، پر ملاڪا تي الڳ سان ڪتاب (مڪلي کان ملاڪا) لکيل اٿس. سچ ته اهو آهي ته سائين الطاف شيخ جو هي ڪتاب ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌي ويب سائيٽ (ساٿ سلامت) تان ڊائونلوڊ ڪري پڙهي ويٺو آهيان جنهن ۾ ايترو ته تفصيل سان ملاڪا جي هر هڪ روڊ رستي، گھٽي گھر کان ويندي تاريخي ماڳ، تعليمي ادارن، شخصيتن، ماڻهن جي ڪڙم قبيلن کان ويندي ٻاهران آيل پورچوگيز، ڊچ ۽ انگريزن جي يلغار کان ويندي هتي جي اهم سياستدانن ۽ بادشاهن جو ذڪر، سمنڊ ڪنارن تاريخي وڻج واپار جي باري ۾ تمام وضاحت سان لکيل آهي جو آءٌ ملاڪا تي لکڻ ويٺو آهيان ته ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا لکان، بس مون کي منهنجو پنهنجو ملاڪا وڃڻ ۽ گھمڻ ئي نئون لڳو، جنهن جو احوال لکان پيو، باقي ”مڪلي کان ملاڪا“ ڪتاب ۾ ايتري ڄاڻ ڏنل آهي جو مون کي پڪ آهي ته ايتري ڄاڻ ملاڪا جي عام رهاڪو ملئي قوم جي ماڻهن کي به نه هوندي، جيترو پسمنظر ۽ تاريخ، سائين الطاف شيخ پنهنجي ڪتاب ”مڪلي کان ملاڪا“ ۾ بيان ڪئي آهي. ملاڪا بابت ڪجه پوائنٽس هيٺ ڏجن ٿا،

• ملاڪا اسٽيٽ جي ملاڪا ٽائون واري علائقي کي يونيسڪو طرفان جولاءِ 2007ع ۾ ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪيو ويو.
• هي ملائشيا جو تاريخي واپاري بندر گاه رهيو آهي ۽ قديم زماني ۾ واپار جو مرڪز رهيو آهي، هتي آفريڪي، عرب، چائنيز کان ويندي يورپي واپاري، هندستاني واپاري به بحري ٻيڙن ذريعي واپار سانگي سمنڊ مان گذرڻ وقت ملاڪا مان گذرندا رهيا يا قيام ڪيائون ٿي، جنهنڪري اڳتي هلي هن شهر ۾ واپار جو بنياد پيو.
• هتي قلعا، چرچ، مندر، ڪيترائي ميوزيم ۽ خوبصورت مسجدون آهن،
• اهم ڳالهه شهر جي وچان ملاڪا اسٽريٽ درياءُ وهي ٿو، جيڪو هن شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو، پر ان ۾ هلندڙ ٽوئرسٽ بوٽ سياحن کي سڄي شهر جو ديدار ڪرائي ٿي.
• ملاڪا هتي موجود وڻ جي نالي پويان شهر جو نالو رکيو ويو. هي اهو ئي وڻ آهي جنهن هيٺان اچي سماترا ٻيٽن مان ڪنهن حڪمران ڀڄي اچي 1444 ۾ هتي ديرو ڄمايو ۽ هن شهر کي آباد ڪيو، جتان سندس سلطنت وري شروع ٿي ۽ هي خاندان اڄ تائين هن ملڪ ملائشيا جي بادشاهت ۾ حصيدار رهندو اچي.
• ملاڪا جي سامونڊي اهميت هجڻ ڪري پهرين 1511ع ۾ پورچوگيزن قبضو ڪري حڪمراني ڪئي، پوءِ ڊچن اچي 1641ع ۾ قبضو ڪيو، ان کان پوءِ انگريز 1824ع ۾ ڪاه ڪئي جن جي حڪمراني پوري ملائشيا جي سمورين رياستن تي هئي، جن هڪ صدي کان به وڌيڪ حڪمراني ڪئي پر وچ ۾ ٻي مها ڀاري لڙائي (1939ع) دوران جپان اچي انگريزن کي هتان ڀڄائي 5 سال ملايا کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو، پر ائٽم بم لڳڻ کان پوءِ جپان آڻ مڃي، ته ملڪ وري انگريزن جي حصي ۾ آيو. ائين هتان جي ماڻهن انگريزن کان 31 آگسٽ 1957ع تي آزادي ورتي.
• ملايا کي 17 سيپٽمبر 1963ع تي ملايا جي سمورين رياستن ۽ صبا، سرواڪ، سنگاپور سميت ملائي نئون نالو ملائشيا ڏنو ويو پر پوءِ سنگاپور الڳ ٿي آزاد ملڪ ٿيو.
• هن رياست ۾ هڪ علائقو اهڙو به آهي جتي پورچگيز نسل جا ملئي ماڻهو رهن ٿا. اهي ملئي ماڻهو پورچوگيز جهڙا لڳن جيڪي ان وقت جي ڪراس ميريجز جي نتيجي ۾ پيدا ٿيا.
• هتان جي مشهور روايتي سواري سينگاريل سائيڪلون آهن، جيڪي ملاڪا جي هيريٽيج سائيٽ جي سونهن لڳن ٿيون، جن تي چڙهي به گھمڻ جو زبردست مزو آهي.
• ملائشيا اچي جيڪڏهن ڪو ملاڪا گھمڻ نه ويو، ڄڻ ملائشيا کي ڏٺو ۽ سمجهيو ئي ڪونه، اهو بلڪل ائين آهي جي ڪو سنڌ اچي ۽ موهين جو دڙو يا ٺٽي جا تاريخي آثار نه ڏسي. ڪراچي ۽ ڪولالمپور مان ته ترقي ڏسي سگھجي ٿي پر محنت، تاريخ ۽ ثقافت ۽ قومن جي نفسيات جي صحيح خبر ڪنهن به ملڪ جي تاريخي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ سان ئي پوي ٿي.
هڪ مزي جي ڳالهه ته جڏهن اسين گلشير، سائين عمران، يعقوب ڪونڌر ۽ آءٌ ملاڪا گھمي رهيا هئاسين ته فاموسا قلعي واري ٽڪري جي ڪڇ ۾ ٺهيل پراڻين ڪوٺي نما چونڪي ۽ سندس ڀر ۾ لڳل توب جي ڀرسان ڪجهه جرمنيءَ جا سياح، جن ۾ 2 ڇوڪريون ۽ 3 ڇوڪرا هئا، اهي ان ڪوٺي جي ڇانو ۾ گٽار تي سڀ گڏجي زبردست سُر ۾ ڳائي رهيا هئا، ۽ سندن اڳيان پيل ٽوپي ۾ ماڻهو کين داد ڏيڻ لاءِ پيسا وجهي رهيا هئا. مون ڏٺو ته اڌ ٽوپي پيسن سان ڀريل هئي، سندن فن کي داد ڏيڻ سان گڏ سندن خوشنصيبي کي به ساراهڻ کان رهي نه پئي سگھيو، جو اها ته پڪ ٿي، ته همراه ملاڪا ۾ آيل خرچ ته هتان ئي ڪڍيو پيا وڃن.