سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

ترنگانو رياست جو تعليمي ۽ تفريحي سفر

ڪولا ترنگانو ڏانهن روانگي ۽ رستي جو احوال
ڪولا ترنگانو، ترنگانو رياست جي گاديءَ وارو شهر آهي، هي رياست ڪولالمپور کان 553 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي، ۽ هن رياست کان پوءِ ملائشيا جي اڳي رياست ڪيلانتن آهي, جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ڪوٽابارو آهي. هي ٻئي رياستون باقي ملائشيا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملئي آبادي واريون آهن، ۽ تقريباَ 90 کان وڌيڪ سيڪڙو آبادي هنن رياستن ۾ ملئي ماڻهن جي ئي آهي. هنن ٻنهي رياستن جا ماڻهو باقي ملائشيا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مذهبي آهن ۽ هتان اڪثر ملائشيا جي مذهبي پارٽي اليڪشن کٽندي آهي. هنن رياستن ۾ ڳالهائي ويندڙ ملئي ٻولي جو لهجو به باقي ملائشيا جي رياستن جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي، ڪنهن حد تائين لباس ۽ کاڌا پيتا به نرالا اٿن.
منهنجو ڪولا ترنگانو وڃڻ اتفاق طور ٿيو، ٿيو ائين جو منهنجي گھرواري جيڪا هتي لائبرري سائنس شعبي ۾ ماسٽرس ڪري رهي آهي، ان جي شعبي جي شاگرد اسيمبلي يعني يونين جي طرفان ڪولا ترنگانو جو اسٽڊي ٽوئر رکرائي ويئي، جيئن ته هي شعبو به انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏ ساڳي فيڪلٽي ۾ آهي، ان ڪري فيڪلٽي جي ٻين شاگردن کي به هلڻ جي اجازت ملي جنهنڪري آءٌ ويس، پر اتفاق سان منهنجي گھرواري هي ٽوئر نه ڪري سگھي. اسان جي ٻن ٻارن هجڻ جيئن ته ٻارن کي گڏ وٺي وڃڻ جي اجازت نه ملي، جو هڪ ته تعليمي ادارا وزٽ ڪرڻا هئا، اهي به خاص ڪري لائبرريون جتي ماحول خاموشيءَ وارو هوندو آهي، ۽ ٻيو سفر به رات جو هو. اهو ئي سبب هو، ان ڪري عابده جو وڃڻ مشڪل ٿي پيو جو 3 راتيون ۽ 2 ڏينهن اتي ترسڻو هو. جيئن ته ٻار ماءُ کان سواءِ رهي نه پئي سگھيا جو ننڍڙي ته کير پياڪ آهي، منهنجو شوق ڏسي عابده چيو توهان ڀلي وڃو ۽ گھمي اچو، سو آءٌ وڄڻ لاءِ مقرر فيس 70 رنگٽ به جمع ڪرائي ڇڏي. مون کي هونءَ ئي گھمڻ جو شوق هو پر ڪولاٽرنگانو ۾ جيئن ته ٻن يونيورسٽين جو وزٽ به هن ٽوئر ۾ شامل ان ڪري به ويتر وڌيڪ شوق ٿيو، ٻيو هتي جي اسٽيل مسجد جي باري ۾ به ڪافي ٻڌل هو، جنهن جو شمار دنيا جي بهترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو ان ڪري به تيار ٿي ويس، ٻيو هن رياست جي هن شهر جي باري ۾ الطاف شيخ جي سفرنامي ”هليو آ هليو ملائشيا“ ۾ به پڙهيو هئم، جنهن ۾ هن خاص طور لکيو هو ته جي خالص ملئي ڪلچر ڏسڻو هجي ته ترنگانو ۽ ڪيلانتن رياستون گھمڻ گھرجن. تنهنڪري مون سوچيو هن کان وڌيڪ سٺو موقعو ڪونه ملندو، وڃڻ گھرجي. سائين عمران اڄڻ به روز پيو چئي، ته هلون گھمي اچون. هي پهريو دفعو هو ملائشيا ۾ اڍائي سالن جي رهائش دوران جو فيملي کي اڪيلو ڇڏي ايڏو پري وڃي رهيو هئس، حالانڪه فيصلو ڏکيو هيو پر عابده جي اجازت سان گڏ خواهش به هئي، ته توهان گھمي اچو پوءِ اسان کي به گھمائي اچجو ۽ اهم ڳالهه ته تعليمي ۽ ڪلچرل ٽوئر هو، ٻيو مون کي ملائشيا جي تعليمي ادارن ۾ گھمي، ملائشيا جي يونيورسٽين جي حوالي سان الڳ سان گائيڊ بڪ لکڻ جو به شوق هو. تنهڪري به مان تيار ٿي ويس.
آءٌ يونيورسٽي لاءِ گهران مغرب جي نماز پڙهي 8 بجي ڌاري نڪتس، يونيورسٽي مان 10 بجي رات جو بس نڪرڻي هئي، پر آءٌ تقريباَ 9 ڌارا يونيورسٽي پهچي ويس جتي پهچي مسجد ۾ نماز عشا پڙهي ۽ پوءِ ڪينٽين تي چانهه پيتي. ان کان پوءِ مين گيٽ تي پيس، جتي بس بيٺل هئي ۽ ڪافي شاگرد اچي چڪا هئا، ۽ لائيٽ ريفريشمينٽ جو به بندوبست هو. 10.30 ڌاري بس نڪتي جو 15 منٽ دير به هڪ پاڪستاني ۽ برما جي ڇوڪري کي ٿي انڪري جو اهي دير سان پهتيون، جيڪي گڏجي آيون، پوري بس ۾ 35 ماڻهو هئا، جن ۾ هڪ پروفيسر، هڪ فيڪلٽي جو لائبررين ۽ باقي سڀ شاگرد ۽ ٻه ڊرائيور. آءٌ ته سڄو رستو جاڳندو رهيس، رستي ۾ ڪٿي برسات به پوندي رهي، پر ٽريفڪ ايڏي خاص نه هئي جو جيئن ئي ڪولالمپور کان نڪتاسين ته ٽريفڪ گهٽجندي وئي تان جو ڄڻ روڊ تي سانت هجي، ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ڪار نظر پئي آئي، ٽريفڪ بلڪل نه هجڻ برابر هئي رستو سڄي واٽ سنگل روڊ هو ڪافي ڪشادو، فاست لائين، وچ واري لائين ۽ ٽين سلو لائين به الڳ هئي، رستي ۾ اڪثر لائيٽنگ جو بندوبست به هو، روشني ۽ برسات روڊ کي تمام بهترين نظارو ڏيئي رهيا هئا.
ڪولالمپور کان پوءِ جيڪا ٻي رياست آئي ترنگانو کان پهرين اها آهي پهانگ، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ڪوانتن آهي. ڪوانتن شهر جي باءِ پاس کان گذرياسين، هي شهر ڪولالمپور کان تقريباَ 241 ڪلو ميٽر پري آهي ۽ ان کان پوءِ ڪولا ترنگانو 235 ڪلوميٽر آهي. ائين سمجهجي ته هي شهر ڪولالمپور ۽ ڪولاترنگانو جي وچ تي آهي. هن ڪوانتن شهر ۾ به اسان واري اسلامڪ يونيورسٽيءَ جو ڪئمپس آهي، جنهن ۾ فارميسي، ميڊيسن، بيسڪ سائنسز ۽ فريڪل هيلٿ جا شعبا پڙهايا وڃن ٿا، جتي اسان جي حيدراباد جي سنڌياڻي ادي راحيلا شاه به فزيڪل هيلٿ فيڪلٽي ۾ فزڪس ۾ ڪينسر جهڙي اهم مرض تي پي ايڇ ڊي ڪري رهي آهي، هڪ ٻيو سنڌي شاگرد طٰحيٰ سنڌي نالي نوجوان به جنهن کي سنڌي ڪم ڪڍي وڃڻ جيتري اچي ٿي، هن جو جنم سعودي عرب ۾ ٿيو آهي ۽ اتي ئي رهي وڏو ٿيو آهي، اهو به بيچلر ڊگري پروگرام ۾ پڙهي رهيو آهي. انهن کي ڪوانتن مان گذرندي سلام جو ميسيج ڪيو.
ايستائين سفر دوران مون اهو پئي سوچيو ته اسان وٽ جيڪي ٽرالر ۽ ٽرڪون رات جي سفر کي خطرناڪ بڻائيندا آهن اهي ڪونه پئي نظر آيا، پر جتي بس اڌ ڪلاڪ لاءِ بيٺي اتي ڪجهه ننڍا ٽرالر نظر آيا پر وري به تيل ۽ گئس سان ڀريل گاڏيون ڪونه هيون، پر ڪو سامان هُين جيڪو نظر نه پيئي آيو جو مٿان وڏي پلاسٽڪ سان ڍڪيل هيون. هي سڄو سفر مون کي سڪون مهيا ڪندو رهيو جنهن جو سبب شايد ٽريفڪ جي گھٽتائي، روڊ بهترين ٺهيل هجڻ هو، رستي ۾ ”وقتو راحت“ جا بورڊ ڪافي نظر آيا جن جو مطلب هيو کاڌي پيتي ۽ پئٽرول وجهرائڻ جي سهولت. اسان جي گاڏي صرف ٻه دفعا بيٺي، هڪ ڪولالمپور کان نڪرڻ کان پوءِ جتي به پئٽرول پمپ سان گڏ نهايت ئي صفائي واري بلڊنگ ٺهيل هئي جيڪا پئٽرول پمپ کان ٿورو پرڀرو هئي، ائين لڳو حڪومت طرفان هجي جتي 10 کان 12 دوڪان هيا جن ۾ کاڌي پيتي جا هوٽل به هئا ته مختلف ريفريشمينٽ جا دوڪان به ته وري سائيڊ ۾ تمام صاف سٿرا ٽوائليٽ جن جي اڳيان مڇي جو پانڊ هيو، جنهن ۾ پاءُ کان هڪ ڪلو تائين مڇي جا ڪرڙا ٽپا ڏيئي رهيا هئا ۽ ان جي ڀرسان ئي 15 کان 20 ٽوائليٽ هئا جن جي اڳيان هڪ نوٽس بورڊ تي ڊيوٽي ڪندڙ صفائي جي عملي جا نالا ڦوٽو ۽ آءِ ڊي نمبر سان گڏ ڪمپلين نمبر به ڏنل هئا، ويندي پوري اسٽاف جي لسٽ به، جنهن جي ڀرسان سندن آفيس به هئي ۽ هڪ سٺي مسجد به . فش پانڊ سان گڏ وزن ڪرڻ ۽ هارٽ بيٽ چيڪ ڪرڻ واري خودڪار مشين به هئي, جنهن ۾ سڪو وجهي بيهڻ سان سڃي رپورٽ اسڪرين تي اچي پيئي وئي، هن جڳهه تي به ڪافي ماڻهن ڦوٽو پيئي ڪڍيا جو فش پانڊ مٿان بلب لڳڻ هجڻ ان ۾ شاور جو پاڻي ڪرڻ ڪري ڪافي سٺو نظارو پئي ڏسڻ ۾ آيو. ڪجهه آفريقن ته ٽوائليٽ اندر بيٺل ملازمن سان جيڪي يونيفارم ۾ بيٺل سرڪاري ملازم هئا انهن سان گڏ تصويرون ڪڍرائڻ لڳا. مون هڪڙي کي چيو هتي هن همراه سان ته تصوير ڀلي ڪڍي پر باقي اندر ٽوائليٽ ۾ بيهي تصورن ڪڍڻ جو فائدو ته وراڻيائين فيس بڪ تي رکي پنهنجي سياستدانن کي ٽيگ ڪنداسين، جن پوري ملڪن جو خانو خراب ڪيو آهي، جو اسان جي ملڪن جا بهترين شهر به هنن ٽوائليٽ جهڙا صاف سٿرا نه رهيا آهن.
مون کي به ڳالهه دل سان لڳي ۽ سوچيم ته توهان ۽ اسان سان ساڳيو ظلم آهي، بلڪه اسان سان ته اڃا وڌيڪ، جو اسان جا رهنما ته توهان کي چوٿين دنيا جا انسان ٿا سمجهن ۽ پاڻ وارو خطو ته ٽين دنيا مان ٻي دنيا ۾ شامل ڪيو پيو وڃي پر حال اهو آهي، جو سيوهڻ جهڙي پاڪ شهر جي هوٽلن جي حالت ۽ واش رومس جي حالت ڪچري جي جڳهه کان به بدتر آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين وڃجي ٿو ته ڪٿي به ڪو حڪومت طرفان نه ڪو ريسٽورينٽ، نه راحت لاءِ ڪا جڳهه آهي ۽ نه ئي وري ڪو صفائي رکڻ لاءِ ٽوائليٽ ٺهيل آهن. ماڻهو يا ته آزاد فضا ۾ گاڏي مان لهي گندگي ڦهلائين يا وري ڪنهن پرائيويٽ ريسٽورينٽ يا پئٽرول پمپ جي بدبودار ٽوائليٽ ۾ پيسا ڀري هلڪا ٿين. حالانڪه مسلمانن جي اڌ ايمان جي نشاني صفائي آهي پر اسان جي ملڪ جا حڪمران طبقن جو اڌ ايمان ماڻهن کي بيمار رکي فنڊ ڦٻائڻ ۾ آهي. حالت اها آهي جو ماڻهو ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين يا وري ڪيٽي بندر ۽ ننگرپارڪر تائين وڃي سفر جو مزو وٺڻ بجاءِ بيمار ٿيو وڃي يا ايڪسيڊنٽ ٿيڻ جو خوف هر وقت دل ۾ رکي سفر ڪري، بس الله الله ڪري پنهنجي گھر پهچي ٿو . پر هتي رات جي سفر ۾ جيڪو اطمينان هو اهو شايد پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي گاڏي ۾ ڏينهن جو سفر ڪندي به نه ملي.
الله سائين کان دعا آهي ته اسان کي به ڪي اهڙا حڪمران عطا ڪري، جيڪي صفائي سٿرائي، ترقي ۽ تعليم تي خصوصي توجهه ڏين. حقيقت ۾ صحت، امن امان ۽ قومن جي خوشحالي انهن ٽن شين تي منحصر هجي ٿي. بهرحال رستي ۾ ڪافي ٻيا به ننڍا وڏا شهر آيا، جيڪي سڌي طرح روڊ تي ته ڪونه آيا پر سائيڊ ۾ ٿورو پرڀرو پئي نظر آيا، جيڪي لنڪ روڊ ذريعي هاءِ وي سان ڳنڊيل هئا. اهڙو ڪو به شهر ڪونه آيو جيئن حيدرآباد کان سکر ويندي وچ روڊ تي ڪيئي شهر آهن جن ۾، هنڱورجا، راڻيپور وغيره اچي وڃن ٿا. روڊ جي ڀرسان جي پري پري تائين ڪو ڳوٺ يا وسندي هئي, ته به مين روڊ تي لائيٽنگ جو بندوبست هڪ کان ٻه ڪلوميٽر تائين هو. پر جي روڊ جي ڀرپاسي ۾ ڪو پڪو ٽائون يا شهر هو ته لنڪ روڊ يا وري فلاءِ اُور ذريعي لنڪ روڊ ڏنل هو ۽ ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين روڊ لائيٽ جو بندوبست هو، جنهنڪري آسپاس جي جهنگن، جبلن ۽ هيٺائين ۾ موجود ڳوٺن ۽ شهرن کي پري کان ڏسڻ جو موقعو پئي مليو.
حقيقت ۾ جي ائين روشنين جو بندوبست نه هجي ته برسات، وڏن وڏن وڻن جي ڪري بيٺل گھاٽن ٻيلن ۽ مٿانهن پهاڙن جي ڪري روڊ کان سواءِ آسپاس ڪجهه نظر به نه اچي پر هن ملڪ ۾ بجلي جي بهترين نظام هجڻ ڪري جنگل ۾ منگل وارو ڪم لڳو پيو آهي، ڪٿي ڪنهن پهاڙي تي ڪنهن جهوپڙي ٽائيپ گھر ۾ يا وري وڏي ٻيلي ۾ موجود رٻڙ، ناريل يا پام آئل جي فصلن جي وچ ۾ بلب ٻرندي نظر آيا. اسان وٽ ته ميداني علائقا آهن، جتي برسات به روز ڪونه ٿئي، نه وري ڪي گھاٽا ٻيلا پر وري به رات جو اڪثر ڳوٺ ۽ وسنديون اوندهه ۾ ۽ بيخبريءَ ۾ رستي مان گذريو وڃن. اسان جا روڊ ٽٽل جتي برسات سال ۾ ڪي ٻه مهينا به مس پوي، پر هتي روز 3 کان 4 ڪلاڪ برسات پوي ٿي، ته به بجلي وڃي نه روڊ ٽٽن.
هي سنڌي وارو پهاڪو ياد پيو اچيم ته ڪٿي ڍور سُڃا ڪٿي چور سُڃا، اسان سان به اهو ئي ڪم آهي، پنهنجي ڪيئي جو نه ويڄ نه طبيب. ملائشيا جي جهنگن ۾ رهندڙ قوم پنهنجي محنت سان محلن ۾ اچي ويئي آهي، ۽ اسين ميداني سرسبز علائقن جا سولائيزڊ سمجهيا ويندڙ ماڻهو برپٽن تي اچي ويا آهيون، جو روڊن رستن سان ولهه ۾ پيا ٿڙڪون ۽ مرون يا وري گھرن ۾ پيا گرمي ۾ سَڙون. بهرحال ڏک جو داستان ڊگھو نه ٿو ڪريان ۽ اچو ته پاڻ ڪولالمپور کان ڪولاترنگانون جي سفر کي پڄاڻي تي پهچايون ٿا. نيٺ اسان جي بس اچي ڪولاترنگانو شهر ۾ داخل ٿي، ۽ شيڊول مطابق 4:30 تي هڪ مسجد جي اڳيان بيٺي، جتي اسان کي فجر جي نماز پڙهي ڪري پوءِ رهائش واري جڳهه تي 7:00 بجي تائين وڃڻو هو. تنهنڪري اسان کي هتي نماز پڙهڻ کان پوءِ انتطار ڪرڻو هو. مان به ٻين سان گڏ مسجد ۾ اندر وڃي فريش ٿيس، وضو ڪيو ۽ ڪجهه دير قرآن پاڪ پڙهيو، پوءِ ليٽي پيس جو جماعت جو وقت 6:10 تي هو.

ڪولاترنگانو ۾ ڏينهن پهريون
هي مسجد وقف تمبسو ڪولا ترنگانو Masjid Wakaf Tembesu تمام وڏي ٺهيل هئي، جنهن ۾ 5000 هزار نماز پڙهڻ وارن لاءِ گنجائش هئي، اسان سمورا شاگرد هيٺ لهي اندر وياسين، ملائشيا جي هر مسجد ۾ عورتن لاءِ الڳ وضو ڪرڻ جي جڳهه ۽ نماز پڙهڻ جي جڳهه ٿئي ٿي، اسان سان گڏ آيل شاگردياڻيون به لٿيون جيڪي مسجد اندر عورتن لاءِ مخصوص ڪيل حصي ڏانهن ويون. آءٌ به وضو ڪري مسجد اندر ويس. اسان کان پهرين هڪ ٽيڪسي ڊرائيور سائيڊ واري باٿ روم ۾ وهنجڻ جي تياريءَ ۾ هو، باقي مسجد اندر هلڪي روشني هئي ۽ ٻه ماڻهو اڳي صف ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رهيا هئا.
ڪولالمپور جي مسجدن جي برعڪس مون هن مسجد ۾ اسٽينڊ فين ڏٺا، ۽ ديوارن سان لڳل ٽيبل فين به هئا، جن جو تعداد ڪوئي 500 سئو جيترو هجي جو ائين پئي لڳو جو هر صف سان 50 پکا هجن ۽ البته هڪ اي سي پلانٽ پيش امام جي بيهڻ واري جڳهه جي سامهون لڳل هو، جنهن جي ڪولنگ شايد پهرين صف وارن تائين پهچندي هجي. اسان مان هر ڪو پنهنجي سامهون وارو پکو هلائي نفل نماز پڙهي رهيو هو يا وري بلب ٻاري قرآن پاڪ کڻي تلاوت ڪرڻ شروع ٿيو. پکي هلڻ کان سواءِ مسجد ۾ گرمي پيئي محسوس ٿي. تقريباَ پنج کان پوءِ ڪجهه بزرگ اچڻ شروع ٿيا جيڪي بُشَٽِ يعني صدري ۽ ملئي پوتڙو پهريل هئا، ڪجهه بزرگ عربي گائون ۾ به آيا. مون پئي سوچيو ته هتي مسجد ته وڏي آهي پر اسان جي ملڪ وانگي صبح جي نماز ۾ ڪجهه ئي بزرگ هوندا پر ڏسندي ئي ڏسندي 300 جي لڳ ڀڳ ماڻهو نماز لاءِ اچي ويا ۽ تقريباَ 5 کان 6 صفون ٿيون. هونءَ ته مسجد جي هڪ پاسي ڏانهن وچ تي پارٽيشن ٿيل هو پر جڏهن ته پهريون ٽي صفون يڪو لڳاتار هيون، جن ۾ پارٽيشن نه هو، آءٌ به جيئن ته ٻي صف ۾ هئس، نماز پڙهي سلام ورائڻ مهل ڏٺم ته عورتن واري پاسو به اڳيان کان کليل آهي. اندازي مطابق 30 کان 40 کن عورتون هيون، جن ۾ اسان سان گڏ آيل 10 کن ڇوڪريون به شامل هيون، اسان سان گڏ آيل شاگردياڻين کان علاوه سموريون عورتون وائيٽ گائون ۾ هيون. جڏهن مان مسجد مان ٻاهر نڪتس ته عورتون گاڏين ۾ ويهڻ مهل گائون هٽائي پنهنجي روايتي ڪپڙن ۾ نطر آيون. ان جو مطلب ته گائون گاڏي ۾ پيل هُيُنِ، صرف نماز لاءِ پهرين آيون، وري گاڏيءَ ۾ لاهي رکيائون. ائين مون نوٽ ڪيو ته تقريباَ سڀ ماڻهو پنهنجي گاڏين ۾ چڙهي روانا پئي ٿيا، سواءِ ڪجهه ماڻهن جي جيڪي پنڌ پئي ويا.
ملائشيا ۾ ڀر واري گهر مان به گاڏين تي چڙهي مسجد اچڻ عام آهي، جو مينهن تمام گھڻو پوي ٿي ٻيو وري هي مسجد رستي تي هئي، تنهڪري شايد مسافر به لهي وهنجي سهنجي فريش ٿي نماز پڙهي اڳتي پنهنجي منزل ويندا هجن. بهرحال اسان مسجد مان 6.30 بجي ڌارا نڪتاسين ۽ رستي ۾ هڪ هوٽل تي ناشتي لاءِ بس روڪي ويئي، جتي 3 عورتون هوٽل هلائي رهيون هيون، جيڪي سڀ جو سڀ ميزن تي سجائي رکيل ناشتي جي ٿانون اڳيان بيٺيون هيون، انهن جي انگلش به سٺي هئي. جيئن ته ملئي جي هوٽل تي ناشتي ۾ هر شيءِ چانورن سان هوندي آهي يا وري تامل هوندو ته روٽي چنائي سان به. پر هتي روٽي چنائي گھرڻ تي چيائون ته ماني هڻڻ وارو نه پهتو آهي، تنهڪري مون هتان جو روايتي چانور وارو ڊش جنهن کي ناسي ليماڪ هڪ عدد انڊو ۽ ڪجهه کيرن سميت کنيو ۽ چانهه جنهن کي ملئي زبان ۾ تهتاري چون اها به چئي، بل 3 رنگٽ آيو، اسان جي ناشتي ڪندي ئي روٽي چنائي لڳائڻ وارو تامل اچي ويو پر جيئن ته آءٌ ناشتو ڪري رهيو هيس تنهڪري ماني نه گھرايم. بهرحال هن شهر ۾ ٻه ڏينهن رهڻ دوران جنهن هوٽل ۾ به وياسين ته وڌ ۾ وڌ عورتون ئي هوٽل هلائيندڙ مليون، البته ڪجهه مرد جن ۾ چانهن ٺاهڻ وارو ۽ ماني هڻڻ وارو شامل هئا سي به تقريباَ انڊين تامل نسل جا نه ته ملئي عورتون ئي هونديون هيون، جن ۾ ڪا پيسن وٺڻ تي ۽ ٻيو کاڌو کڻندي ڏسڻ تي، جو ملائشيا ۾ تقريباَ سمورا ڊش سڀني هوٽلن تي بوفي جيان لڳل هوندا آهن، پنهنجي پسند مطابق پليٽ ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ کڻي اچي ويهجي ٿو، جتي اچي حساب لڳائي بل ڏيئي وڃن ٿا. هن هوٽل تي چڪن، مڇي فراءِ به هئي چانورن سان گڏ ته وري مرغي جو ٻوڙ به، انڊا فراءِ به ته وري بوائل انڊا به، پر کائڻا چانورن سان هجن ٿا، ها باقي روٽي چناءِ سان دال ڏين جيڪو اسان لاءِ وڌيڪ مزيدار ناشتو ٿئي ٿو بنسبت ناسي ليماڪ کان، پر اها به حقيقت آهي ته ناسي ليماڪ دنيا جي 10 بهترين ناشتن ۾ شامل ٿئي ٿو، سو آءٌ ته ناسي ليماڪ ڪڏهن ڪڏهن گھر به تيار ڪرائيندو آهيان جو منهنجي گھرواري انهن ڍاٻي واري هوٽلن کان وڌيڪ ذائقيدار ناسي ليماڪ ٺاهيندي آهي، جنهن جو سبب شايد گھر ۾ ڪوڪونٽ ملڪ وجهڻ آهي، ۽ ٻاهر ملئي هاڻي شايد بجاءِ ڪوڪونٽ کير وجهڻ جي روايتي پاڻي ۾ چانور ٺاهي رکن ٿا. سو جيڪا ساراهه ناسي ليماڪ جي ٻڌي پاڪستان ۾ يا وري سائين الطاف شيخ جي ڪتابن ۾ پڙهي اها ٽيسٽ مونکي ڪڏهن به ٻاهر نه ملي آهي، ٿي سگهي ٿو مون کي ناسي ليماڪ جو ذائقو پسند نه هجي پر گھر ۾ ضرور پسند آيو، هڪ ته آءٌ بيهي مڳ جام ٺهرايا جيڪو هتي چانورن سان ملائي کائڻ جو رواج آهي، جيڪي فراءِ ڪجن ٿا، هي به خاص ناسي ليماڪ سان کائبا آهن، ملئي ته اڪثر ننڍي ننڍيون مڇي فراءِ ٿيل کائين، جيڪا مونکي ڪڏهن نه وڻي جو ان مان ڪچي مڇي واري بدبوءِ اچي، شايد اهو ئي سبب آهي جو کير ۾ پڪل چانور وري ننڍي مڇي، بيهي مڳ، انڊو، کيرو ملائي کائڻ سان هي ناشتو دنيا جي صحتمند ناشتن جي فهرست ۾ اچي ٿو نه ته اسان وانگي چانهه ۽ پراٺو ته بيمار ئي ڪري ٿو، بهرحال ناشتو ڪندي زور سان مينهن به پئي پيو، اسان بس ۾ چڙهي هوم ولاز آياسين، جيڪي روايتي گھر ئي هيا، اتي فريش ٿي وهنجي سهنجڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ ڏنو ويو. ٺيڪ 9.30 بجي بس ۾ سڀ اچي به ويا ۽ 9.45 تي اسين پنهنجي شيڊول جي پهرين آفيشل وزٽ يونيورسٽي سلطان زين العابدين ۾ اچي پهتاسين.

سلطان زين العابدين يونيورسٽي جي لائبريري ۾
هيءَ يونيورسٽي، ڪولا ترنگانو شهر ۾ ئي آهي ۽ شايد سٽي سينٽر کان 10 ڪلوميٽر پري، پر ملائشيا جي سڀني يونيورسٽين جيان خوبصورت ۽ هڪ پلاننگ سان ٺهيل، مين گيٽ جي پاسي ۾ ئي هڪ عاليشان مسجد اٿس، اسان اتان گذري ايڊمنسٽريشن بلڊنگ وٽ بس بيهاري ٿوري دير لاءِ بس اندر ئي ويٺا رهياسين جو مينهن تمام گھڻو تيز هو ۽ گھمڻ جي شوق ۾ سڀ ڇٽي کڻڻ وساري آيا هئا، مون ڏٺو ته مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڇٽي نه هئي پر ملائشيا جو مينهن جيڪو وسي به اوچتو ۽ بند به اوچتو ئي ٿئي. مينهن گھٽ ٿيڻ تي سڀ لهي يونيورسٽي لائبريري طرف وياسين. لائبريري جي گيٽ تي ڪجهه آفيشل اسٽاف اسان جو استقبال ڪيو ۽ رسيپشن تي ڦوٽو سيشن ٿيو، پوءِ لائبريري جي ٻي منزل تي هڪ ننڍي هال ۾ وٺي ويا، جتي ناشتي جو بندوبست ٿيل هو. ناشتي ۾ چانهه، بوائل انڊا، کيرا ۽ چانور يعني ناسي ليماڪ شامل هئا. ناشتي ڪرڻ کان پوءِ ساڳي منزل تي موجود ڪمپيوٽر هال ۾ ويهاري اسان کي لائبريري جي باري ۾ ۽ هن يونيورسٽي جي باري ۾ بريفنگ ڏني ويئي. ان سيڪشن ۾ تقريباَ منهنجي اندازي مطابق 200 کن ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر هئا ۽ ڪجهه ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر به موجود هئا. اسان کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ لائبرري جي اسسٽنٽ پروجيڪٽر تي سلائيڊيون ته هلايون پر سلام ڪرڻ کان پوءِ ڳالهائڻ وقت همراه ايڏو پيو شرمائي ۽ مسڪرائي جو ٻه يا ٽي منٽ وٺي ويو ته شروعات ڪيئن ڪري، پهرين ته ٻڌايائين ته اسان جي ملئي زبان ڪولالمپور ۾ ڳالهائي ويندڙ ملئي کان ڪجهه مختلف آهي پوءِ چيائين تري ما ڪسي يعني ڀلي ڪري آيا پوءِ انگلش ۾ چوڻ چاهيائين پر همراه کي ويلڪم وارو لفظ نه پئي مليو شايد سو سوچيندي عربي ۾ اهلان وسهلان به چئي ويو پر وري خاموش ٿي ويو بلڪه هي ملئي ماڻهن جو ڪو قدرتي انداز آهي، اڪثر ڳالهائيندي ٻڏي ويندا آهن ۽ اسان کي لڳندو ته همراه کي ڳالهائڻ نه ٿو اچي. بهرحال همراه کي شرمائيندي ويلڪم لفظ باري ۾ سوچيندي جيڪو هن جي زبان تي نه اچي رهيو هيو سو وچ ۾ کڻي اسان جي ميڊم ارجمند بانو سومرو ڳالهايو ته Brother you want to say us welcome تنهن تي سڀني ملي مسڪرايو ۽ هن همراه به ان وقت ئي جوش مان ويلڪم بجاءِ چيو ته I want to say thank you all for being here at our university library، مطلب هن کي شروعات ڪرڻ لاءِ هي جملو چوڻ لاءِ ايڏو سوچڻ جي ضرورت پئي پر پوءِ ملئي ۽ انگلش ۾ آرام سان ڳالهائيندو به رهيو ۽ سلائيڊون به ڏيکاريندو رهيو.
هن لائبريري جي خاص ڳالهه هيءَ هئي ته هر شيلف ٻاهران ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي تصوير سان ان جو ڪو سٺو قول لکيل هو. هي لائبريري به ملائشيا جي ٻين لائبررين جيان مينيجمينٽ سسٽم تي هئي ۽ ڊجيٽل رڪارڊ ڪيپنگ سسٽم نه صرف لائبرري جي سمورن ڪتابن پر ميمبرس کان ويندي هر تفصيل سسٽم ۾ محفوظ ٿيل هئي، ويندي ڪتاب جاري ڪرڻ ۽ جمع ڪرڻ لاءِ خودڪار مشينون به موجود هيون، لائبريري جي گيلري ۾ تاريخي پينٽ ٿيل تصويرون به فريم ٿيل هيون جن ۾ هڪ تصوير ڏانهن سائين عمران جو ڌيان ويو ۽ مون کي سڏي چيائين هي ڏس، مون غور ڪيو ته اها تصوير مڪلي جي آثارن جي هئي، سو اسان پڪ ڪرڻ لاءِ تصوير جي پٺيان ڏٺو ته ڪجهه به لکيل نه هيو، اتي موجود لائبرري جي اسٽاف کان پڇا ڪئي ته چيائون ڪنهن اڻ ڄاتل ماڳ جي آهي، جڏهن ته ڪافي ٻين تصويرن تي ملڪ ۽ ماڳ جو نالو لکيل هيو پر هن تي ڪونه لکيل هو، سو اسان ٽنهي مون، سائين عمران ۽ ميڊم ارجمند لائبريري جي ايڊمن آفيسرن کي ٻڌايو ته هي اسان جي ملڪ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي تاريخي جڳهه مڪلي جي تصوير آهي، هو مسڪرائيندا رهيا پر نالو ڏين يا نه اها پڪ نه آهي. لائبريري جي بريفنگ کان پوءِ لائبريري جا سمورا سيڪشن گهمياسين، ٻاهر نڪرڻ مهل سمورن آيلن کي هڪ گفٽ بيگ ڏني ويئي جنهن ۾ پين، نوٽ پيڊ، چاٻين لاءِ ڇلو، هڪ عدد ڪپ جنهن تي يونيورسٽي مونو گرام ٺهيل هو، سمورن شاگردن کي ڏنوويو، پر اسان سان گڏ آيل پروفيسر کي ڏيڻ مهل اسان سمورا شاگرد پويان بيٺاسين ۽ لائبريري جي مين گيٽ وٽ بيهي اسان سان آيل استاد ۽ لائبريري جي اسٽاف کي ڪجهه ڪتاب ۽ گفٽ بيگ ڏنائون ۽ اسان جي پروفيسر به ٽوڪن آف ايپريسئيشن هن لائبريري جي ڊائريڪٽر کي ڏنو. ائين پوءِ موڪلائي يونيورسٽي لائبريري جي ٻاهران گفٽ شاپ ۽ ڪينٽين تي اچي ويٺاسين ۽ شيڊول مطابق اتان 12.30 نڪرڻو هيو، ان وقت 12 ٿيا هئا، آءٌ ڪجهه دير لاءِ ڪيمپس گھمي ڏٺو، پوءِ ٺيڪ ٽائيم تي اتان نڪتاسين، هڪ ٻي يونيورسٽي گھمڻ لاءِ جيڪا هن رياست جي وڏي ۾ وڏي سرڪاري يونيورسٽي آهي جنهن جو نالو يونيورسٽي ملائشيا ترنگانو آهي، ان يونيورسٽي پهچڻ ۾ ڏهه يا پندرنهن منٽ لڳا هوندا، جتي پهرين يونيورسٽي جي مسجد ڀرسان گاڏي بيهاريائون ۽ پروگرام مطابق هتي ظهر جي نماز کان پوءِ ٰ2 بجي هتي جي لائبريري ۾ ٽائيم هو، تيستائين هتي مسجد ۾ نماز پڙهي رليڪس ٿياسين.

يونيورسٽي ملائشيا ترنگانون ۾
هن يونيورسٽي جي خوبصورتي به سندس گيٽ کان ئي محسوس ٿي. اسان جي بس يونيورسٽيءَ مان اندران ٿيندي سڌو اچي يونيورسٽي مسجد جي ڀر واري پارڪنگ ۾ بيٺي. مسجد جو هال انتهائي ڪشادو هو، ۽ هوا جي ڪراسنگ کاٻي کان ساڄي طرف هئي. ٻنهي طرف گيٽ کليل ها، جنهنڪري تمام بهترين هوا لڳي رهي هئي، سچ ته ٿوري ٿڌي هوا محسوس ٿي جو ٻاهر جهڙالي موسم هئي، مسجد کان ٻاهر نڪري ڏٺو ته پاسي کان پاڻي جي ندي هئي يا چئجي ته وڏو نالو هو مينهن جي پاڻي ڪڍڻ لاءِ، ان وقت به زوردار پاڻي مسجد جي پاسي کان گذري رهيو هو. مسجد ۾ اسان شاگردن نماز سفر ادا ڪئي. جماعت هڪ نائيجيرين دوست ڪرائي، مسجد ۾ ايندڙ لوڪل ملئي اسان کي پري کان ئي کِلي کيڪارين پيا. ائين اتي تقريباَ 2 بجي تائين مسجد مان نڪتاسين ۽ بس ۾ چڙهي ڪئمپس اندر موجود يونيورسٽي لائبرري پهتاسين.
يونيورسٽي لائبريري جي بلڊنگ عاليشان هئي، گيٽ تي ڊپٽي لائبررين ۽ ڪجهه ٻيا اسٽاف وارا بيٺا هئا جيڪي اسان مان هر هڪ سان مليا، ٿيون ائين جو هو جيئن بيٺا هئا اسان بس مان لهڻ شرط قطار ٺهي ويئي ۽ ائين انهن سان هٿ ملائيندا اڳتي وڃي بيٺاسين، پوءِ هو اسان کي لائبريري جي اندر وٺي ويا، لائبرري جي داخل ٿيڻ جي جڳهه گرائڊ فلور کان نه هئي جو تمام وڏون ڏاڪڻيون هيون، جن تي چڙهي اسين لائبريري جي ليول ون تي ڊائريڪٽ آياسين، مٿي ڏاڪڻن تي يونيورسٽي لائبريري جو ڊائريڪٽر اسان جي ملڻ لاءِ بيٺو هيو، جنهن سڀني سان هٿ ملايو ۽ ويلڪم ڪيو، هي لائبريري به ملائشيا جي يونيورسٽين جي ٻين لائبررين وانگر تمام بهترين هئي، داخل ٿيڻ شرط هڪ ڪشادي هال جي پاسي ۾ رسيپشن، پوءِ واڪ ٿرو گيٽ جنهن ۾ عام شاگرد ته ڪارڊ پنچ ڪري داخل ٿين، پر اسان لاءِ اڳي ئي سسٽم جام ڪري ڇڏيون هين جو اسان اندر داخل ٿياسين پوءِ پهرين هال ۾ اندران لفٽ ۾ چڙهي لائبريري جي چوٿين منزل تي آياسين. جتي هڪ ملٽي ميڊيا هال ۾ اسان لاءِ بريفنگ رکيل هئي، بريفنگ هڪ لائبررين آفيسر ڏني، جنهن جي ڀرسان ڊائريڪٽر لائبريري به ويٺو رهيو، جنهن معذرت ڪندي چيو ته اصل ۾ بريفنگ مون کي ڏيڻي هئي پر منهنجي طبعيت صحيح نه آهي. ان ڪري آءٌ نٿو ڏيئي سگھان، باقي توهان جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ پنهنجي هن دوست جي مدد ڪندس.
بريفنگ جي شروعات ترنگانو اسٽيٽ جي ثقافت، تفريحي ۽ تاريخي مقام جي تفصيل ٻڌائڻ سان ڪئي ويئي، پوءِ اسٽيٽ حڪومت طرفان تيار ڪيل ڊاڪومينٽري ڏيکاري ويئي. جيئن ته هي سال 2017 ترنگانو حڪومت طرفان سياحت جو سال ڪري ملهايو پئي ويو، جنهنڪري هي ڊاڪومينٽري به تازي ٺهيل هئي. ان کان پوءِ لائبريري جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ٿي، هتي لنچ جو بندوبست ٿيل هو. هن يونيورسٽي جون پنهنجو الڳ سان جهنڊو هو جيڪو سڄو اڇي رنگ ۾ هو، پر ان جي وچ ۾ UMT لکيل هيو جنهن هيٺان بيهي مون تصوير ڪڍرائي، پوءِ هن يونيورسٽي جي فشريز ۽ ميرين شعبي وياسين جتي شعبي اندر هڪ سٺو اڪيرم به هيو جنهن ۾ مڇي سان گڏ ڪيترائي سامونڊي جاندار رکيل هئا، ان کان علاوه هڪ بهترين ليبارٽري جنهن کي هن يونيورسٽي ۾ تجربي گاه طور استعمال ڪيو پيو جتي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هتي ڪيترن ئي قسمن جون سامونڊي ۽ تازي پاڻي جي مڇين، ڪمين ۽ ٻين جاندارن تي تجربا هلندڙ آهن، جيڪي اسان کي گھمائي ڏيکاريا ويا سوين وڏا ننڍا پاڻي جا حوض ٺهيل هيا جن ۾ جيوڙا رکيل هيا، پاڻي جو سسٽم سڄو ٽرپنگ تحت رکيل هيو، هر ٽب آڏو ان تي ڪم ڪندڙ شاگرد ۽ ڪجهه استاد بيٺل هئا، جيڪي اسان کي سمجهائيندا رهيا. ائين اهو ڏسي اسين يونيورسٽي مان نڪتاسين ته تقريباَ 5 ٿي رهيا هئا، ان کان پوءِ پهرين ڏينهن جي شيڊول مطابق آخري جڳهه سمنڊ ڪناري تي ٿوري دير لاءِ وڃڻو هو سو تقريباَ 10 کان 15 منٽن جي سفر کان پوءِ ترنگانو جي ايئرپورٽ پار ڪندي اچي سمنڊ ڪناري پهتاسين.

ڪولاٽرنگانو سمنڊ ڪناري
بس ۾ پروگرام جي آرگنائيزر اعلان ڪيو ته ترنگانو جا سامونڊي ڪنارا انتهائي گھرا آهن، تنهنڪري پاڻيءَ جي ويجهو نه وڃڻ جي تاڪيد ڪئي، ۽ چيائين باقي توهان ڀلي ڪناري سان گھمون. اسين تقريباَ 5 بجي ڌاري سمنڊ ڪناري پهتاسين ۽ اسان کي 7 بجي تائين اتي گھمڻ لاءِ ٽائيم ڏنو ويو. اهو به چيو ويو ته ڊنر به هتان ئي ڪري ڇڏجو جو هتان کان پوءِ سڌو رهائش واري هنڌ هلنداسين . هي سمنڊ واقعي تمام گھرو هو تنهنڪري اسان پاڻي ۾ ئي پير ڪونه وڌا، پر پسيل واري تي هلي مزو ورتو. هي سمنڊ نهايت خوبصورت ڏيک وارو هو، ائين پئي لڳو ڄڻ سمنڊ ۽ آسمان پاڻ ۾ گڏيل آهن يا آسمان اچي سمنڊ ۾ لٿو آهي، سمنڊ جي پاڻي ۾ به ڄڻ آسمان نظر اچي رهيو هو ۽ پاڻي بلو لڳي رهيو هو، جيترو ماڻهو گھرائي سان ڏسي پيو ائين پيو لڳي ڄڻ آسمان سمنڊ جي پاڻي پيئڻ لاءِ هيٺ لهي آيو هجي. تمام دلفريب نظارو هو جيڪو شايد ڪراچي سمنڊ ڪناري مون ڪڏهن نه ڏٺو، جتي آسمان ۽ سمنڊ سدائين مون کي هڪٻئي کان پري پري نظر آيا، ويندي سمنڊ جو پاڻي بلو نه پر ميرو هوندو آهي، ڪناري تي گند ڪچرو نظر ايندو آهي، پر هتي ڪناري تي سواءِ سپين جي ٻيو ڪجهه به هو، هتي سمنڊ جي ڪناري سان وڻ ئي وڻ هئا، ته وري پٿرن جو بند به، جتي نظر ڊوڙائي ته پري پري ڪجهه گاڏيون نطر آيون ۽ چار يا پنج جوڙا ويٺل به نظر آيا، جيڪي ٿي سگھي ٿو شادي شده هجن. هتي بنا نڪاح جي ائين مسلمان نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪرو اڪيلي ۾ ڪنهن تفريح واري جاءِ تي ويهڻ جي منع آهي، خاص طور هي رياست ته آهي ئي اسلامي پارٽي جي اثر ۾، تنهنڪري انهن تي ڪيس ٿي سگھي ٿو، بهرحال هتي هر ڪو گھمندو ڦوٽو ڪڍرائيندو رهيو، اسان ڪناري واري روڊ جي ٻئي پاسي جيڪي هوٽل ٺهيل هئا اتي اچي جوس پيتو ۽ سائين عمران چيو ته رات جو بک لڳندي سو ماني کائڻ لاءِ چيائين، مون چيو: يار هاڻي ته کائي آيا آهيون ٻيو صبح کان وٺي ٻه دفعا ناشتو ۽ ٻه دفعا لنچ ڪري چڪا آهيون، بهتر آهي ته جوس پي هلون، پر سائين عمران صفا ان معاملي ۾ ڳالهه ٻڌڻ وارو نه هو ۽ مينيو گھرايائين سندس پسند جي ڪا به شيءِ موجود نه هئي، اڪثر کاڌا ختم ٿي چڪا هئا، پوءِ سائين ٻئي هوٽل تان به پڇي آيو پر ڳالهه ساڳي سو سائين کي پريشان ڏسي هڪ بنگالي ڪم ڪندڙ اردو ۾ اچي پڇيو ته ڇا کائندا، آءٌ توهان لاءِ تيار ڪرائي ڏيندس، پر سائين وارو آرڊر ان کي به سمجهه ۾ نه آيو، نيٺ بنگالي ويچاري هڪ پاڪستاني دوست سان مون کي فون تي ڳالهرايو ته هي دوست پاڪستاني آهن هنن سان ڳالهائي ٻڌائي ته ڇا کائيندا پر ڳالهه اها هئي ته سائين واري آرڊر مون کي به ڪونه پئي سمجهه ۾ آيو، سو هن پاڪستاني جيڪو پٺاڻ هو خير خيريت ڪئي ۽ کيس چيو ته ڪو مسئلو نه آهي، اسين بس ملائشيا ۾ عام طور ملندڙ ناسي ليماڪ آيام جو آرڊر ڏيون ٿا، هن چيو ٺيڪ آهي باقي اسان لاءِ ڪو ڪم ڪار هجي ته ٻڌايو مون چيو ادا مهرباني، وري به چيائي توهان هتي هوندا، ضرورت هجي ته فون ڪجو نمبر بنگالي کان وٺي ڇڏيو، مون چيو قرب ادا ٺيڪ آهي، ائين فون رکي بنگالي کي چيم پريشان نه ٿي ناسي ليماڪ ته آهي ان ۾ چڪن وجهرائ فرائي ڪرائي پارسل ڪري ڏي، هن ها ڪئي ۽ اهو آرڊر تيار ڪرائي ڏنو، مون هڪ پليٽ چئي ته سائين چيو 2 رات وڏي آهي بک لڳندي مون چيو ادا ٺيڪ آهي ٻه ٺهرايو. بنگالي وڌيڪ ٻڌايو ته 13 سال کان هن ئي رياست ۾ آهيان هاڻي هڪ ملئي ڇوڪري سان دوستي ٿي ويئي آهي جلد شادي ڪندس ۽ هتان جو ٿي ويندس وڌيڪ ٻڌايائين ته 13 سالن ۾ فقط 4 دفعا پنهنجي ملڪ بنگلاديش ويو آهيان، باقي گھر پيسا موڪليندو رهندو آهيان. اسان سندس جا احسان مڃيندي موڪلائڻ جي ڪئي ۽ تقريباَ 7.15 بجي بس نڪتي ۽ اسان اچي پنهنجي رهائش واري جڳهه پڳاسين رستي ۾ گاڏي سيون ايليون دڪان تي به بيٺي جتان وري ڪنهن ايزي لوڊ ڪرايو، ڪنهن بسڪٽ، بريڊ، ٽافيون يا چاڪليٽ ورتا. ڪمري تي پهچڻ سان ننڊ اچڻ لڳي حالانڪ سڄو ڏينهن علم ۽ تفريح جي وارين جڳهن تي هجڻ ڪري ۽ رات کان اوجاڳي جي احساس ئي ڪونه رهيو پر جسم پروڙي ورتو هو ته ڪمري تي جاڳڻ اجايو هوندو، سو موبائل چارج تي لڳائي سائين عمران واري موبائل تان عابده کي فون ڪري ٿورو ليٽي پيس ۽ سوچيم ته ڪجهه دير آرام ڪري پوءِ چانور کائيندس نه ته صبح تائين خراب ٿي ويندا پر خبر تڏهن پيئي جو صبح جو 7 وڳي موبائيل تان الارام وڳو، ائين رات سڄي گھري ننڊ ۾ گذري ويئي، شايد سفر جي برڪت هئي جو پرسڪون ننڊ نصيب ٿي، سائين ٻڌايو ته دير سان هن پنهجا چانور کائي ڇڏيا هئا باقي منهنجي لاءِ ت پيا آهن، ۽ خراب ٿي ويا آهن، جو ڪمري ۾ ڪا فرج نه هئي، هيٺ الڳ سان ڪامن فرج هئي پر جيئن ته منهنجو ارادو دير سان کائڻ جو هيو، اتي ئي رکيل هجڻ ڪري خراب ٿي ويا ڏک به ٿيو ته رزق ضايع ٿيو.

ڪولاترنگانو ۾ ٻيو ڏينهن
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿي تيار ٿي 8 بجي ٻاهر آيس، ته بس وٽ اچان ڪير به نه آيو هو، پر صبح جو جهڙالي موسم هئي ۽ رات سڄي مينهن هئڻ ڪري ڄڻ هلڪي هلڪي ٿڌي هوا به گھلي رهي هئي. رستي جي ٻئي طرف هڪ وڏو پارڪ هو جتي ٻه گھوڙي سوار نوجوان گھوڙن تي گھمي رهيا هئا، پارڪ ۾ گل، ٻوٽا، وڻ، ڇٻر ۽ سائو گاهه تازو تازو وهنتل پئي لڳا. گھوڙي سوار کي مون چتائي پئي ڏٺو ته هن مون ڏانهن مسڪرائي سلام ڪيو مون به هن کي ڪنڌ لوڏي مسڪرائي سلام جو جواب ڏنو. ائين تقريباَ 8.30 بجي هوم ولاز تان بس ۾ چڙهي نڪتاسين ۽ شهر کي ڪراس ڪندا جتي هن شهر کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪندڙ ندي به آئي جنهن جي پل تان به گذرياسين، هي پل شهر جي وچ تي هجڻ ڪري شهر کي هڪ دلفريب منظر ڏيئي ڇڏيو هو. ائين اسان پروگرام مطابق 9 بجي ڌاري ترنگانو رياست جي اسٽيٽ لائبرري پهتاسين پر اسان جو پروگرام شيڊول جيئين ته 9.30 هو، تنهنڪري سڀني کي چيو ويو ته ناشتو ڪري وٺو پوءِ ٿا اندر هلون، سو اسان جي بس ته لائبرري جي پارڪنگ ۾ ويئي پر اسان روڊ ڪراس ڪري سامهون ئي هڪ ملئي هوٽل تي آياسين جتي هر ڪنهن پنهنجي پسد مطابق پليٽ ۾ ڪجهه نه ڪجهه کنيو ڪنهن ناسي ليماڪ، انڊو کنيو، ڪنهن بريڊ ۽ چڪن، يا فش يا وري انڊو کنيو،، مان به بريڊ ۽ چانهه، انڊو ۽ ڪجه کيرا کنيا ۽ ٽيبل تي وڃي سائين عمران ۽ پروفيسر وان علي سان ويٺس جيڪو ملائشيا جي قومي لائبرري جيڪا ڪولالمپور ۾ آهي ان جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي رٽائر ٿيو آهي ۽ هاڻي يونيورسٽي ۾ ڪانٽريڪٽ تي پروفيسر طور پڙهائي ٿو. ان مون سان پاڪستان جي باري ۾ ڪچهري ڪئي ۽ هو به اڪثر ملائشين وانگر پاڪستان آرمي مان متاثر نظر آيو ۽ چيائين ته پاڪستان ملٽري طاقت ۾ باقي مسلم دنيا کان ڪافي اڳتي آهي، ان کان علاوه مون نوٽ ڪيو ته هن کي پاڪستان جي سمورن علائقن جي ڪلچر، ٻولي ۽ اختلافن جي به کڙڪ هئس، جو مون کان پچيائين ته توهان سڀ جيڪي پروفيسر اسدالله وٽ شاگرد آهيو سي سنڌي آهيو، مون چيو نه سائين وٽ پنجاب مان به شاگرد آهن ته خيبر پختونخواهه مان به، پوءِ چيائين پاڪستان مان پنجابي وڌيڪ ترقي وارا آهن ائين نه، مون چيو ها اهو آهي وڌيڪ ڳالهائيندي چيائين پاڪستان جي موسم سٺي آهي سال ۾ چار موسمون آهن هتي اسان وٽ هڪ ئي موسم آهي، اسان کي چار موسمن ۾ رهڻ جو ڏاڍو شوق آهي، دل ۾ چيم ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري پر اهو تڏهن هجي جو سهولتون ملائشيا واريون هجن باقي موسم اسان واري، نه ته هڪ موسم ملائشيا جي به هزار دفعا ڀلي، جو اسان وٽ ڪو گرمي جو حل آهي نه سردي جو. ٻنهن صورتن ۾ ماڻهو پيا مرن، تنهنڪري اسان جو چار موسمون اسان لاءِ بيمارين جا انبار به کڻي اچن ٿيون، خرچ وڌن ٿا، قدرتي طرح وڌيڪ فصل ته ٿين ٿا پر اهي موسمون وڌيڪ خرچ به ڪرائين ٿيون، جيڪو اسان جو غريب پيڙهيل طبقو انهن موسمن جي گھرج جو مقابلو نٿو ڪري سگھي، سوين ماڻهو بجلي پاڻي جي سهولت نه هجڻ ڪري مريو وڃن، گرمين ۾ به ته سردين ۾. خير قدرت طرفان موسم جي نعمت کي اسان جي ڪرپٽ حڪمرانن اسان لاءِ زحمت بڻائي ڇڏيو آهي، پروفيسر وان علي منهنجو اِهي ڳالهيون ڪونه سمجهي ها سو مون دل ۾ ئي پئي سوچيو ۽ ان جي اڳيان ته خوشي جو اظهار ڪيو ته اسان وٽ چار موسمون الڳ الڳ ٽائيم تي ته آهن پر مختلف علائقن جون موسمون هڪ ئي ٽائيم تي مختلف هجڻ ڪري گرمين ۾ ماڻهو سرد علائقن ڏانهن يا سرد علائقن مان گرم علائقن ۾ ماڻهو گھمڻ ۽ تفريح ڪرڻ ايندا رهن ٿا.
مان ناشتو ڪرڻ کان پوءِ اچي ڪائونٽر تي ٻڌايو ته مون هي شيون کڻي کاڌيون آهن، بل ٻڌايو، بل 2.30 رنگٽ آيو يعني 60 روپين جي قريب، منهنجي لاءِ ته هي ناشتو مهانگو ٿيو پر ملئي ماڻهن لاءِ تمام سستو آهي، جو انهن جي پگھار گھٽ ۾ گھٽ 1200 رنگٽ يعني هن وقت جي ڪرنسي مطابق پاڪستاني 40 هزار روپين برابر آهي. پر اسان وٽ گھٽ ۾ گھٽ پگهار 12 هزار آهي سو ان حساب جي اسان وٽ ڪو 22 گريڊ جو پروفيسر 2 لک پگھار به کڻي ٿو ته هتي جي پروفيسر 6 کان 10 لک پگھار کڻي ٿو، سو ان لاءِ 2 رنگٽ جو ناشتو ڪهڙو مسئلو.
ٻڌائيندو هلان ته ملائشيا جا ماڻهو کاڌي جي معاملي ۾ ڏاڍي سادگي پسند آهن. ملئي مزدور هجي، ڊرائيور هجي يا ڪمپني جو مالڪ ۽ وڏو سرڪاري آفيسر کاڌو ساڳو ئي کائيندا آهن، ويندي اسان يونيورسٽي ۾ اهو به مشاهدو ڪيو آهي ته جتي ڪو ريڪٽر يا ڊين وغيره سان پروگرام هوندو آهي ۽ ان ۾ کاڌي جو بندوبست هوندو آهي ته سڀ لائين ۾ بيهندا ته ان ۾ اهي به بيٺا هوندا جيڪي اهو کاڌو کڻي آيا هوندا يا صفائي ڪندڙ عملو ئي ڇو نه هجي، هر ڪو پليٽ هٿ ۾ کڻي پنهنجي لاءِ کڻي وڃي ٽيبل تي ويهندو ۽ چانور يا ڀاڄي سان گڌ شربت يا چانهه يا حلوي جو حصو به گڏ کڻندو، نه ڪير ڪنهن کي پاڻي لاءِ سڏ ڪندو نه وري گريبي يا وڌيڪ برياني يا نان يا ماني آڻڻ لاءِ. جي ڪنهن کي وڌيڪ ڪجهه کڻڻو به آهي ته پاڻ اٿي وڃي کڻي ايندو، پوءِ چاهي وي سي هجي يا ڪلرڪ يا سيڪيورٽي گارڊ .

اسٽيٽ لائبريري ترنگانو
تقريباَ 9.30 لائبريري آياسين ته گيٽ تي ئي لائبريري جو ڪجهه اسٽاف بيٺل هيو، جن ۾ چار يا پنج ملئي رواجي ڊريس باجو ڪورونگ پهريل عورتون ئي شامل هيون، انهن اسان کي ويلڪم ڪيو، انهن ۾ هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر لائبريرين هئي ۽ باقي سڀ سيڪشنل هيڊ هيون. اسان لائبريري جي مين گيٽ کان اندر رسيپشن ايريا ۾ آياسين ته اتي ڪافي سارو ٻيو اسٽاف به بيٺو هو، جن ۾ چيف لائبررين به هئي جيڪا باقي ملئي عورتن کان ڪافي مختلف لڳي رهي هئي، رسيپشن تي گروپ ۾ ڪجهه تصويرون ڪڍيون ويون، اُتي اسان جي هڪ ميزبان چيو ته تصويري سيشن هر هنڌ هميشه آخر ۾ ٿيندو آهي پر جيئن ته اسين سڀ توهان جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ موجود آهيون، ٻيو سڀ فريش به آهيون، تصويرون سٺيون اينديون، ان ڪري ڪڍي ٿا ڇڏيون. لائبريري ۾ اندر داخل ٿيڻ سان رسيپشن جي اڳيان هال ۾ بيهي احساس ٿيو ته لائبريري جي اندر هڪ پاسي ڄڻ ننڍڙي بازار هجي جو ڪيترا ئي اسٽال هئا، جن تي ثقافتي شيون رکيل هيون، جن ۾ ٻارن جا ڪپڙا، رانديڪا، پينون، ڪتاب، رانديڪا به شامل هئا. جيئن ته گيٽ کان اندر داخل ٿيڻ ۽ رسيپشن ۾ وڃڻ وقت ئي احساس ٿيو ته لائبريري تمام وڏي آهي ۽ هال جي ڇت تمام مٿي آهي جو مٿي نهاريو ته هي رسيپشن واري هال جي ڇت ڊائريڪٽ لائبريري جي پنجين فلور جي مٿان رکيل ته هئي، رسيپشن جي ٻئي طرف ٿورو پري هڪ ڪيفي ٽيريا به هيو جتي 50 کان مٿي ماڻهن جي ويهڻ لاءِ صاف سٿريون ڪرسيون ۽ ٽيبلون لڳل هيون، مون کي هي لائبريري بلڪل نرالي لڳي جو هينئر تائين جيڪي به لائبريريون مان پاڪستان، چائنا ۽ ملائشيا ۾ گھميون هيون، انهن ۾ اندر ڪيفي ٽريا ۽ ننڍڙي بازار ڪونه هوندي هئي، هتي ڦوٽو ڪاپي ۽ پرنٽنگ لاءِ دوڪان به هيا، ۽ گيٽ جي اندران ديوار تي ملائشيا جي سمورن وزيراعظم جون تصويرون به لڳل هيون. پر ان جي ٻي ڀت جيڪا لائبريري هال کي باقي لائبريري کان الڳ ڪري پئي، ان ۾ دروازو هيو، جنهن مان اسين سڀ اندر داخل، اسين پوءِ رسيپشن واري هال کي ڇڏيندي اندر لائبرري ۾ داخل ٿياسين. پهرين سامهون پڙهڻ لاءِ وڏو هال هيو پر اوڏانهن وڃڻ بجاءِ اسان کي ڀت جي پاسي ۾ ڏاڪڻن تي مٿي وڃڻ لاءِ چيو ويو. ۽ ٻڌايو ويو ته ٻئين فلور تي لفٽ آهي، اتان کان پنجين منزل تي هلڻو آهي، جتي بريفنگ ڏني ويندي، ڪافي ڇوڪرن چيو اسان اسٽيئرس استعمال ڪنداسين، سو سواءِ ڪجهه جي باقي ڏاڪڻن ذريعي مٿي ويا پر مان لفٽ ۾ ويس. پهرين تعارف ٿيو، لائبريري جي عملي ۾ گھڻيون عورتون ئي هيون، پهرين هن پراجيڪٽ جي تاريخي ڊاڪومينٽري ڏيکاري ويئي، پوءِ هن وقت موجود ٽيڪنالاجي ۽ سهولتن ۽ ڪتابن تي بريفنگ ڏني ويئي، بريفنگ ڏيندڙ ملئي ڇوڪري ٻڌايو ته هو انگلش لينگئيج ۾ ماسٽرس آهي، ۽ هن لائبرري ۾ بطور انگلش اسپيشلسٽ اسسٽنٽ طور ڪم ڪري ٿي، سندس ڀر ۾ ويٺل لائبرري انچارج چيو ته بريفنگ هي ڏيندي باقي توهان جي سوالن جا جواب آءٌ ئي ڏيندس. وڌيڪ ٻڌايائين ته هيءَ لائبريري ترنگانو اسٽيٽ گورنمينٽ جوڙي، هن لائبرري جي خاص ڳالهه هن جو ويلڪمنگ گيسچر آهي جيڪا ڄڻ پنهجو پاڻ هر ايندڙ جو آڌر ڀاءُ ڪري ٿي ۽ اها ڳالهه توهان به محسوس ڪئي هوندي، لائبريري ۾ اندر داخل ٿيڻ سان توهان جي ذهن ۾ اهو سوال اٿيو هوندو ته هي لائبريري منفرد ۽ پرڪشش آهي، هن لائبريري جي ٻي خاص ڳالهه هتي ڀاسا ملايو ۽ انگلش ٻولي تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ لينگئيج سينٽر به آهي، ان کان علاوه لائبريري ۾ ٻارن جو ڪارنر، ۽ ڊجيٽل لائبريري ڪارنر ته آهي ئي آهي پر سڄي لائبريري جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ آهي، آٽوميٽڪ مشين ذريعي ڪتاب پاڻ ئي اشو ڪري سگھجن ٿا ته وري مقرر تاريخ تي جمع به ڪرائي سگھجن ٿا، رجسٽرڊ ميمبرس جو تعداد 10 لک آهي، جن کي سسٽم جي ذريعي هر نئين ڪتاب جي باري ۾ ميسيج به ملي ٿو، ته وري بڪ جمع ڪرائڻ جو نوٽيس به، هي لائبرري جون سموري رياست ۾ موجود ٻيون به برانچون آهن جيڪي به هن لائبريري سان انٽيگريٽيڊ آهن، جن مان 8 لائبريريون ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽرس ۾ آهن ته وري 6 ٽائونس ۾ ته وري 46 لائبرريون ڳوٺن ۾ آهن، جيڪي مختلف علائقن کي گڏائي سينٽر پوائنٽ جي حساب سان جوڙيون ويون آهن. ائين سڄي رياست جي هر ڳوٺ کي لائبريري جي سهولت ميسر ڪري ڏني ويئي آهي، ان کان علاوه ماڻهن کي لائبريري ۽ ڪتابن ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ 4 موبائل بس لائبرريون به آهن جيڪي ڏورانهن علائقن ۾ وڃي ڪتاب مهيا ڪن ٿيون، ان کان علاوه هتان جي يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن ۽ مسجدن ۾ الڳ سان لائبريرون آهن، هن لائبريري جي ان مين بلڊنگ ۾ اسٽاف جو تعداد 194 ٻڌايو ويو جيڪي تعداد باقي برانچ لائبررين کان سواءِ آهي، لائبريري ۾ ميمبرشپ لاءِ MYRAD ڊجيٽل ڪارڊ ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي ميمبرشپ فيس صرف هڪ رنگٽ آهي، هن لائبريري کي سمارٽ لائبرري به چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ هر ڪم خودڪار طريقي سان ٿئي ٿو، ڪتابن جي نمبرنگ به مختلف ڪلر ڪوڊنگ سان ٿيل آهي، سمورن قيمتي ۽ پراڻن تاريخي اهميت رکندڙ ڪتابن کي ڊجيٽل فارميٽ ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، لائبريري ISO سرٽيفائيڊ آهي، هر مهيني لائبريري ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙن جي تعداد ۽ پڙهيا ويندڙ ڪتابن جي اسٽيٽڪس هتان جي ايجوڪيشن منسٽري کي موڪلي ويندي آهي، ائين مختلف وقتن تي ميمبرس کان سروي ڪري نوان ڪتاب گھرائڻ لاءِ لسٽ ٺاهي ويندي آهي، جيڪي بعد ۾ ساليانه بجيٽ مان گھرايا ويندا آهن. لائبريري جي ٽوٽل ميمبرس جو تعداد املين يعني 10 لک هيو، جيڪو حيران ڪندڙ تعداد ٿي سگھي ٿو، جو هن رياست جي آبادي تقريباَ 13 لک جي قريب آهي جنهن ڪري ايڏي زبردست ميمبرشپ هجڻ هن رياست جي تعليمي پاليسي کي ظاهر ڪري ٿي، ضرور ان ميمبرس ۾ اهي ماڻهو به هوندا جيڪي ترنگانو ۾ نوڪري، روزگار ۽ پڙهڻ واسطي آيل هوندا پر وري به 80 سيڪڙو ته مقامي رياست جا ماڻهو ئي هوندا، هونءَ به ملائشيا جي لائبريري جي پاليسي تحت هڪ رياست جو ماڻهو ٻي رياست ۾ فقط رهائش جي عرصي دوارن ميمبر ٿي سگھي ٿو جو لائبررين وچ ۾ بڪ اوڌار سسٽم آهي، جي ڪنهن به عوامي لائبريري جي پڙهندڙ کي اهڙي ڪتاب جي ضرورت آهي، جيڪو ان ۾ نه پر ٻي ڪنهن رياست جي لائبريري ۾ آهي ته اتان ڪجهه ٽائيم لاءِ بڪ بارو ڪري سگھن ٿا. سو سڄي ملڪ جي پبلڪ لائبرريز جي ڪيٽلاگ ڳنڍيل آهي ۽ ڪوبه ميمبر ڪهڙي به رياست مان ويهي رياست جي لائبريري ۾ موجود ڪتاب ڏسي سگھي ٿو ته ڪتاب ڪهڙي لائبرري ۾ موجود آهي.

مسجد ڪرسٽل Crystal Mosque ۽ اسلامڪ ٿيم پارڪ؛
ترنگانو اسٽيٽ لائبرري مان نڪري مسجد ڪرسٽل گھمڻ لاءِ وياسين، جيڪا دنيا جي ٽاپ 10 خوبصورت مسجدن ۾ شامل آهي، هي مسجد شهر ۾ ئي ٺهيل اسلامڪ سولائيزيشن پارڪ جنهن کي تمن تمندن اسلام چون ٿا، ان سان گڏ آهي، هن پارڪ ۾ اسلامي دنيا جي 20 کان مٿي خوبصورت تاريخي جڳهن جو نقل ٺاهيو ويو آهي، انڪري هن پارڪ کي اسلامڪ ٿيم پارڪ به سڏجي ٿو، هتي ئي شروع ۾ ترنگانو اسٽيٽ ميوزيم آهي، ان کان پوءِ ٿيم پارڪ شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ مسجد الحرام، مسجد نبوي سان گڏ پاڪستان جي بادشاهي مسجد به ٺهيل آهي ته وري انڊيا جو تاج محل به ويندي ايران جي مسجد لطف الله به ٺهيل آهي، ان کان علاوه اسپين، رشيا، چائنا جي، انڊونيشيا، الجيريا مطلب دنيا جي مختلف خطن ۾ موجود اسلام سولائيزيشن سان جڙيل تاريخي ماڳ، مقبرن ۽ مسجدن جا ماڊل ٺهيل آهن. ٻيو ته سڀ صحيح پر تاج محل جو هجڻ مون کي سمجهه ۾ نه آيو، ائين لڳو هي اسلامڪ نه پر پيار جي نشاني آهي. بهرحال هن ٿيم پارڪ جي آخر ۾ وري تمام وڏو آڊيٽوريم هال آهي، جتي اسان جي بس بيٺي جيئن ته برسات تمام تيز هلي رهي هئي سو اسان بس مان لهي آڊيٽوريم جي وڌيل ڇت هيٺان بيٺا رهياسين، سو برادر حفيظ اچي مون کان ڇٽي ورتي ۽ چيائينِ ته آءٌ مسجد ڪرسٽل ڏسي اچان ته بس اڳيان هلڻ جي ڪا جڳهه آهي جو هي برسات اڌ ڪلاڪ هلندي ۽ اسان کي نماز به پڙهي نڪرڻو آهي، سو هو ويو ۽ واپس اچي بس ۾ ويهڻ جو چيائين، سو ٿورو اڳيان هلي بس رڪي جتان مسجد جي گيٽ ويجهو هئي، مسجد جي گيٽ ڏانهن ويندي ڪجهه بزرگ مليا جن پڇا ڪئي ته پاڪستاني آهيو، مون ها ڪئي ته هڪ اردو ۾ ڳالهايو ته آءٌ ڪراچي مان هڪ مدرسي ۾ پڙهيو آهيان اردو ۾ ڳالهائي رهيو هيو، چيائين گھڻو ٽائيم گذري ويو آهي هاڻي اردو ڪجهه وسري وئي آهي، ائين مسجد ۾ داخل ٿي سلام ڪري هو اندر ويا ۽ اسان ٻاهران بيهي تصويرون ڪڍڻ ۾ لڳي وياسين. مسجد ڪرسٽل، ترنگانو ندي جي اندر ئي ٺهيل آهي، جنهن جي هيٺان به پاڻي ئي آهي ته وري ٽنهي طرفن کان به پاڻي بس جتان ماڻهو مسجد ۾ داخل ٿئي ٿو، اتان زمين سان ڳنڍيل آهي، هن مسجد جي بناوت انتهائي عاليشان آهي ڇا ته خوبصورت ڪم ٿيل اٿس، ويتر مسجد درياءَ جي ڀر ۾ هئڻ ۽ ٽن طرفن کان پاڻي سميت پاسي کان شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ پل گذري ٿي، جيڪا به انتهائي خوبصورت منظر پيدا ڪري ٿي، ندي جي ٻئي ڪناري پهاڙي سلسلو آهي جنهن جي چوٽي تي ”الله“ جو نالو تمام وڏن اکرن ۾ فڪس ٿيل آهي، اهو سڄي ترنگانو مان نظر اچي ٿو ۽ هڪ روحاني ماحول پيدا ڪري ٿو ڇڏي. مسجد جي ساڄي پاسي کان ڪاٺين جي ڄڻ درياءَ مٿان ڇت ٺهيل آهي، جنهن مٿان گھمي مسجد طرف منهن ڪري يا الله سائين جي نالي طرف بيهي يا وري درياءَ جي پل طرف بيهي ڦوٽو ڪڍراياسين. ٽيپهري واري نماز هن مسجد ۾ ئي باجماعت پڙهي سين. مسجد ۾ 100 کن جماعتي هئا، جن ۾ تقريباَ وزيٽرس جي گھڻائي هئي باقي مقامي نمازي هئا، جيڪي شايد هتي پارڪ، ميوزيم ۽ مسجد جا ملازم هجن يا وري هتي ڪجهه دوڪان هئا، انهن جا مالڪ يا مزدور هجن. اسان نماز پڙهي نڪتاسين، ۽ اسان جو اڳيون اسپاٽ هتان جي تاريخي بازار هئي پسار پيانگ اتي تقريباَ 2.45 تي پهتاسين جتي اسان کي 3.30 تائين گھمڻ لاءِ چيو ويو،

پسار پاينگ Pasar Payang
هي ڪولا ترنگانو جي تاريخي، ڍڪيل بازار آهي، جيڪا تقريباَ سئو سال پراڻي ٻه ماڙ بازار آهي ۽ ڪولاترنگانو جو سڀ کان وڌيڪ گھميو ويندڙ اسپاٽ به آهي. هي هتان جي ڪلچرل مارڪيٽ به سمجهي وڃي ٿي، هن بازار ۾ تقريباَ ڪولاترنگانو ۾ استعمال ٿيندڙ هر شيءِ مليو وڃي ٿي، جن ۾ کاڌي پيتي جي شين سان گڏ، ڪپڙي جا دوڪان به تمام گھڻا هئا، جتي باتڪ، سلڪ وڌيڪ نظر آئي. هتي خشڪ ميون سان گڏ پاپڙ ۽ هٿ جون ٺهيل سيون يعني نوڊلس به تمام گھڻي تعداد ۾ نظر آيون، ته وري سڪل ننڍي مڇي به، هتي چاٻي جا ڇلا مون کي ڏاڍا وڻيا، جيڪي ڪُمي (ٽرٽل) جهڙا ٺهيل هئا، يا وري مڇي جا. اهو انڪري جو هي رياست مڇي ۽ ڪُمين جي ڪري مشهور آهي. ترنگانو يونيورسٽي ۾ جيتري تحقيق مڇي تي ڏٺي اوتري هن ڪُمين تي به هئي. ڪُمي هن جي رياست جي جهڙوڪ سڄاڻَپ سمجهي وڃي ٿي. ڪُمي جون تصويرون شرٽس ۽ باجو ڪورنگ هتان جي ماين جي ٽريڊيشنل قميص تي نظر آيون، مون پنهنجي ننڍڙي رباب زهره لاءِ جيڪي فراڪ خريد ڪئي، ان تي به ڪُمي ئي ڇپيل هئي، ان کان علاوه هن رياست ۾ ڪُمي جي فارمنگ به ٿئي، شايد ڪُمين جا انڊا ۽ ڪُمي چين ايڪسپورٽ ٿيندي هجي يا هتان ملائشيا جي چينن لاءِ مارڪيٽ ويندي هجي. مطلب ڪُمي هن رياست جي لاءِ نه فقط ڪمائي جو ذريعو نظر آئي پر مختلف شوپيسز ۾ ٺهيل مجسمن کان ويندي ڪپڙن ۽ رانديڪن جي شڪل ۾ بازار ۾ هر هنڌ نظر آئي. هي بازار پسار پاينگ ٺهيل ته هڪ بلڊنگ ۾ آهي پر تمام وڏي آهي جنهن جي ٻنهي منزلن تي گھمندي گھمندي حيدرآباد جي ريشم گلي کان شاهي بازار ۾ داخل ٿيندڙ سوڙهيون گھٽيون ياد آيون. ويندي ڪجهه دوڪانن تي اونداهي جو احساس ٿيو، يا انهن جي لائيٽ خراب هئي يا وري ڄاڻي واڻي لائيٽ بندي ڪري ويٺا هئا. بازار جي هڪ پاسي ڀتين جي سوراخن مان جيڪي شايد روشني ۽ هوا لاءِ هئا، ٻئي پاسي سمنڊ نطر پئي آيو ۽ سمنڊ وچ ۾ وري ننڍڙي پهاڙي يا ٽڪري به ڏسڻ ۾ آئي. هي بازار ڏاڍي بهترين جڳهه تي ٺهيل آهي بلڪل سمنڊ ڪناري سان، جيتوڻيڪ اسان کي اهو ٻڌايو ويو ته هتان جا ڪنارا ڪافي گھرا آهن پر هي بازار بلڪل ڪناري سان ڏسي لڳو ته سمنڊ گھرو ضرور آهي پر شايد ٺاپر ۾ رهي ٿو، جو هي سئو سالن کان مٿي پراڻي بازار صحيح سلامت آهي. سمنڊ کان علاوه بازار مان نڪري روڊ پار ڪري ٻئي پاسي وري ترنگانو ندي آهي، جيڪا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن ندي کي هڪ زبردست نموني سان ٻنهي پاسي ديوار ڏيئي مٿان پل به ٺاهي ويئي آهي. هي ندي مينهن ۽ پهاڙن تان ڪرندڙ پاڻي کي کڻي اچي پيار سان سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ٿي. هن ندي جي پاسي ۾ هڪ طرف وڏو راند جو ميدان هو، ندي جي ڪناري سان ڪولا ترنگانو نالي وچ ۾ دل جي تصوير سان وڏو سائن بورڊ لڳل هيو جنهن دل کي I & Love جي وچ ۾ رکيو ويو هو، يعني آءِ لو ڪولا ترنگانو. هن نالي واري بورڊ سان رستي جي ٻئي پاسي ڏانهن بيهي تقريباَ سڀني شاگردن تصويرون ڪڍرايون. سمند ۾ موجود ٽڪري سان به تصويرون ڪڍرايون، هي سمنڊ جي وچ ۾ موجود ٽڪري ڪنهن پيار ڪهاڻي جي نشاني سمجهي وڃي ٿي. مجموعي طور هن بازار مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ هن ندي ۽ سمنڊ جي ميلاپ تي ٺهيل پل ۽ سائن بورڊ به. ڪاش اسان وٽ ڪنگ آف ڪوهستان ۽ فّخر ايشيا جهڙا انيڪ ڪوڙا ۽ جعلي وڏائي وارا ۽ خوشامند تي مبني بورڊ لڳل هئڻ جي بدران هاڻي بورڊ لڳن جن تي لکيل هجي ته مان حيدرآباد، ڄامشوري، قمبر لاڙڪاڻي، بدين، مٺي سان پيار ڪريان ٿو، ان ۾دل ڇپيل هجي، ۽ اهي شهر اهڙا صاف سٿرا هجن ۽ ههڙن بادشاهن جهڙا نيڪ ۽ ڪم ڪندڙ بادشاهه هجن، جيڪي لائبرري،اسڪول ۽ اسڪالرشپ، صحت، صفائي ۾ يقين رکن نه ڪي ڪرپشن، وڏائي، ڏاڍ، جبر ۽ جهالت ۾ غرور رکن. هن بازار گھمندي اهو محسوس ٿيو ته 5 رنگٽ کان 15 رنگٽ تائين رعايت ته ڪن پيا پر وڌيڪ نه، جو مون حسنين لاءِ جيڪا شرٽ ورتي ان جا 20 رنگٽ چيائين پر بارگيننگ بعد 15 ۾ ڏنائين، وري رباب لاءِ جيڪو فراڪ ورتو ان جا 25 چيائين پر پوءِ 20 رنگٽ ۾ ڏنائين. اگھه صفا گھٽ نه ڪيائين، حالانڪ پڪائي ۾ آءٌ هڪ دفعو اتان هليو به ويس پر وري اتفاق سان ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڳولهيندي ڳولهيندي واپس ساڳئي دوڪان وٽ پهچي ويس ته وٺي ڇڏيم، ائين وري عابده لاءِ هڪ گائون ميڊم ارجمند پسند ڪرايو جنهن سان هڪ ملئي دوست گڏ هئي مون سان سائين عمران به هو، جنهن به هڪ عدد وٺڻ لاءِ چيو سو ٻه گائون پئي ورتاسين، پر دوڪاندار 50 رنگٽ کان گھٽ ڪن ئي نه پيا ميڊم جي دوست ملئي ۾ چين ته پاڪستاني آهن هتان کڻي ويندا پاڪستان، رعايت ڪيون پر نه ڪن، اسان چيو ميڊم ارجمند کي 25 رنگٽ لهي ٿو باقي کڻي 35 وٺن پر 50 مهانگو آ، نيٺ ميڊم به 3 کان 4 دوڪان جيڪي هڪٻئي کان پري پري به هئا جاچيا پر ڪو 45 چوي ڪو 40 آخري نيٺ هڪڙي 35 چيا ميڊم وري ان کي 30 چيا ته کڻي وڃي ويهي رهيو، ويهي به ائين رهيو جو ڪو تاثر سمجهه ۾ نه آيو ۽ اسان سمجهي نه سگھياسين ته ڪاوڙيو آهي يا ڏيڻ لاءِ راضي آهي. نيٺ اسان وري معلوم ڪرڻ جي ڪئي ته ملئي ڇوڪري چيو ڪونه ٿو ڏئي. سو اسان نيٺ پڇائي پڇائي هڪ دوڪان تان اچي 35 ۾ ورتوسين. هن بازار جي خاص ۽ منفرد ڳالهه اها هئي جو هتي تقريباَ سئو سيڪڙو ملئي ماڻهن جا دوڪان هئا، جن تي وري 80 فيصد دوڪاندار عورتون ئي هيون. هن رياست جي بازار کان ويندي لائبريرين ۽ يونيورسٽين ۾ عورتن جي گھڻائي نطر ته آئي پر مزي جي ڳالهه موٽرسائيڪل هلائيندڙ ۽ هوٽل جي دخل تي ويٺلن ۾ به عورتن جي ئي گھڻائي نظر آئي، شايد هتان جي عورتن جي ڪم ۾ وڌيڪ محنت ۽ سچائي هوندي جو هن رياست ته ڇا پر هن ملڪ ۾ سڪون ۽ خوشحالي نظر آئي، هن بازار جي گھمڻ کان پوءِ اڳيان پروگرام هڪ مسجد لائبرري جو هو، تنهڪري پروگرام مطابق 3.15 بي هتان نڪرڻو هو سو مان، سائين عمران، ميڊم ارجمند، سندس ملئي دوست عورت ۽ سسٽر کئي جيڪا برما جي هئي بازار مان ٻاهر گڏجي نڪتاسين ته دروازي تي سائين عمران چيو مونکي ته بک لڳي آ ڪٿي ميڪڊولڊ يا ڪي ايف سي هوندي هلي ڪجهه کائون، مون چيو يار ٻه دفعا ته کائي چڪا آهيون وري اڳيان پروگرام آهي اهي به ضرور ڪجهه کارائيندا، پر سائين چيو مون کي پهرين چانور ڪونه وڻيا هئا، سو مزو نه آيو، مون کي چڪن کائڻي آهي، مون چيو يار ٽائيم ٿي ويو آهي سڀ اچي ويا آهن بس ڇڏ هاڻي، وري ميڊم وارن کي چيائين انهن به چيس ته سائين ٽائيم ٿي ويو آهي هتان نڪرڻ جو. ايتري ۾ مان کائنس ٿورو اڳتي نڪري ويس ته سڏ ڪيائين ته هلون ميڪڊونلڊ ڳولهيون، مون ڏٺو ڪاوڙجي نه پئي سو چيومانس ته هل ته هلي برادر حفيظ کان پڇي ٿا اچون، ائين هو پريشان ٿيندا ته چيائين نه توکي هلڻو نه آهي توکي ڦوٽو ڪڍرائڻا آهن. انهي ترنگانو بورڊ سان ۽ درياءَ سان، هل بس پارسل ڪرائي کڻي ٿا اچون 10 منٽ به نه لڳندا، مون چيو سائين اچو اچو. ائين بس تائين پهتاسين ته بس تيار هئي ۽ سڀ اندر ويٺا هئا سواءِ ڪجهه جي، جيڪي ٻاهر ڦوٽو ڪڍرائي رهيا هئا سو مون چيو سائين کي جلدي ۾ ڦوٽو ڪڍو ته بس ۾ چڙهون، هي ته تيار آهن، پر همراه ناراض ٿيو نه مان ڪونه ڪڍندس ڦوٽو، تنهن تي سسٽر کئي چيو آءٌ ٿي ڪڍان توهان جون تصويرون ۽ توهان منهجي به هيلپ ڪيو ۽ ڪجهه تصويرون منهنجو به ڪڍو. سو ائين تڪڙ ۾ ڦوٽو ڪڍي 2 منٽن به بس ۾ چڙهياسين، پروگرام مطابق اسان کي 3.30 بجي پهچڻو هيو پر تقريباَ اسان 3.40 تي پُڳاسين جو بازار گھمندي ٿورو ٽائيم وڌيڪ ورتوسين .

بلال شاه مسجد لائبريري ۾
هن مسجد بابت بريفنگ دوران مسجد جي نگران ٻڌايو ته ڪولاترنگانو شهر ۾ توهان کي هر ڪلوميٽر اندر هڪ مسجد ملندي پر اسان جي مسجد جي خاص ڳالهه هي لائبرري آهي ۽ ان سان گڏ ٻارن لاءِ اسلامي پرائمري ٽريننگ پروگرام شامل آهن، جنهن ۾ نماز پڙهڻ، روزو، وضوع ڪرڻ وغيره کان علاوه، عورتن جي رهنمائي لاءِ به ڪجهه پروگرام آهن، جن ۾ عورتن کي مسجد اندر پليٽ فارم مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ هڪ هال مليل آهي جتي هو هڪٻئي کي نماز، روزي ۽ حج وغيره لاءِ رهنمائي به ڪن ۽ سماجي طور پاڻ ۾ ڳنڍيل به رهن ٿيون. هن مسجد ۾ عورتن ۽ ٻارن کي بنيادي اسلامي تعليم، گھريلو زندگي، سماجي زندگي کي اسلام جي تعليم مطابق گذارڻ لاءِ ٽريننگ ڪورس به ڪرايا وڃن ٿا. دنيا جي مختلف نالي وارن خطيبن کي به ساليانو گھرايو ويندي آهي، هتان ذاڪر نائڪ به ٿي ويو آهي، وڌيڪ ٻڌايائين ته مسافرن ۽ ضرورتمندن لاءِ هن مسجد ۾ نماز ٽائيم تي کاڌو ۽ جوس به رکيل هوندو آهي. اسان جي لائبرري، ۽ مسجد ۾ اسٽاف جو پگھار ۽ ڪتابن، يا خيراتي پروگرامن جو خرچ وغيره ڊونيشن مان پورو ڪيو وڃي ٿو، اسان جي لائبرري ۾ 5 هزار ڪتاب آهن جن ۾ انگريزي ڪتابن جو تعداد گھڻو آهي، هتي لائبرري ۾ پڙهڻ وارن جي سراسري تعداد روزاني جي حساب سان 20 کان 25 آهي، اهي اسان جي ريگيولر نمازين کان علاوه آهن، باقي نمازين مان پڙهندڙ الڳ آهن، سندس چوڻ هو ته هن مسجد ۽ لائبرري کان پوءِ اسين چيئرٽي فنڊ مان وڌيڪ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ اسڪالرشپ مهيا ڪرڻ ۽ سندن ايمرجنسي ۾ مدد ڪرڻ واري ڪم تي ڌيان ڏيئي رهيا آهيون، هڪ ٻي خاص ڳالهه جيڪا ڪيائين ته اسان جي مسجد ۾ ڪو خاص پيش امام مقرر نه آهي، لائبرري جي اسٽاف مان يا وري نماز لاءِ ايندڙن مان ڪو به نماز پڙهائي سگھي ٿو. اهو انڪري جو ڪنهن هڪ تي انحصار نه ڪجي ۽ اسان مسلمانن ۾ مذهب جي بنيادي فرض کي ڪنهن مخصوص ماڻهو جي نه پر اسان مان سڀني کي ان لاءِ تياري هجڻ گھرجي. اتي عصر نماز پڙهي، پوءِ ماني کائڻ جو بندوبست به هو ۽ مزي جي ڳالهه چانورن ۾ چڪن ۽ نوڊلس ۾ به چڪن پيل هئي، ان کان علاوه پٽاٽن ۽ چڪن جي الڳ سان ڀاڄي هئي، ٽيسٽ صفا اسان جي کاڌي پاڪستان واري هئي. سائين عمران کان پڇيو ته چيائين مزيدار کاڌو آهي مون به چيو بلڪل سائين ڄڻ پاڪستان ۾ پيا کائون، چانهه به عاليشان هئي صفا کير پتي، ويندي ڪيڪ الڳ سان هئا سو نيٺ وڃي سائين جو موڊ خوشگوار ٿيو ۽ مون رب سائين جو شڪر مڃيو.

بادشاهي محل ڪولاترنگانو
ائين تقريباَ پوڻا 6 بجي تصويري سيشن کان پوءِ هن مسجد بلال شاه مان نڪتاسين ڪولالمپور ڏانهن روانگي هئي، ٿورو اڳيان هلياسين اڃان ڪولاترنگانو شهر ۾ ئي هياسين ته اسان جي ٽوئر جي انچارج برادر حفيظ اچانڪ بيهي هڪ طرف اشارو ڪندي مٿي پهاڙي تي هڪ عمارت جيڪا بلڪل الڳ نموني جو محل لڳي رهي هئي، ان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته: Hey all see the last place of the tour، A beautiful castle of king of Terrangannu واقعي عمارت ڏاڍي پياري هئي وڻن وچ ۾ هڪ پهاڙي تي انتهائي دلفريب محل، يڪدم ڪنهن چيو ته That’s great are we going there, پر حفيظ چيو، نه نه اسان کي پرميشن نه آهي، ان لاءِ پروفيسر بصري کي چئو بادشاه ان جو دوست آهي، ٻئي دفعي توهان کي هتي وٺي اچي، ان تي سڀ کليا، ۽ بس جو سفر جاري رهيو، مون بادشاهي محل ڏي ڏسندي محسوس ڪيو ته دل مان هن بادشاه لاءِ دعا نڪتي ته ڪيئن نه هن اسٽيٽ کي تعليم ۽ ترقي، امن ڏياريو آهي. ڀلي هو هاڻي حڪومت کان مخصوص بجيٽ حاصل ڪري پنهجا خرچ هلائي رهيا آهن پر جي هي بادشاه چاهين ها ته نه ملڪ ۾ جمهوريت هجي ها نه پارليامينٽ، پر سندن بادشاهت ئي هجي ها، پر جي پارليامينٽ هوندي هي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ماڻهن تي ڌيان ڏين ها ته به هيءَ اسٽيٽ يا ملڪ بيڪار هجي ها. پر ائين ڪونه ڪيو اٿن، هن اسٽيٽ جي هن شهر جي روڊ رستن، بازارن، لائبررين، يونيورسٽين، مسجد ۽ اسڪولن مان، هوٽلن مان صاف اندازو ٿيو ته، نه صرف هتي ماڻهو خوشحال آهن پر امن ۽ انصاف به آهي. جنسي برابري آهي، هر ڪنهن لاءِ روزگار آهي. تعليم آهي، صحت آهي، پوءِ ڇو نه اهڙن بادشاهن لاءِ همدردي ٿئي جيڪي پاڻ رهن ته وري به ته شاهي محل ۾ ٿا پر گھٽ ۾ گھٽ سندن رياست ۾ ته بي گھر ڪير به ڪونهي. هو اسان جي بادشاهن يعني وڏيرن، پيرن، ميرن، ۽ نوابن وانگي عوام کي جاهل رکي پاڻ ۾ ويڙهائي، ماڻهن ۾ هٿيار ورهائي ته حڪمراني ڪونه ڪري رهيا آهن پر عوام کي سهولتون ڏيئي، شعور ڏيئي، سندن گھرن تائين ڪتاب پهچائي، عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري رهيا آهن.