سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

سرڪاري آفيسن جو شهر پتراجايا

تقريباَ 50 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل پتراجايا شهر ڪولالمپور ڀرسان جديد دؤر جو فني تعميرات جو اعليٰ نمونو آهي، جتي عاليشان عمارتون هڪ ترتيب سان تعمير ٿيل آهن ته وري ڪشادا روڊ رستا به. پتراجايا شهر نقشي جي حساب سان ڪولالمپور کان ڏکڻ طرف 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، پر الڳ شهر آهي، مون کي ته نه لڳو، ڇو ته ڪولالمپور ختم ئي ڪونه ٿو ٿئي ته پتراجايا ۾ ماڻهو پهچي وڃي ٿو ائين ئي بلڪل ڪولالمپور ڀرسان ٻيو سلينگور رياست جو شهر شاه عالم آهي ته وري ڪيلنگ ويلي، جتي ڪلينگ پورٽ به آهي. هي سڀ آهن، ته الڳ الڳ شهر پر تقريباَ ڪولالمپور سان ڳنڍيا پيا آهن، پر تاريخي طور هي سمورو علائقو علائقو ڪلينگ ويلي سڏجي ٿو، جنهن مان ڪجهه علائقو ڪڍي ڪولالمپور فيڊرل ڪيپيٽل طور ٺاهيو ويو آهي، ۽ پوءِ هي پتراجايا شهر اڏيو ويو. حقيقت ۾ هي سڄي ڪلينگ ويلي هتان جي سلينگور رياست جو حصو آهي پر هن رياست پنهنجي زمين مان ڪجهه حصو وفاقي حڪومت کي وفاقي گادي جو هنڌ ٺاهڻ لاءِ حوالي ڪيو، جنهنڪري هن رياست کي دارالاحسان به چيو وڃي ٿو. حالانڪه ڪولالمپور سان ڳنڍيل سمورن آسپاس جي شهرن کي گڏائي گريٽر ڪولالمپور به سڏيو وڃي ٿو، پر اهو ايترو عام نالو نه آهي، ۽ هي سڀ شهر پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندي به پنهنجي الڳ الڳ سڃاڻپ قائم رکيو اچن.
پتراجايا اڏڻ جي پويان ملائشيا ۾ سڀ کان گھڻو عرصو اقتدار ۾ رهندڙ وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد آهي، جنهن لاءِ ائين به چيو وڃي ٿو ته پتراجايا مهاتير محمد جي اکين جي چمڪ آهي. هن شهر ۾ ملائشيا جي فيڊرل گورنمينٽ جي سمورن کاتن جون آفيسون به آهن، ته وري وزيراعظم جي آفيس به. هن شهر جي خوبي اها آهي ته هتي ملائشيا جي ماڻهن کي سندن سمورا وزير، سندن سيڪريٽري يا اسٽاف هڪ هنڌ ملي ٿو.
تمام خوبصورت جڳهن تي مشتمل هي شهر ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جي تعمير تي اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن. هن شهر ۾ سڀ کان پهرين گھمڻ واري جڳهه هتان جي وزيراعظم جي آفيس آهي، جيڪا ڄڻ ته مسجد جي نموني جو خوبصورت محل آهي، جنهن جي هڪ پاسي کان سياح بيهي ڪري تصويرون ڪڍرائين ٿا، جنهن جي سامهون خوبصورت جهنڊن سان سينگاريل ميدان آهن، جتي سياحن جا ٽولا گھمندي نظر ايندا، هن آفيس جي اندر وڃڻ جو مين دروازو به اهو ئي آهي پر وزيراعظم ۽ سندس اسٽاف ڪنهن ٻئي دروازي مان داخل ٿيندا آهن، جو هن پاسي تي سياحن جي رش نظر ايندي آهي باقي ڪي ٻه يا چار پوليس گارڊ جيڪي به ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺا هوندا آهن. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو فڪر ئي نه هجين. ڀرسان ئي خوبصورت پتراجايا مسجد آهي، جنهن جو آرڪيٽيڪچر به ڏسڻ وٽان آهي بلڪل مغل بادشاهن جي ٺاهيل مسجدن سان ملندڙ جلندڙ لڳي ٿي. هن مسجد جي بيسمينٽ ۾ وضو ۽ پائخاني ڪرڻ جي سهوليت ۽ اسٽور روم آهن ته وري مٿي مين مسجد هال ۽ وڏو آڳر. ان کان علاوه هن مسجد جي پٺيان به ندي آهي ته ٻن پاسن کان به ندي جو پاڻي پيو نظر ايندو، بلڪل هن مسجد کان نڪري ندي پاسي ٻيڙين جي چڙهڻ جي پوائنٽ آهي جتان ماڻهو ٻيڙي ۾ چڙهي هن ندي ۾ گھمي ڦري شهر جو نظارو ڪري سگھي ٿو.
پتراجايا جي هي ندي چون ٿا ته هٿ سان ٺاهي ويئي آهي، جيئن برسات جي پاڻي کي ڪڍڻ جو بندوبست به هجي ته وري شهر جي خوبصورتي ۾ به وڌاءُ ٿئي. هن ندي جي مٿان ٺهيل پُليون به تمام گھڻيون آهن، جنهنڪري پتراجايا کي پُلين جو شهر به چيو وڃي ٿو. سڀ پُلون نهايت خوبصورت ڏيک ڏين ٿيون. ان کان علاوه هن شهر ۾ هڪ اسٽيل مسجد زين العابدين به آهي.
اسان جڏهن اسلامڪ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين جي طرفان 1916ع جي نئين بيچ جي شاگردن کي پتراجايا گھمائڻ وٺي ويا هئاسين ته مون به هي شهر پهريون دفعو گھمي ڏٺو.
هونءَ ته اسلامڪ يونيورسٽيءَ جي روايت رهي آهي ته نئين بيچ ۾ ايندڙ شاگردن کي ملاڪا گهمائڻ وٺي وڃڻو هوندو آهي پر جيئن ته گذريل بيچ کي ملاڪا گھمائي آيا هئاسين، تنهڪري شاگرد يونين جي ميٽنگ ۾ سڀني ميمبرن هي فيصلو ڪيو ته نون آيل شاگردن کي هاڻي پتراجيا، سن وي لگون ۽ ڪولالمپور جا ڪجهه علائقا گھمائجن، جنهن تي انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ جي آفيشل ڪوآرڊينيٽر پهرين ته انڪار ڪيو ۽ چيائين ته يونيورسٽي هميشه ملاڪا ئي موڪليندي آهي، توهان پاڻ گھمي آيا آهيو تنهڪري نه ٿا وڃڻ چاهيون، مان پاڻ ته اهڙي اجازت نٿو ڏيان، پر توهان جي ڪري ڊين اسٽوڊنٽ افيئرس کان پڇي ڪري ٻڌايان ٿو، ٻئي ڏينهن تي چيائين توهان سڀني ڪاميٽي ميمبرن جو اهو خيال آهي ته ٺيڪ آهي، ڀلي گھمائي اچو مان ٽرانسپورٽ وارن کي لکي ڇڏيو آهي، ائين مونکي به پتراجايا گھمڻ جو موقعو مليو.
پتراجايا اسٽيل مسجد پهتاسين ته اتي نڪاح لاءِ 3 کان 4 جوڙن جي تقريب رکيل هئي، جيڪي گهرڀاتين ۽ ڪجهه بلڪل قريبي دوستن سميت وڌ ۾ وڌ 10 کان 20 ماڻهن تي مشتمل ماڻهن جا گروپ هئا، هر ڪنهن جي هٿن ۾ گل هئا ۽ گھوٽ ڪنوار شاهي ڊريس ۾ هٿن ۾ گلدستا کڻي سڀني رشتيدارن سان ڦوٽو سيشن ڪرائيندي به ۽ هڪٻئي کي مٺائي کارائيندي به نظر آيا.
ملائشيا ۾ نڪاح جي رسم مسجدن ۾ ئي ٿئي ٿي، باقي وليمو ۽ رخصتي جو پروگرام ڪنهن هال ۾ڪن، سو به ڏينهن جو، نه ڪي رات جو. ملائشيا جي شادين جي باري ۾ اڳتي هلي لکبو پر هتي پتراجيا ۾ منهنجو هتان جي ڪجهه آفيسن ۾ به ڪم سانگي وڃڻ ٿيو، جن مان پهريون دفعو پرڏيهي وزارت ٿيو، جو منهنجي ننڍڙي رُباب زهره جو جنم ڪولالمپور ۾ ٿيو ته مان ملائشيا جي فارين منسٽري جنهن کي وسما پترا سڏين ٿا اتان رباب جو ڄمڻ جو سرٽيفڪيٽ اٽيسٽ ڪرائڻ ويس. ڪي ايل سينٽرل تان ڪي ايل ايڪسپريس ٽرين ۾ پتراجيا ٽرين اسٽيشن تي لهي، اتان ٽيڪسي ڪري ۽ ٽيڪسي واري 13 رنگٽ ورتا. ۽ اچي وسما پترا ڇڏيائين.
هي وسماپترا مون کي سنڌ سيڪريٽريٽ جي تغلق هائوس بلڊنگ کان به وڏي لڳي، جتي رسيپشن تي پاسپورٽ جمع ڪرايو ۽ وزيٽنگ ٽيگ سان اندر ويس، جتي پهرين رسيپشن تان نمبر مليو پوءِ اندر سروس ڪائونٽر جي اڳيان هال ۾ ويٺس جيستائين منهنجو نمبر اچي. حالانڪه 20 کان 30 ڪائونٽر هئا، ۽ جيڏي مهل نمبر وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺو هيس ته منهنجي اڳيان 10 ماڻهو هئا ۽ ايترائي پويان، ائين اندر هال ۾ به ڪافي ماڻهو ويٺا هيا جن جو تعداد تقريباَ 50 ٿئي ها پر منهنجو نمبر 10 منٽن اندر اچي ويو مون برٿ سرٽيفيڪيٽ ۽ پاسپورٽ جي ڪاپي جمع ڪرائي ۽ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، تقريباَ وري 10 منٽ کان پوءِ وري منهنجو نمبر ٻيهر آيو ۽ مان ڪليڪشن ڪائونٽر تان اٽيسٽ ٿيل سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪيو. تقريباَ اڌ ڪلاڪ اندر ڊاڪومينٽ اٽيسٽ ٿي ويو، جنهن جي فيس 20 رنگٽ ورتائون. هيترا سارا ڪائونٽر سڀ جو سڀ بزي ڏسي سوچيم، ڪنهن به موڪل ڪونه ڪئي آهي ۽ نه وري دير سان اچڻو آهي، يا ڪم ٽاري نه ڪچهري ڪري رهيا آهن سڀني ڪائونٽرن تي ويٺل ماڻهو شيشي جي ٻئي پاسي ڏانهن ڊاڪومينٽ رِسيوِ ڪري رهيا هئا، نه ڪنهن کي ٽيبل، نه ٽيبل جي اڳيان ويٺل مهمان يا ڪو مائٽ، هر ڪو ڪم ڪري رهيو هو. جو هيڏي رش ڪا رش نه پئي لڳي، ايئرڪنڊيشن هال ۾ ويٺي، نه ڪو ٿڪ، نه وري پگھر، سڪون سان اڌ ڪلاڪ گذري ويو. منهنجي ڀرسان ويٺل انڊونيشين به ٻڌايو ته هو به پنهنجي پٽ جو سرٽيفڪيٽ اٽيسٽ ڪرائڻ آيو آهي. هن جي زال ملئي هئي پر چيائين اسان کي انڊونيشيا وڃڻو آهي نه ڪي ملائشيا ۾ مستقل رهڻو آهي.
مون کي جيئن سرٽيفڪيٽ واپس مليو ته مان ٻاهر اچي گيٽ وٽان پاسپورٽ واپس ورتو ۽ پڇا ڪئي ته ڪا بس يا ٽيڪسي به ته نظر نه پئي اچي ته سيڪيورٽي گارڊ ٻڌايو ته هر 30 منٽن ۾ بس ايندي آهي، توهان ٿورو اڳيان وڃي بس اسٽاپ تي انتظار ڪيو، ۽ اشاري سان بس اسٽاپ ڏيکاريائين. مان بس اسٽاپ تي پهچي ڏٺو ته ٻه روڊ هيا ۽ ٻنهي پاسي الڳ الڳ بس اسٽاپ هو، جنهنڪري مان ويتر منهنجي پيس ته ڪهڙي بس اچڻ واري هوندي ۽ ڪهڙي واپس وڃڻ واري. پر اسٽاپ تي ئي هڪ ماڻهو ويٺل هو ان کان پڇيم ته چيائين ته هن پاسي ئي انتطار ڪيو، بس گھمي ڪري هتان پتراجيا اسٽيشن ڏانهن ويندي. مون کان پڇا ڪيائين ته پاڪستاني آهيو، مون چيو ها، پوءِ پاڪستان جا احوال وٺڻ شروع ڪيائين ته حالتون ڪيئن آهن، مون کيس ورندي ڏيندي چيو ته حالتون ائين ئي آهن جيئن توهان ٻڌيون هونديون ته مرڪي چيائين مون ته پاڪستان جي باري ۾ سٺيون خبرون نه ٻڌيون آهن. جنهن جي جواب ۾ مون صرف ايترو چيو ته ها حالتون بلڪل بهتر به نه آهن ته نه وري ڪا جنگي يا قحط وار صورتحال آهي، بس ڪجهه شهرن، خاص طور افغانستان سرحد تي ڪجهه بدامني ۽ انتهاپسندي جي ڪري بم ڌماڪا ٿيندا رهن ٿا، جيڪي توهان خبرن ۾ ٻڌا هوندا، باقي پاڪستان ۾ اهڙي ڪا خراب صورتحال ته نه آهي، پر خراب حڪمرانيءَ ڪري روڊن رستن تي ٿيندڙ حادثن ۾ بم ڌماڪن کان به وڌيڪ ماڻهو زندگيون هارائي وڃن ٿا يا معذور ٿي وڃن ٿا، باقي پاڪستان ٺيڪ آهي ۽ اتي رهندڙ ماڻهن کي ايڏي پريشاني نه ٿي ٿئي ۽ هاڻي عادي ٿي ويا آهن، زندگي روان دوان آهي. جنهن تي چيائين پاڪستان کي ايماندار ۽ محنتي حڪمرانن جي ضرورت آهي مون چيو ها بلڪل ۽ دل ۾ سوچيم ته جڏهن واڳ ڌڻي ارادو ڪن ته اسانجا سياستدان ڀلي سٺا نه به هجن پر پوءِ سٺا ٿي ويندا. پوءِ مون پڇيومانس ته توهان ڪولالمپور جا آهيو ته چيائين نه پنانگ رياست جو ملئي آهيان، هتي ڪم سان آيو آهيان، ڪجهه سرٽيفڪيٽ اٽيسٽ ڪرائڻا هئا، هاڻي دوست جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جيڪو ڪجهه دير ۾ هتان کڻڻ ايندو. مون به موقعو هٿان نه وڃڻ ڏنو جو ملئي ماڻهو ڏاڍا رِزرِوِ ٿين، ڪچهري ته پري پر ٿوري ڳالهه ٻولهه به ڪونه ڪن، ته وري سندن سياسي راءِ يا سوچ جي ڪٿان خبر پوي، سو هن همراه کي سياسي خبر چار ڪرڻ وارو سمجهي کانئس پڇيم ته؛ مهاتير محمد ۽ هن وقت جي وزيراعظم نجيب رزاق جا بيان اڪثر پڙهندو آهيان، توهان جي ڇا راءِ آهي، ملائشيا هينئر ڪيئن پيو وڃي ۽ هنن مان توهان ڪنهن کي وڌيڪ صحيح ٿا سمجهو، ته بنا دير جي چيائين ته ڊاڪٽر مهاتير محمد صحيح ٿو چوي، وزيراعظم نجيب رزاق يا سندس ڪابينا جا ڪافي ويجها رهندڙ وزير، نه ڊاڪٽر مهاتير محمد جي دؤر جيتري محنت ڪري سگھندا نه وري ايڏا ايماندار ۽ ذهين آهن، ڪرپشن جو بنياد اسان جي ملڪ ۾ پئجي ته چڪو آهي، پر ايڏي به نه آهي ته ملڪ جي اڪانامي جلد ويهي وڃي، پر هي ڪرپشن جي شروعات به سٺي نه آهي، ۽ اڳتي هلي خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي، جنهن کان ڊاڪٽر مهاتير محمد خبردار ڪري رهيو آهي. وڌيڪ چيائين ته ڊاڪٽر مهاتير محمد کان پوءِ سندس حقيقي ۽ صحي حڪمران انور ابراهيم ئي ثابت ٿئي ها، جنهن وٽ به سچائيءَ سان گڏ محنت ڪرڻ ۽ ملائشيا کي ترقي وٺرائڻ جو خواب هو، هو ئي ڊاڪٽر مهاتير محمد جي ڪمي پوري ڪري سگھيو پئي پر ڪنهن سازش تحت ان جي رستا روڪ ڪئي ويئي ۽ هن کي ڊاڪٽر مهاتير محمد جي دؤر ۾ ئي جيل حوالي ڪيو ويو. جنهن تي مون پڇيو ته ڊاڪٽر مهاتير محمد کيس نائب وزير اعظم تان هٽائي پوءِ جيل حوالي ڪيو، ڪٿي ائين ته نه آهي ته مهاتير محمد به ائين چاهيندو هجي، ته چيائين بلڪل به ائين نه هو، اهو سڀ ڪجهه اتفاقي ٿيو، جنهن کي قانوني طريقي سان منهن ڏنو ويو، جنهن ۾ مهاتير محمد ڪجهه نه پيو ڪري سگھي، انور ابراهيم کي ته هو جانشين مقرر ڪري ها، جنهنڪري ته کيس نائب وزير اعظم بڻايو هيائين، پر پارٽي اندر، انور ابراهيم جي مخالفن مٿس اهڙو الزام لڳرائي ڇڏيو، جو مهاتير محمد چاهيندي به سندس حمايت نه پيو ڪري سگھي. ٻيو حالتن اختلاف پيدا ڪيا، جن ۾ ويتر شدت ايندي ويئي، جي ائين نه هجي ها، ته اڄ حڪومت انور ابراهيم جي هجي ها ۽ مهاتير محمد سڪون سان گھر ۾ ويٺو هجي ها، ۽ هن عمر ۾ حڪومت سان محاذ آرائي ۾ نه هجي ها. مون کيس چيو ته توهان پهريان ملئي آهيو جيڪي کليل نموني پنهنجي سياسي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهيو، مون کي توهان سان ڪچهري ڪري ڏاڍي خوشي ٿي، ته پاڻ به خوش ٿيو ۽ چيائين توهان جي به مهرباني. ايتري ۾ بس سامهون واري روڊ کان ڪراس ڪري ويئي ته مون کي چيائين بس اڳيان وڃي، واپس ايندي توهان ويهي رهو. ائين بس آئي اڳم هڪ همراه ويٺل هئس، مون ڊرائيور کان ڪرايو پڇيو ته چيائين، 50 سينٽ يعني اڌ رنگٽ، دل ۾ سوچيم ڪٿي 13 رنگٽ ۽ ڪٿي 50 سينٽ، پر شڪر واپسي ۾ ئي صحيح پر مهانگي ٽيڪسي کان ته بچاءُ ٿيو. بس تقريباَ ڪافي مسٽريز جي عمارتن اڳيان گھمندي مين روڊ تي آئي وري ائين گھمندي وزيراعظم جي آفيس ڀرسان به گذري ويندي پتراجيا گورنمينٽ هاسپيٽل، پتراجايا جي بازار کان ٿيندي تقريباَ 40 منٽ گھمائي اچي پتراجيا اسٽيشن تي پهتي، ايتري ۾ صرف 3 کان 4 ماڻهو چڙهيا باقي بس خالي ئي هئي. مون کي لڳو پتراجايا هر ڪو شايد پنهنجن گاڏين ۾ اچن ٿا جو ايڏي وڏي تعداد ۾ سرڪاري آفيسون هجن ۽ آفيسن اندر ماڻهن جي رش به هجي پوءِ به بس ۾ ايترا گھٽ ماڻهو هجن، جو مطلب اهو ٿيو ته ماڻهو پنهنجين گاڏين ۾ ٿا اچن. هونءَ به ملائشيا جي هر گهر ۾ گاڏي هوندي آهي، تقريباَ هر ڀاتي کي، جو هتي ملئي ماڻهن کي بغير ڊائون پيمينٽ جي بئنڪ مان گاڏي مليو وڃي ٿي، ۽ هر ماڻهو کي سندس آمدني مطابق قسط ڪري ڏني وڃي ٿي، جيڪا قسط 100 رنگٽ کان ويندي 500 رنگٽ تائين آهي. تيل به صفا سستو. تنهنڪري ملائشيا جا ماڻهو ايندا هوندا ڊائريڪٽ پنهنجين گاڏين ۾، باقي مون جهڙا بيخبر ٻاهريان وري ٽيڪسي ۾.