سفرناما

ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

شاھمراد چانڊيي هي سفرنامو ملائيشيا ۾ چئن سالن جي پي ايڇ ڊي P hd ٿيسز ڪندي لکيو آھي. ڊاڪٽر شاهمراد سارو ملائشيا خوب گهميو آهي ۽ پنھنجي مشاهدن، تجربن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي احوالن کي قلمبند ڪري نون ايندڙن لاءِ رهمنائي ڪئي آهي. الطاف شيخ لکي ٿو: ”سوال ٿو پئدا ٿئي تہ اهو ماڻھو جيڪو ملائشيا ۾ تعليم يا گهمڻ جو ارادو رکي ٿو، يا جيڪو وڃي رهيو آهي، يا اتي رهي ٿو ان کي ڪھڙو هڪ ڪتاب پڙهڻ کپي جنھن مان هن کي هن ملڪ بابت گهڻي کان گهڻي ۽ بنيادي معلومات حاصل ٿي سگهي، تہ منھنجي خيال ۾ ان لاءِ ڊاڪٽر شاهمراد جو هي سفرنامو ”ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا“ پڙهڻ Best آهي. 

Title Cover of book ڀاڳوندن جو ملڪ ملائشيا

سن وي لگون واٽر پارڪ

ڪولالمپور ڀرسان سن وي پرائيويٽ لميٽڊ طرفان ٺهيل يونيورسٽي، شاپنگ پلازا، فائيواسٽار هوٽل ۽ تفريحي پارڪ آهن جن ۾ واٽر پارڪ، وائلڊ لائف پارڪ، اميوزمينٽ پارڪ، اسڪريم پارڪ وغيره آهن، اسان هتي جڏهن يونيورسٽيءَ طرفان ٽوئر تي وياسين ته سن وي شاپنگ مال گھمندي ڪي ٻه ڪلاڪ گذارياسين ۽ ڪجهه وقت سن لگون جي مکيه دروازي تي لڳل هاٿي جي مجسمن ۽ لڳل ڦوهارن سان ڦوٽو ڪڍندا رهياسين، ان کان علاوه سن وي پلازا گرائونڊ فلور تي برف تي هلڻ يعني آئيس اسڪيٽنگ ٿي رهي هئي، گھمي ڦري اچي اتي پئي بيهي رهياسين، باقي ائڊوينچر يا ٿيم پارڪ ۾ نه وياسين ۽ نه ئي وري واٽر پارڪ ۾، جو ٽڪيٽ 150 رنگٽ هئي جيڪا اسان شاگردن لاءِ الاهي مهانگي هئي، مون نوٽ ڪيو ته يونيورسٽيءَ جي آيل ٻنهي بسن مان ڪو به شاگرد واٽر پارڪ ۾ ڪونه ويو، هڪ ته صرف ٻن ڪلاڪن لاءِ اسان کي هتي رهڻو هيو ٻيو وري ايڏي مهانگي ٽڪيٽ سو هر ڪنهن ائڊوينچر پارڪ کي، سن وي لگون پلازا جي گيلري ۾ لڳل شيشي مان پئي ڏٺو. ڪجهه شاگرد ٻئي دفعي اچڻ جو سوچي رهيا هئا، ته وري ڪي اها به پڇا ڪري آيا ته هفتي ۾ ڪهڙي ڏينهن ڊسڪائونٽ ٽڪيٽ آهي، پوءِ سڄي ڏينهن لاءِ اچي انجواءِ ڪنداسين. مان، منهنجي گھرواري ۽ اسان جا ٻار شاپنگ پلازا گھمندا رهياسين. ٻارن کي ڪجهه آٽوميٽڪ جهولن تي به چاڙهيوسين. اسان سان گڏ انڊونيشيا جي هڪ شاگردياڻي به ڪمپني ڪندي رهي ۽ ائين وقت گذري ويو.
ملائشيا جيئن ته نيم گرم ملڪ آهي، ان ڪري هي واٽر پارڪ تفريح لاءِ بهترين جڳهه لڳي ٿي. هڪ اهم ڳالهه ته ڪولالمپور ۾ موجود زو نگارا ۾ جيڪي پانڊا آهن، اهي به هن اداري يعني سن وي پرائيويٽ لميٽڊ، ملائشيا جي حڪومت کي تحفي ۾ ڏنا آهن. ملائشيا جون ملٽي نيشنل ڪمپنيون نه صرف فلاحي ڪمن لاءِ ڊونيشن ڏين پر عوام جي تفريح لاءِ ان قسم جا ڪم به ڪن. اڪثر ملٽي نيشنل ڪمپنيون چائنيز جون آهن جن تي ٽيڪس به ڳرا آهن پر ڀلائي ۽ خيراتي ڪمن يا ڪميونٽي ڊولپمينٽ کان ويندي مختلف ٽرسٽ ۽ اسڪالرشپ ڏيڻ ۾ به هي ادارا حڪومت جا ٻانهه ٻيلي لڳا پيا آهن . ائين هتان جي وڏي ۾ وڏي اخبار دي اسٽار ۾ هڪ دفعي پڙهيو هيم ته اخبار طرفان به ساليانو اعليٰ تعليم لاءِ سوين اسڪالرشپس آفر ڪيون وڃن ٿيون.