ڪوه مري جهڙو گينٽنگ هاءِ لينڊس
ڪولالمپور ۾ جنهن کي به 2 ڏينهن رهڻ جو موقعو ملي ته هن جڳهه تي ضرور اچڻ گھرجي. منهنجو هتي وڃڻ ٽي دفعا ٿيو آهي. پهرين دفعي منهنجي دوست الطاف حسين ابڙي سان وڃڻ ٿيو، جيڪو ملائشيا ۾ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيو هو. الطاف پي ايڇ ڊي نيدرلينڊس مان آرٽيفيشل انٽليجنس (مصنوعي ذهانت) جي فيلڊ تي ڪري رهيو آهي. ملائشيا ۾ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو خرچ سندس نيدرلينڊس جي يونيورسٽي پاران هو. ڪانفرنس ته ايسٽ ملائشيا جي سراواڪ رياست جي شهر ڪُچنگ ۾ هئي پر ڪجهه ڏينهن اسان دوستن وٽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ۾ اچي رهيو هو، جنهن کي هي گينٽنگ هاءِ لينڊ گھمائڻ لاءِ ٽيڪسي بڪ ڪرائي وياسين. چيني ڊرائيور سان 150 رنگٽ ۾ اسان ٽي دوست ويا هياسين جن ۾ مان، الطاف حسين ابڙو ۽ سائين عمران انور اڄڻ شامل هياسين.
ائين ٻئي دفعي دوست گلشير لغاري آيو ته وڃڻ ٿيو. هي دوست به بيلجيم جي اينٽورپ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي ۽ سنگاپور ۾ سافٽ ويئر انجينئرنگ فيلڊ تي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيو ۽ اسان جي اسرار تي ملائشيا جي وزٽ ويزا به لڳرايائين. گلشير لغاري کي گھمائڻ لاءِ رينٽ ڪار ڪئي جيڪا دوست يعقوب ڪونڌر هلائي. ملائشيا جي يونيورسٽين اندر شاگرد ئي هڪٻئي کي ڪلاڪ يا ڏينهن جي حساب سان رينٽ تي ڪار ڏيندا آهن، هن دفعي واپسي ۾ اسان کي اچڻ ۾ دير ٿي هئي جنهنڪري مونکي ٿوري پريشاني ٿئي پئي جو روڊ تي اچانڪ اونداهي ٿي پئي ويئي، حالانڪه هر موڙ تي لائيٽ جو بندوبست ته هو پور ڪڪر ايترا ڪارا هجن جو ڪجهه نطر ئي نه اچي، ويتر هن دفعي واپسي تي پوليس وارن اچي روڪيو ته توهان وٽ ملائشين ڊرائيونگ لائسنس ڪونهي، جڏهن ته يعقوب ڪونڌر وٽ پاڪستان طرفان ٺهيل انٽرنيشل ڊرائيونگ لائسنس هيو پر پوليس وارن چيو ملائشيا جو ته ڊرائيونگ لائسنس نه آهي يا هن ۾ ملائشيا ته نه لکيل آهي، بس انهن کي خرچي وٺڻي هئي سو پاڻ ئي هڪ پوليس واري يعقوب کي چيو ته اسان سان تعاون ڪر ته اسان توهان سان تعاون ڪيون، پوءِ 400 سئو رنگٽ چئي نيٺ 80 رنگٽ تي آيا ۽ اسان 80 رنگٽ ڏيئي جان ڇڏائي، ملائشيا جي پوليس جي گاڏي هلائيندڙ سمورا پرڏيهي شاگرد دانهون ڪندا آهن، بلڪ ائين چئجي ته ڪراچي ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هوندو جنهن کان موبائل نه ڦري هوندي ائين ڪولالمپور ۾ شايد ئي ڪو پرڏيهي شاگرد هجي جيڪو پنهنجي گاڏي رکندي ٽن يا چئن سالن ۾ پوليس وارن خرچي ڪرائڻ کان بچيل هجي. هنن وٽ پهريون بهانو ملائشيا جو ڊرائيونگ لائسنس نه هجڻ جو هوندو آهي، حالانڪه پاڪستان جو انٽرنيشنل لائسنس ملائشيا جي گورنمينٽ طرفان قبول ڪيل آهي پر پوليس وارا بهانا ڪري خرچي ڪڍندا آهن.
ائين وري ٽئين دفعي دوست هدايت الله ڀٽو صاحب آيو جيڪو به ٿائلينڊ مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو بلڪه پي ايڇ ڊي جو امتحان ڪاميابيءَ سان ڏيئي ڊگري وٺڻ کان پهرين جا رهيل ڪجهه ڏينهن ملائشيا گھمڻ آيو هو. ان کي گينٽنگ گھمڻ لاءِ دعوت سندس شاگرد ڏني هئي، جيڪو گينٽنگ هاءِ لينڊ جي ٿيم پارڪ تي هلندڙ مرمت جي ڪم ۾ انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو هو. اهو دوست زوهيب شيخ هالا سنڌ مان آهي. هن جي به اسلامڪ يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪيل آهي ۽ بيچلر جي ڊگري سر سيد يونيورسٽي ڪراچي مان ڪيل اٿس. اها ڳالهه به بيحد خوش آئنده هئي ته ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ سنڌي دوست انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو هو. هن دفعي گينتنگ بجاءِ ٽيڪسي يا رينٽ ڪار ڪرڻ جي بس ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ڪي ايل سينٽرل کان12 بجي نڪتاسين، بس جي ٽڪيٽ 4.50 رنگٽ جي هئي، بس گينٽنگ اسڪاءِ وي ڪيبل ڪار اسٽيشن تائين وٺي وڃي ٿي، جتان وري مٿي وڃڻ لاءِ ڪيبل ڪار يا چيئر لفٽ هلي ٿي جنهن جي ٽڪيٽ 8 رنگٽ جي هئي، اسان کي بس ته اڌ ڪلاڪ ۾ اسڪاءِ ڪيبل اسٽيشن پهچايو، جتي به ڪافي وڏو بس اسٽينڊ، شاپنگ پلازا ٺهيل هئا. اسان کي پلازا جي چوٿين منزل تان ٽڪيٽ به ملي ته ڪيبل ڪار تي به اتان ئي چڙهياسين. وچ تي هڪ اسٽيشن آهي، جتي چائنيز مندر آهي اتي لهي مندر گهمياسين ۽ پوءِ وري ڪيبل ڪار ۾ چڙهي مٿي گينٽنگ هاءِ لينڊس رزارٽ ۽ ڪيسينو سميت ٿيم پارڪ ۽ ۾مختلف شاپنگ پلازا گهمياسين. گينٽنگ هاءِ لينڊس هڪ پوري دنيا آهي، جتي دنيا جي هر مهانگي ۽ ماڊرن شيءِ ميسر آهي، ٻارن ۽ وڏن جي وندر جو به بندوبست آهي ته وري بادلن سان ڀريل پهاڙ جي نظارا ۽ ٿڌ جو احساس به، اهڙي ٿڌ جيڪا ملائشيا جي شهري توڙي ٻهراڙي جي زندگي ۾ اڻ لڀ آهي.