الطاف شيخ جو ملائشيا ۽ اسان جو الطاف شيخ
الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهندي سندس ڪتاب ”ملائشيا ٻارنهن سالن بعد“ پڙهيو جنهن ۾ ملائشيا 12 سال بعد اچڻ وقت هتان جي ماڻهن سان سندس ملاقات، سندن ڪيفيت ۽ دلي لڳاءُ، سندس يادن جي ذڪر ۽ هن ملڪ کي وڌندو ڏسندي، ترقي ڪندو ڏسندي، جيڪي ڳالهيون هن محسوس ڪيون ۽ لکيون آهن، ان مان لڳي ٿو، ڄڻ سنڌ کان پوءِ کيس ڪو پيارو ملڪ آهي ته اهو ملائشيا آهي. کيس جيترو هالا پيارو آهي جتي سندس ننڍپڻ گذريو، ته اتي کيس ايترو ئي پيارو ملاڪا آهي، جتي سندس ٻارن جو ننڍپڻ گذريو. مون کي سندس هي ڳالهيون پڙهي سندس بابت هن مضمون جو عنوان ذهن ۾ آيون نه ته آءُ اهو ته سوچيو هيو ته سائين الطاف شيخ جي ملائشيا جي ڪتابن ۽ ان جي لکڻين مان مليل رهنمائي جي ڪري مٿن هڪ مضمون هن ڪتاب ۾ ضرور لکندس جنهن جو عنوان شايد ”سنڌي نوجوانن جي رهنمائي ڪندڙ الطاف شيخ جا ڪتاب“ رکڻ جو سوچيو هو پر هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هي عنوان ذهن ۾ آيو ”الطاف شيخ جي ملائشيا ۽ اسان جو الطاف شيخ“. ملائشيا هتي جي ماڻهن، شهرن، گھٽين، عمارتن ۽ وڻن سان محبت ۽ سڪ مان اکين ۾ ڳوڙهن جي ڪري پڪ ٿي ته سنڌ سان گڏ ملائشيا به سندس پنهنجو وطن آهي، بلڪل اهڙي ڪيفيت ڏسي مون کي هندستان کان آيل سنڌي اديب ياد آيا جيڪي سنڌ اچي پنهنجا ڇڏيل گھر ڏسڻ مهل روئي پوندا آهن يا پنهنجي روئڻ تي ڪنٽرول ڪندا آهن، ايڏي سڪ ضرور هتي جي زمين سان محبت ڪري ئي هئي الطاف شيخ جي دل ۾. تنهنڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته الطاف شيخ ڀلي سنڌي هجي کيس سڀ کان وڌيڪ الڪو ۽ فڪر ڀلي پاڪستان بابت هجي پر سندس دل ۾ ايڏي ڪشادگي ضرور آهي جو ان ۾ اهي ملڪ جتي هو ويو آهي، جتان گذريو آهي انهن لاءِ وٽس دعا آهي، انهن جي ترقيءَ تي سندس دل ۾ خوشي آهي. اهڙي خوشي، پنهنجائپ، سڪ وٽس شايد سنڌ کان پوءِ ملائشيا جي لاءِ هجي. تنهنڪري مون ضروري سمجهيو ته سندس ڪتاب پڙهان ۽ انهن مان ئي سندس ملائشيا بابت راءِ ئي لکان ۽ سمجهان ته هن ملائشيا ڪيئن ڏٺي ۽ اسان جي اک جو ڪهڙو مشاهدو بيهي ٿو.
الطاف شيخ ملائشيا بابت سندس پيٽارو اسڪول جي پرنسيپل کان ٻڌي ڪري روشناس ٿيو. الطاف شيخ جي ملائشيا جي قوم جي ابي يعني سندن پهرين وزيراعظم سان ملاقات ڪراچي ايئرپورٽ تي سندس ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسيپل سان گڏ ٿي جيڪو تنڪو عبدالرحمان جو ذاتي دوست هو.
الطاف شيخ جو پهريون دفعو اچڻ سال 1968ع ۾ ٿيو، ان وقت ٺيڪ ملائشيا جي آزاديءَ کي پهريون ڏهاڪو پورو ٿيڻ وارو هو ۽ ملڪ تي اڃان تائين تنڪو عبدالرحمان جي ئي حڪمراني هئي. الطاف شيخ جي هتي نوڪري سال 1981ع ۾ ٿي، ان وقت وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد هو، ۽ ملڪ جي لاءِ انتهائي دورانديشي، اڻ ٿڪ محنت ۽ ويزن سان ڪم ڪري رهيو هو. هي اهي ڏينهن هئا جتي ملائشيا وارن کي بهتر مستقبل ڏيڻ لاءِ سندن قيادت هڪ دورانديش ۽ ديانتدار ماڻهو وٽ هئي، جنهن پنهنجي قوم کي نه صرف اهميت ۽ سڃاڻپ پئي ڏني پر کين اهو به سمجهائڻ ۾ ڪامياب ويو ته هي جيڪي ٻاهران استاد، انجنيئر، ڊاڪٽر يا کڻي مزدور هتي اچي ڪم ڪري رهيا آهن اهي نهايت ئي اهم آهن. اسان مٿان هنن جا وڏا احسان آهن، جو اسان وٽ اچي ڪم ڪن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جي بهتريءَ لاءِ اسان وٽ محنت ٿا ڪن، اسين سندن ٿورائتا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت جي ملائشيا جي عام ماڻهن وٽ ٻاهرين ماڻهن لاءِ عزت ۽ احترام وڌيڪ هو، جنهن جو ڪريڊٽ به ان وقت جي حڪمرانن ۽ سندن رويي ڏانهن وڃي ٿو، جن پنهنجي عام ماڻهن ۾ اهڙو شعور پيدا ڪيو. ٻيو ان وقت اڃا ملائشيا جا ماڻهو نه ايڏا خوشحال ٿيا هئا، نه وري انهن وٽ ايڏو اعتماد هو. ان وقت ته اسان جو ملڪ به هنن جي ملڪ کان بهتر هو. ملائشيا وارن وٽ اڃا ڪي گھڻا ٻاهريان ماڻهو به نه هئا پر جيڪي آيا هئا انهن ۾ سندن قوم جو ئي ڀلو هو ان ڪري سندن وٽ ٻاهرين ماڻهن لاءِ هڪ خاص ۽ بهترين رويو هو. پر هاڻي ائين نه آهي هاڻي ملائشيا جو ماڻهو پاڻ کي اسان پاڪستانين، افغانستانين يا وري ايرانين کي ته ڇا پر پاڻ کي عرب مسلمانن کان به بهتر ٿو سمجهي. وڌ ۾ وڌ سعودي عرب يا ڪويت جي ماڻهن کي وري به ڪجهه اهميت ڏيئي ٿو، جو انهن وٽ پيسو گھڻو آهي ۽ اهي اچن ٿا ته جام خرچ ڪن ٿا، باقي کين پاڻ کان عقل ۾ گھٽ سمجهن ٿا. انڪري الطاف شيخ جنهن دؤر ۾ ملائشيا آيو، اها سندس خوش نصيبي به چئبي جو هو ان دؤر ۾ آيو جڏهن ملائشيا جا ماڻهو اڃا مغرور نه ٿيا هئا، جيڏا هاڻي ٿيا آهن، يا وري هاڻي ملائشيا کي ٻاهرين ماڻهن جي هجڻ تي کين اهو احساس ڪونه ٿو ٿئي ته ڪو ٻاهريان ماڻهو سندن ڀلي لاءِ آهن پر هو سمجهن ٿا ته جيڪي هتي نوڪري ڪري رهيا آهن، اهي اسان جي ملڪ جو ناڻو کڻي وڃي رهيا آهن ۽ انهن جي ماڻهن جي جڳهه تي ڪم ڪري رهيا آهن ويندي حڪومت به اها همت افزائي ڪونه ڪري ٿي، ته ڪو ٻاهريان ماڻهو وڌ کان وڌ هتي ادارن ۾ هجن، انڪري رويي ۾ ڪافي سختي اٿن، جنهن ڪري هتان جي حڪومت به عام ملائيشين کي به اهڙو پڪو ڪري ڇڏيو آهي.
اها حقيقت آهي ته قومن جا مزاج ۽ رواج انهن جا حڪمران به ٺاهين ٿا، جنهن جو ڪريڊٽ تنڪو عبدالرحمان، تن رزاق ۽ مهاتير محمد ڏي وڃي ٿو، جن جهنگن ۾ رهندڙ قوم کي جديد شهرن ۾ آڻي آباد ڪيو، کين تعليم ڏني ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ سيکاريو. بهرحال اسان ڳالهه پنهنجي الطاف شيخ بابت پئي ڪئي، سائين الطاف شيخ جنهن دنيا جا سمورا سمنڊ جهاڳيا آهن، تنهن جي دل به اوڏي ئي ڪشادي نظر اچي ٿي، جو کيس هر ملڪ جي خوشحاليءَ تي خوشي ملي ٿي، ته وري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو اونهو به رهي ٿو. مون کي ملائشيا بابت گھمڻ جو خيال تڏهن آيو جڏهن مون سندس سفرنامو ”سنگاپور ويندي ويندي“ پڙهيو هو. جنهن ۾ سنگاپور سميت ملائشيا جو به ڪافي ذڪر آهي. منهنجو هي سفرنامو به سندس ڪتابن جي چيچ پڪڙي لکجي ويو آهي، جنهن لاءِ آءٌ الطاف شيخ کي پنهنجو استاد سمجهان ٿو، ۽ اها به حقيقت آهي ته سائين الطاف شيخ سنڌ جي هر نوجوان جو رهنما آهي. اها به حقيقت آهي ته سائين جي ڪتابن ۾ رواجي سنڌي اديبن واري رومانوي ۽ شاعرانه مزاج، ڊائلاگن کان وڌيڪ ڄاڻ ۽ رهنمائي ڪندڙ جملا هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته کيس ڪنهن ليکڪ سنڌي نوجوانن لاءِ پرائمري استاد جهڙي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. هڪ مزي جي ڳالهه ته منهنجو دوست جيڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ بلڪل به دلچسپي نه رکندو آهي، پر هن جو ملائشيا اچڻ ٿيو، ته مون کيس لنڪاوي وٺي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، ته چيائين: اوڏانهن نه ٿا هلو، پاڻ هلون ٿا الطاف شيخ واري ملاڪا گھمڻ، ته مون کي حيرانگي ٿي ۽ چيومانس ته تو وري ڪڏهن الطاف شيخ کي پڙهيو: ته کلي چيائين: مون سندس ڪتاب پڙهيو ته نه آهي نه وري ڪو سندس ڪالم پڙهيو آهي، پر توهان جهڙن سندس مداحن کان گھڻا ڀيرا ٻڌو آهي، تنهنڪري ملائشيا ايندي اهو ارادو ڪيو هو ته ملاڪا ضرور گھمڻ وڃبو. الطاف شيخ جي لکڻين ۾ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا مون کي وڻندي آهي اها سندس باادب ٻولي آهي، جيڪا مذهب خلاف اجاين مخالف توڙي غير ضروري حمايتي خيالن کان پاڪ آهي، جيڪا وري اسان جي سنڌ جي اڪثر اديبن ۾ ملندي آهي. سندن تنقيد مُلي جي آڙ ۾ مذهب جي خلاف هوندي آهي پر اڪثر سنڌي اديبن جي ڀيٽ ۾ الطاف شيخ جي سمورين لکڻين ۾ هي ٻه عنصر، غير ضروري رومانوي ٿيڻ يا وري هروڀرو مذهب جي خلاف لکڻ واري ڪا به ڳالهه نه ملندي، سچ ته سندس ان ذهني ليول مون کي تمام گھڻو متاثر ڪيو آهي، جنهنڪري سائين الطاف شيخ نه صرف منهنجو پسنديده ليکڪ آهي پر پسنديده انسان به آهي. جنهن کي آءٌ پنهنجو فڪري استاد به سمجهندو آهيان ۽ سندس لاءِ مون وٽ پنهنجي پرائمري جي استاد اميد علي وئينس جيتري عزت آهي.